معصوم سنڌي
سينيئر رڪن
ڌرتي ڌڪاڻن جي درد کي زبان ڏيندڙ خورشيد قائم خاني وڇڙي ويو
خانا بدوش قبيلن تي ڊگهي عرصي کان کوجنا ڪندڙ محقق ڪراچي اسپتال ۾ دم ڏنو
سندس مڙهه ٽنڊي الهيار نيو ويو، اڄ آخري رمسون ادا ڪيون وينديون
1660 اٽيچمينٽ ڏسو
سنڌ جي ڌرتي ڌڪاڻن ۽ خانا بدوش قبيلن تي ڊگهي عرصي کان کوجنا ڪندڙ ۽ 22 ڪتابن جو خالق نالي وارو اديب ۽ محقق خورشيد قائم خاني هميشه لاءِ وڇڙي ويو، خورشيد قائم خاني ٻن مهينن کان بيمار هو، کيس وڌيڪ تڪليف سبب پهرين جنوري تي ڪراچي جي الشفا اسپتال ۾ داخل ڪيو ويو، جتي گذريل ڏينهن لاڏاڻو ڪري ويو، سنڌ جي گهڻ رخي اديب ۽ محقق خورشيد قائم خاني جو مڙهه ٽنڊي الهيار نيو ويو، جتي اڄ آخري رسمون ادا ڪيون وينديون نالي وارو محقق، اديب ۽ ڪالم نگار خورشيد قائم خاني 1933ع ڌاري ڀارتي راجسٿان جي هڪ ڳوٺ ۾ ڄائو، پيءُ انگريز آرمي ۾ سپاهي هو، 1946ع ۾ ماڌو سنگهه اسڪول ۾ پرائمري تعليم حاصل ڪيائين، ننڍي کنڊ جي ورهاڱي بعد هن جا وڏا سنڌ جي ٽنڊي الهيار شهر ۾ لڏي آيا، 1948ع ۾ ميونسپل اسڪول ٽنڊي الهيار مان مڊل ۽ 1951ع ۾ نور محمد هاءِ اسڪول مان ميٽرڪ ڪيائين، انٽر ڪاري موري ڪاليج حيدرآباد ۽ گريجوئيشن ملٽري اڪيڊمي ڪاڪول مان ڪيائين، فوج ۾ ميجر جي عهدي تي هو، ذوالفقار علي ڀٽي جي دور ۾ بنگالين جي نسل ڪُشي تي احتجاجن تڏهوڪي جنرل اي ڪي نيازي کي استعيفا پيش ڪري ٽنڊي الهيار موٽي آيو، خورشيد قائمخاني لکڻ جي ابتدا انگريزي اخبار اسٽار ۾ ”راما پير“ تي ڪالم لکي ڪئي، هن 22 ڪتاب لکيا، جن مان ڪجهه ترجمو پڻ آهن. انهن ۾ سپيان اور پٿر، ڀٽڪتي نسلين، سپنون ڪا ديس، رني ڪوٽ ڪا قلعه، ڍول مارو، ماروي ڪي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن، هن خديجه گوهر جي ڪتاب ”اميدون ڪي فصل“ جو ترجمو پڻ ڪيو.