اسانجن پيارن دوستن کي هون ته سنڌ جون ڊسمبر ۾ ڄمندڙ ۽ مرندڙ کوڙ ساتريون شخصيتون ياد هونديون، پر ڪنهن کي به شايد سنڌ جي هي نياڻي به ياد هجي ۔۔۔!!! ميڊم درشهوار سيد، سنڌ جي صوفي منش نياڻي، نماڻي، خاموش درياهه جيئان سنڌ جي ادب ۽ سنڌ جي مرشد ڀٽائي سڳوري تي تحقيق ۽ ڪتاب ڇپرائيندي رهي ۔۔۔ نه ڏيکا نه پاڻ پڏائڻ ۽ نه وري جي ايم سيد جي ڌي هجڻ جي ڪا وڏائي ۔۔۔ کيس شايد ياد به انڪري نٿو ڪيو وڃي ته هو سنڌ جي عاشق جي ڌي هئي، جنهن سنڌ جي ظالمن کي ظالم چيو ۽ سنڌ جي ڏاهن کي سر تي ويهاريو هو ۔۔۔ رب العالمين سنڌ جي هن نياڻي درشهوار سيد کي جنت ۾ جايون عطا ڪري ۔۔۔ آمين نثار ابڙو ++++++++++++++++++++++++++++ ڊاڪٽر دُرِ شهوار سيد: عظيم رهبر جي عظيم نياڻي اهو ڪنهن ٿي ڄاتو ته 21 هين مارچ 1940 تي ”سن“ جي سيد گهراڻي ۾ جنم وٺندڙ نياڻي اڳتي هلي سنڌ، شاهه لطيف جي پيغام، سيد جي فڪر ۽ سنڌي ادب کي دنيا جي آڏو پنهنجي تحقيق سان پڌرو ڪرڻ لاءِ ڪشالا ڪڍندي ۽ پاڻ پتوڙيندي. جيجي درشهوار کي سن ۾ ابتدائي تعليم ڏيارڻ کانپوءِ سندس علم حاصل ڪرڻ جي شوق کي ڏسي کيس ڪراچي موڪليو ويو، جتي هن سينٽ جوزف ڪاليج ڪراچي مان بي اي 1967ع ۾ ڪئي. فلسفي ۾ ايم اي ڪراچي يونيورسٽي مان 1969ع ۾ ڪئي. فارسي سرٽيفڪيٽ ڪورس سنڌ يونيورسٽي مان 1972ع ۾ ڪيو. ان بعد وڌيڪ تعليم حاصل ڪرڻ لاءِ انگلينڊ وئي، جتي هن ايم اي سائوٿ ايشين اسٽڊيز يونيورسٽي آف انگلينڊ مان 1977ع ۾ ڪئي. فيلڊ آف اسپيشلائيزيشن پي ايڇ ڊي شاهه لطيف جي شاعري تي يونيورسٽي آف ايڊنبرا مان 1984ع ۾ ڪئي. ياد رهي ته جيجي درِ شهوار سيد پهرين سنڌي نياڻي هئي، جنهن شاهه لطيف تي پي ايڇ ڊي ڪئي، جيڪو هڪ تمام وڏو اعزاز آهي. تعليم حاصل ڪرڻ کانپوءِ هتي اچي جيجي 1985 کان 1991ع تائين ليڪچرار ۽ اسسٽنٽ پروفيسر جي عهدن تي فائز رهي. ان کانپوءِ ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه عبداللطيف چيئر جي ڊائريڪٽر به رهي. فنڊن جي شديد کوٽ ۽ حڪومتي تعاون نه هجڻ جي باوجود ان دؤران جيجيءَ پنهنجي تحقيق ۽ لکڻ واري ڪم کي جاري رکيو ۽ چيئر تي هوندي هيٺ ڄاڻايل ڪتاب مرتب ڪيائين ۽ ڇپرايائين: 1. شاهه جو رسالو (اردو، فاسي، انگريزي ۽ عربي ۾ ترجمي تي مشتمل). 2. ڪشف الابيات. 3. شاهه لطيف شاعري اور فڪر. 4. شاهه لطيف جي موسيقي 5. تحقيق جو طريقيڪار 6. شاهه لطيف ڪي ڪهانيان 7. شاهه لطيف جي ببليو گرافي. جيجيءَ جو شمار رڳو سنڌي ادب ۽ زبان جي نامور اديبن ۽ يونيورسٽي جي ماهر تعليم ۾ ئي نٿو ٿئي پر هوءَ وڏي سماج سڌارڪ به هئي. هن ”آل سنڌ وومين ايسوسيئيشن“ ٺاهي جنهن جي پاڻ چيئر پرسن به رهي. ان دؤران جيجي ڪراچي جي ڳوٺن ۾ غريبن لاءِ فلاحي ادارا ٺاهيا ۽ نواب شاهه ضلعي ۾ ٻوڏ جي دؤران متاثرين ۾ سيڌو ورهايو ۽ مفت علاج جون ڪئمپون لڳرايون ۽ ٻيون به ڪافي سماجي خدمتون سر انجام ڏنيون. سائين جي ايم سيد کانپوءِ جيجي ڏاڍي اُداس ۽ ويڳاڻي رهندي هئي ۽ آخر ۾ بيمار رهڻ لڳي نيٺ 26 هين ڊسمبر 1997ع تي لاڏاڻو ڪري وئي. احمد علي تنيو ڪاوش پبليڪيشن جي ٿورن سان
جواب: سنڌ جي گمنام سانئڻ ميڊم درشهوار سيد سائين نثار سلام ڊاڪٽر درشهوار سيد صاحبه جن جي وفات جي تاريخ منهنجي ڊائري ۾ نوٽ هئي ۽ اڄ مان ان تي ويهي ڪجهه لکڻ پئي چاهيو پر سچ پڇو ته منهنجي والد صاحب جي بيماري سبب مان گهڻو ڊسٽرب هوس ۽ ڪجهه لکي ڪونه سگهيس۔ سوچيم ته شام جو ويهي ڪجهه لکندس پر ڪجهه دوستن جي اچي وڃڻ ڪري ۽ وري ڪجهه پنهنجي ڪوتاهين سبب مان سنڌ جي هن عظيم شخصيت تي ڪونه لکي سگهيس۔ ان لاء مان واقعي مياري آهيان۔ ڊاڪٽر درشهوار سيد ان مشهور خاندان جي علمي عظمت سان مالامال هئي جنهن سنڌ لاء پنهنجي جان قربان ڪري ڇڏي ۽ سموري عمر سنڌ لاء وقف ڪئي۔ ڊاڪٽر صاحبه پاڻ انهن چند سنڌي خاتون عالمن مان هڪ هيون، جن علمي جدوجهد ڪئي. مون سندس ۽ سائين جي ايم سيد جي هڪٻئي ڏانهن لکيل خطن تي ٻڌل ڪتاب ”ڏونگر سي ڏورينديون“ پڻ پڙهيو آهي جنهن ۾ ڪيڏي وڏي ڪمال سان سائين جي ايم سيد سندس رهنمائي ڪري سندس پي ايڇ ڊي ٿيسز ۾ مدد ڪئي آهي۔
جواب: سنڌ جي گمنام سانئڻ ميڊم درشهوار سيد ڊاڪٽر درشهوار سيد جي باري ۾ صرف ٻڌو هيم اڄ تفصيل سان پڙهي معلومات ۾ اضافو ٿيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔
جواب: سنڌ جي گمنام سانئڻ ميڊم درشهوار سيد سائين نثار صاحب مرحومه ڊاڪٽر صاحبه جي باري ۾ هي ليک ونڊڻ لا اوهان جي مهرباني ڌڻي اوهان کي خوش رکي۔
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’ ڀٽائي جي اٺين سورميجيجي در شهوار جو وڇوڙو واقعي به سنڌ جي عاشقن لاءِ ايذائيندڙ آهي .ڀٽائيءَ جيتوڻيڪ ستن سورمين کي نشانبر ڪيو پر جيڪڏهن ڀٽائي هن وقت موجود هجي ها ته هوند هن وٽ جيجي درشهوار ”اٺين سورمي“ جو درجو رکي ها پر جيئن ته اسان وٽ نه ڀٽائي آهي ۽ نه وري سورمين کي سڃاڻيندڙ ۽ پروڙيندڙ ماڻهو آهن، جي آهن ته انهن جي اکين تي انڌ جي عينڪ چڙهيل آهن، انهن کي پاڻ وڻائڻ، پاڻ پڏائڻ ۽ جي حضوري لاءِ بي نظير ته ياد هوندي ۽ رهندي ۽ ان (بي نظير) کي ڀٽائي جي اٺين سورمي سميت الائجي ڪيترن لقبن سان نوازيو هوندو پر جيجي درشهوار هنن کي ياد ئي نه هوندي.ئ
’’’’’’’’’’’’’’’’’’’’ ڀٽائي جي اٺين سورميجيجي در شهوار جو وڇوڙو واقعي به سنڌ جي عاشقن لاءِ ايذائيندڙ آهي .ڀٽائيءَ جيتوڻيڪ ستن سورمين کي نشانبر ڪيو پر جيڪڏهن ڀٽائي هن وقت موجود هجي ها ته هوند هن وٽ جيجي درشهوار ”اٺين سورمي“ جو درجو رکي ها پر جيئن ته اسان وٽ نه ڀٽائي آهي ۽ نه وري سورمين کي سڃاڻيندڙ ۽ پروڙيندڙ ماڻهو آهن، جي آهن ته انهن جي اکين تي انڌ جي عينڪ چڙهيل آهن، انهن کي پاڻ وڻائڻ، پاڻ پڏائڻ ۽ جي حضوري لاءِ بي نظير ته ياد هوندي ۽ رهندي ۽ ان (بي نظير) کي ڀٽائي جي اٺين سورمي سميت الائجي ڪيترن لقبن سان نوازيو هوندو پر جيجي درشهوار هنن کي ياد ئي نه هوندي.
سنڌ ڌرتي جي رهبر، سنڌ جي سچي عاشق محترم سائين جي ايم سيد جي هن بهادر نياڻي جي عظمت کي عظيم خراج عقيدت پيش ڪيون ٿا۔ سندس جي خدمتن تي اڄ جي سنڌ جي نياڻين کي پي ايڇ ڊي ڪرڻ گهرجي۔
اڄ جيجي در شھوار جي ورسي آھي ـ سھيل ميمڻ سائين جي ايم سيد جي نياڻي درِ شهوار سيد جي وفات کي 21 (ھاڻي 22 ) سال ٿي ويا آهن پر پوءِ به سندس نالو سنڌ جي انهن ڪردارن جي لسٽ ۾ اچڻ سبب جن سنڌ لاءِ ڪو نه ڪو پورهيو ڪيو آهي، سنڌ واسين کان نٿو وسري. ڊاڪٽر درِ شهوار سيد کي ياد رکڻ جو سبب اهو ناهي ته هوءَ عاشق سنڌ سائين جي ايم سيد جي نياڻي هئي پر کيس ياد رکڻ جو سبب سندس ذاتي علمي ادبي پورهيو آهي، جنهن ۾ سڀ کان وڏو ڪم سنڌ جي اُن ”پهرين نياڻي هئڻ“ جو شرف حاصل ڪرڻ آهي، جنهن شاهه لطيف جي فڪر ذريعي سنڌ جي صوفين جي پيغام هيٺ ”شاهه لطيف جي شاعريءَ تي ويدانيت جو اثر“ واري موضوع تي انگلينڊ مان ڊاڪٽريٽ جي ڊگري حاصل ڪئي. ڊاڪٽر درِ شهوار سيد جو ڊاڪٽريٽ جي اها ڊگري حاصل ڪرڻ کان وڏو ڪارنامو اهو آهي ته هن جنهن وقت، جنهن سماج ۾، جنهن پيراڻي ۽ سيد خاندان ۾ جنم وٺڻ بعد اها ڊگري حاصل ڪئي، اهو تقريبا ناممڪن ڪم هو، ڇاڪاڻ جو 1967ع ۾ بي اي پاس ڪرڻ کانپوءِ پاڻ پوسٽ گريجوئيشن ڪرڻ جي لاءِ ڪراچي يونيورسٽيءَ مان 1969ع ۾ ايم اي فلاسافي جي ڊگري حاصل ڪيائين ته درِ شهوار جي وڌيڪ پڙهڻ تي خانداني طور تي وڏا اعتراض ڪيا ويا، پر سندس والد سائين جي ايم سيد سڀني اعتراضن ۽ ڳالهين کي نظرانداز ڪري کيس اڳتي پڙهايو. جيجي درِ شهوار اڃان ايم اي جي ڊگري نه ورتي هئي ته سائين جي ايم سيد کيس انهيءَ ڳالهه تي راضي ڪيو ته کيس پي ايڇ ڊي ڪرڻي آهي. پوءِ پاڻ جيئن ئي ايم اي پاس ڪيائين ته سائين جي ايم سيد کيس سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ داخل ڪرايو. هن 1972ع ۾ سنڌ يونيورسٽي مان فارسي جو سرٽيفڪيٽ ڪورس ڪيو، جيئن فارسي شاعري جو مطالعو ڪري ايران ۽ سنڌ جي صوفي ڪلچر جي ڀيٽ ڪري سگهي. ڪجهه وقت سنڌ يونيورسٽيءَ ۾ رهڻ ۽ اتي تعليمي ماحول نه هئڻ ۽ ان جي معيار جو ڪو عالم استاد نه هئڻ سبب پاڻ انهيءَ جي شڪايت پنهنجي والد سان ڪيائون. نيٺ سائين جي ايم سيد کيس 1974ع ۾ لنڊن موڪليو ته جيئن اتي وڃي شاهه عبداللطيف ڀٽائيءَ تي پي ايڇ ڊي ڪري. مان انهن معاملن جو اکين ڏٺو شاهد آهيان ته سنڌ ۾ سائين جي ايم سيد جي جيڪا ماني ۽ مهمان نوازي مشهور آهي، ان ۾ سڀ کان وڏو هٿ، ڪردار ۽ محنت سائين جي ايم سيد جي نياڻين جيجي زرين تاج، جيجي شمع ايمن ۽ جيجي ڊاڪٽر در شهوار جو آهي. جن رات ڏينهن، گرمي سردي، ماني جو وقت هجي نه هجي، سال جا ٻارنهن ئي مهينا پنهنجي گهر جي چُلهه بند ٿيڻ نه ڏني. ان وقت نه گيس هوندو هو، نه بجلي، چويهه ئي ڪلاڪ سائين جو باورچي خانو آباد هو ۽ ٻين مددگار عورتن سان گڏ اهي نياڻيون پاڻ ڪم ڪنديون هيون. ڪو ڏينهن خالي نه هو، جڏهن سن ۾ اجلاس نه هجن، ڪا ميٽنگ نه هجي يا ڪو مهمان نه هجي. سنڌ جا ٿڪل ٽُٽل، بکايل قومي ڪارڪن، ليڊر ۽ ٻيا مهمان جڏهن سن پُڄندا هئا ته سائين انهن کي سڀ کان پهريان ماني کارائيندو هو ۽ سالن جا سال لکين ڪارڪنن، اڳواڻن ۽ مهمانن جي مهمان نوازي ۾ سيد جي انهن نياڻين پنهنجي پوري زندگي سنڌ جي پتنگن کي پنهنجي اولاد جيان ايڏي ذميواري سان کارايو پياريو جو لڳ ڀڳ هڪ صدي ڪڏهن ڪنهن نه ٻڌو هوندو ته سائين جي ايم سيد جي تڏي تي کاڌي پيتي جي ڪا گهٽتائي جي شڪايت آئي هجي. سائين جي ايم سيد جي آخري بيماري ۽ وفات کان پوءِ جي تاثراتي ڪتاب ”سي ڪيئن وساريا“ کي مون جيجي در شهوار جي رهنمائي ۾ ئي مرتب ڪيو. جيجي ان جا پيش لفظ به لکيا، ڪتاب جو نالو به پاڻ ئي ڀٽائيءَ جي بيت مان کڻي رکيائين ۽ ڇپائڻ جا پئسا به ڏنائين. جيجي جو شاهه لطيف تي تمام گهڻو ڪم ٿيل آهي، خاص ڪري شاهه جي رسالي کي سنڌ جي مشهور صداڪار صالح محمد شاهه کان آڊيو ڪرائڻ لاءِ سندس شروع ڪيل ڪم، جيڪو هن ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر جي سربراهه هجڻ دوران ڪيو هو، سو پراجيڪٽ ڪٿي پهتو، پورو ٿيو يا ختم ٿي ويو؟ ان جي خبر ڪراچي يونيورسٽي ۾ شاهه لطيف چيئر وارن کي هوندي، باقي سنڌ جي نياڻين کي خاص ڪري جيجي در شهوار جي ڪم تي پي ايڇ ڊي ضرور ڪرڻ گهرجي. سنڌ جي هيءَ سدوري ڌيءَ 26 ڊسمبر 1997ع تي ڪراچي ۾ گذاري وئي، کيس سن ۾ پنهنجي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويو. ( نوٽ ـ ڪاوش 26/12/2018 ـ ) memonsuhail@hotmail.com