ڊائريڪٽر، ليکڪ ۽ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جي چيئرمين محترم حميد ڀٽو کي سنڌ سلامت سٿ پاران سندس جنم ڏينهن تي واڌايون پيش ڪجن ٿيون
حميد ڀٽو : سنڌ جي هڪ گهڻ رخي شصيت
محمد سليمان وساڻ
حميد ڀٽو 6 جولاء 1969ع تي گجڻ پور محله نئون ديرو ضلعي لاڙڪاڻي ۾ عبدالمجيد ڀٽو جي گهر ۾ جنم ورتو. گريجوئيشن تائين لاڙڪاڻي ۾ پڙهيو جڏهن ته شاهه عبداللطيف يونيورسٽي خيرپور مان ايم اي سوشيالاجي ۾ ڪيائين.
هو ننڍي هوندي کان ئي سياسي ، سماجي ۽ آرٽ سان واڳيل رهيو. اسڪول جي خاڪن ۽ ٿيٽرن ۾ ڪم ڪرڻ سان گڏ فنڪارن جي تنظيم ڪاري طرف به ڌيان ڏيندو رهيو. 1988ع ۾ شاهه اسد سان گڏ پهريون دفعو فنڪارن لاء سنڌ فنڪار تنطيم جو بنياد وڌائين. ان کانپوء هن ڄڻ ته پاڻ کي سنڌ جي فنڪارن لاء وقف ڪري ڇڏيو. هو لاڙڪاڻي ۾ ناٽڪ ، ٿيٽر ۽ موسيقي جي پروگرامن جي ترتيب ۽ تنظيم ڪندو رهيو. 1991ع ۾ لاڙڪاڻي ۾ سنڌ فنڪار ويلفيئر ٽرسٽ جو بنياد وڌائين. 1997ع ۾ ڪراچي آيو ۽ هتي اچڻ جو مقصد به فنڪارن لاء تنظيم ڪاري هيس. ان کانپوء مسلسل ان تنظيم جو صدر ۽ وري چيئرمين چونڊبو رهيو آهي. هن تنظيم جي پليٽ فارم تان ڪيترن ئي فنڪارن جي سهائتا، حڪومتي ۽ نجي ادارن کان سهائتا ڪرڻ ۽ فنڪارن کي اوارڊ ڏيڻ جا پروگرام ڪندو رهيو آهي.
حميد ڀٽو پاڻ هڪ سٺو اداڪار، ڪمپيئر ۽ ڊائريڪٽر پڻ آهي. هو ڊرامه ليکڪ به آهي. سندس ڊرامه سنڌ ٽي وي، پي ٽي وي. هن ڪيترن ئي آديو ڪيسيٽن جي ڪمپي.رنگ پڻ ڪئي اهي. سندس هڪ ٻي سڃاڻ آهي هڪ صحافي ۽ ڪالم نگار جي. هو ڪيترين ئي اخبارن ۽ چينلن سان گڏ ريڊيو پاڪستان سان پڻ لاڳاپيل رهيو آهي. جتي رپورٽنگ، ليکڪ، ڪمپيئرنگ سان گڏ فنلڪارن تي ڪيل سندس پروگرام يادگار آهن.
حميد ڀٽو منهنجي نظر ۾ جستجو ، سچائي ۽ خلوص جو ٻيو نالو آهي. سندس لاء دعا آهي ته سنڌ جو هي ڀلوڙ ۽ پُر خلوص انسان سدا خوش رهي ۽ هي جنم ڏينهن سندس زندگيء ۾ اڻ مَيون خوشيون ۽ بهار کڻي اچي.
آخري ترميم: