
نور محمد لاشاري : فن جو ديوتا (ورسيء تي ڀيٽا)
فلم، ٽي وي جي اداڪار ۽ صداڪار نور محمد لاشاري جي وڇوڙي کي 16 سال مڪمل ٿي ويا آهن. نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931 تي سيوهڻ ويجهو ڪوٽ لالو لاشاري ۾ جنم ورتو ۽ هن شروعاتي تعليم بوبڪن مان حاصل ڪئي. نور محمد لاشاري کي پي ٽي وي جي اڳوڻي جي ايم عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي متعارف ڪرايو. هن ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا، جن مان سندس ڊرامي دنگي منجهه درياءَ کي جرمني فيسٽيول ۾ٽيون نمبر مليو. نور محمد لاشاري ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن 1960 ۾ راڳي طور آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ کيس ناڪامي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ هن صداڪاري شروع ڪئي. نور محمد لاشاري پهرين فيبروري 1997ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ آهي.
حقيقت پسندي تي مبني سندس ڪردار ورلي ئي ماڻهن کان وسرندا، دنگي منجه درياء، ديوارين، بدلتي موسم ۽ ڪيترائي ٻيا ڊراما جيڪي اسان کان نه وسرندا، نور محمد لاشاري کي اڄ ڀلي دنيا وساري ڇڏي پر جن کيس هڪ دفعو اداڪري ڪندي ڏٺو سي کيس ڪٿي ٿا وساري سگهن.
_____
نور محمد لاشاري : فن جي عروج جي علامت
فدا حسين شاھه
سنڌ ۾ ثقافتي لاڙي کي تقويت پھچائڻ جو وڏو ۽ بنيادي عنصر موھن جي دڙي جي ٿيل کوٽائيءَ مان ظاھرٿئي ٿو. ناچڻي مور تيءَ کان وٺي ھر انھيءَ شيءِ ۾ جمالياتي حسن ۽ ثقافتي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪا موھن جي دڙي مان دريافت ٿي. ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته اھو انسان ئي ڪونھي، جنھن ۾ سُر ۽ ثقافت جي خوشبوءِ نه ھجي. سو سنڌ جي عظيم فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اھڙي خوشبو ھئي، جيڪا نه صرف فني قدردانن کي موھت ڪندي ھئي پر مرحوم نور محمد لاشاري سان ھڪ ڀيرو ڪچھري ڪندڙن کي به احساس ٿيندو ھو ته ھو مڻيادار ماڻھو ھو، ھن ۾ سنڌ جي خوشبو ھوندي ھئي، جيڪا انگريزي چواڻي جيان ”It Speaks itself“(اھا پاڻ ڳالھائيندي آھي). مرحوم طارق اشرف جي رسالي ”سھڻي“ جو ٻيو جنم جڏھن شروع ٿيو ته مون اُن ۾ شو بزنس لاءِ لکڻ شروع ڪيو.ننڍپڻ کان ئي دل جي دريءَ تي پي . ٽي . وي .جو ناٽڪ سڀا حاوي ھوندو ھو. ان وقت سيٽلائيٽ چينل نه ھئا. ناٽڪ سڀا جا بليڪ ائنڊ وائيٽ ڊراما ۽ انھن ۾ نور محمد لاشاري جي فني اڏام جا مختلف روپ دل جي اڱڻ تي مور بڻجي نرت ڪندا ھئا. ھن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو ھو.انھن ڊرامن ۾ علي بابا جو ”دنگي منجھه دريا“ به ھو، جنھن ۾ لاشاري ۽ جيجي زرينه بلوچ انھيءَ معيار جي اداڪاري ڪئي ھئي، جھڙي نصيرالدين شاھه ۽ شبانه اعظمي، شيام بينيگل جي فلم ”پار“ ۾ پرفارمنس ڏني ھئي. نصير ۽ شبانه کي انھيءَ فلم تي نيشنل ايوارڊز مليا، پر نور محمد لاشاري ۽ زرينه بلوچ کي سموري سنڌ جي ماڻھن پنھنجي من ۾ فن جي سڳنڌ سمجھي سانڍي ڇڏيو.سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامي کي اڄ به اھا حيثيت نه ملي سگهي آھي، جنھن جو سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامو مستحق آھي، پر پوءِ به عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا مرحوم جھڙن ماڻھن جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو آھي جو سنڌي ڊرامو ۽ سنڌي موسيقي اڄ به قائم آھن.
نور محمد لاشاري عام زندگي ۾ استاد ھو، پر ھن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ سنڌ جي ھر گهر ۾ ٽي. وي ڊرامن ذريعي سنڌ جي ڏکويل ماڻھن جا ڏک، پنھنجي فن جي عروج سان ونڊيا. عبدالقادر جوڻيجي جي ”ديوارن“ لاشاري کي نيٽ ورڪ تي اھا حيثيت ڏني، جيڪا مغرب ۾ گريگري پيڪ، انٿوني ڪوئن، رابرٽ ڊي نائرو، سين ڪونري کي آھي. ھو مڪمل طرح سان ڪيمرا جو ماڻھو ھو. ڪيمرا آن ٿيندي ئي ھوآن ٿي ويندو ھو. ديوارين کان وٺي عبدالقادر جوڻيجي جي ئي ”بدلتي موسم“ تائين ھن فن جي عظمت جا سڀ جھنڊا جھولايا. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات 1991ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ يار محمد شاھه جي ڪرايل سنڌي فلمن جي ميڙي تي ٿي ھئي، جتي فن جي عظيم شخصيت ۽ ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن جو ھيرو حسين علي شاھه فاضلاڻي پڻ آيل ھو. جنھن مھل فاضلاڻي اندر داخل ٿيو ته لاشاري يڪدم ادب ۾ اٿي بيٺو ۽ فاضلاڻي صاحب سان جھڪي نھايت پيار سان مليو. اتي محمود صديقي، منظور مراد، شاھه اسد، ايم .اي . راجا پڻ موجود ھئا. نور محمد لاشاري سان اتي پھريون دفعو مون ويڊيو تي انٽرويو ريڪارڊ ڪيو، جنھن ۾ ھن سنڌي فلمن جي بحران ۽ ٽي وي ڊرامي تي ڳالھايو.

نور محمد لاشاري کي صرف سندس لافاني فن جي ڪري ڊرامي ۾ رول ملندو ھو. عبدالقادر جوڻيجي ”راڻي جي ڪھاڻي“ جو رول خاص ڪري ھن لاءِ لکيو ھو ۽ بقول جوڻيجي صاحب جي ته ”لاشاري منھنجي توقع کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو.“ انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھن ٽنڊي آدم ۾ پھرين ملاقات ۾ مون کي چيو ھو ته ٻيلي شاھه صاحب، تون شو بزنس ۾ سنڌ جو پھريون ماڻھو آھين، انھيءَ جي پارت ھجنئي. اھو واحد موضوع آھي، جنھن کي خدا جو شڪر آھي ته ھاڻ مرج ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي .
انور مقصود جي گهر شبانه اعظمي جي مان ۾ ڊنر ڏني وئي ھئي. اتي انڊيا جي عظيم فنڪاره شبانه ڪچھري ۾ ٻڌايو ته ”ديوارين ۾ مون کي نور محمد لاشاري جي اداڪاري ڇرڪائي ڇڏيو، ھن جي اداڪاري ۾ غضب جي اصليت آھي.“ اھا ڳالھه ٻڌي الائجي ڇو منھنجيءَ دل ۾ نور محمد لاشاري لاءِ عقيدت بي اختيار وڌي وئي، ڇو ته اھا ڳالھه ھڪ اھڙي عورت چئي رھي ھئي، جيڪا پاڻ فن جي ديوي آھي. نور محمد لاشاري سان اڪثر پوءِ ڪراچي ٽي .ويءَ تي ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. ھو پنھنجي غريباڻي اسڪوٽر تي ٽي . وي سينٽر ايندو ھو. ھڪ ڀيرو بيدل مسرور سان سيٽ تي ويس ته ”ناٽڪ رنگ“ جو ڊرامو رڪارڊ ڪيو پئي ويو. سيٽ تي نور محمد لاشاري ۽ روشن عطا ويٺا ھئا. لاشاري جي طبيعت صحيح نه ھئي. سين جي گهرج مطابق لاشاري کي پوري سيٽ جو چڪر ڪاٽي اچڻو ھو. بيدل مسرور پوري انھيءَ سين لاءِ پنج ڇھه ڀيرا لاشاري کان ري ٽيڪ ڪرايو. ھلندي ھلندي لاشاري پگهرجي ويو. آخري ڀيرو جڏھن بيدل او. ڪي چيو ته لاشاري بي اختيار چيو ته بيدل صاحب ڏس اڃا به شاٽ صحيح نه ھجي ته وري ڪريون. ان مھل گهڻو ھلڻ ڪري ھو سھڪي رھيو ھو، پرکيس اھو فڪر ھو ته شاٽ صحيح ٿئي. مون مرڪي چيو مانس ته ”لاشاري صاحب، ھڪ شاٽ پگهرائي ڇڏيو“ ته پاڻ چيائين ته ”سائين اسين ته معمول فنڪار آھيون، ھتي وڏن وڏن جو پگهر ڪونه بيھندو آھي.“ ھڪ دفعي سائره ڪاظمي سان ڪچھري ويٺي ڪيم ته لاشاري اندر داخل ٿيو. سائره احترام ۾ اٿي بيٺي پاڻ نھايت پيار سان سائره کي مٿي تي ھٿ رکي پڇيائين ”منھنجي امڙ، خوش تو ھو.“ نه صرف پر ڪراچي ٽي .وي جي پي. آر .او غزاله يا سمين لاشاري لاءِ چئي ٿي ته ھو اسان جو روحاني پيءُ ھو. ڪاريڊور ۾ ڪا به ڇوڪري ڏسندو ته لاشاري انھيءَ جي مٿي تي ھٿ رکي شفقت سان خير عافيت دريافت ڪندو. اھا ھن جي شخصي انفراديت ۽ ماڻھپو ھو، جنھن جي ڪري ھرننڍي وڏي وٽ ھن عزت ھئي. جيتوڻيڪ ڪراچي ٽي . وي تي به سنڌي فنڪارن لاءِ ڏکيا روَيا آھن پر نور محمد لاشاري، مدبر رضوي اسڪرپٽ ايڊيٽر کان وٺي فاطمه بجيا سان ڀاڪري پائي ملندو ھو. روبينه اشرف ھن جو ذڪر ڪندي روئي ٿي ۽ چوي ٿي ته لاشاري صاحب ائين قرب ڏيندو ھو، جو محسوس ٿئي ٿو ته ھن دور ۾ اھڙا قربائتا ماڻھو ٿورا ھوندا آھن. مشي خان مون کي ٻڌايو ته لاشاري ٽي . وي تي واحد اھڙو ماڻھو آھي، جنھن جي اکين ۾ ٻين لاءِ شفقت ۽ چپن تي دعائون ھونديون آھن. ھن جي وفات سان پي . ٽي . وي يتيم ٿي ويئي آھي. اسان وٽ فنڪار جي وفات کان پوءِ شايد اھڙائي مضمون لکڻ اسان جي عادت بڻجي وئي آھي، ڇو ته انھيءَ کان وڌيڪ اسان ۾ ايتري ته ساڃاھه رھي نه آھي جو ڪنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ھن کي رويي جي خوشبوءَ سان سرشار ۽ مسرور ڪريون. نور محمد لاشاري جھڙو رويو به ھر ڪنھن وٽ نه آھي، جو پريا ڏسندين ڀاڪر پائي چوندو ھو ته ”منھنجا سڄڻ، منھنجا ڍولڻ ، بابلا.“ اھڙا مٺا لفظ ٻڌڻ کان اھي سڀ ماڻھو مون سميت محروم رھجي ويا آھن ۽ فني تسڪين جي به اھا ڪنڊ خالي ٿي وئي آھي. جنھن ۾ لاشاري جي ڊرامن ڪري ٻھڪاءُ محسوس ٿيندو ھو. اسين فنڪارن ۾ خود ڪفيل آھيون پر نور محمد لاشاري جي جاءِ ھميشه خالي رھندي. 30سالن کان وٺي فني سگهه جي علامت ھوندي به ھو بنگلي ۽ موٽرجو مالڪ نه بڻجي سگهيو. مغرب ۾ ھڪ فلم ۾ ڪم ڪري فنڪار ارب پتي ٿيو وڃن پر نورمحمد لاشاري کي ڪڏھن به پئسو حاصل ڪرڻ جو شوق نه رھيو. ھو انھيءَ ۾ ضرور خوش ٿيندو ھو. اسين ته سندس پرفارمنس تي ڀرپور تبصروڪيو وڃي. شايد ھرسٺي فنڪارلاءِ اھوئي بنياد ھوندو آھي. ھن وٽ ته ڪراچي ۾ جاءِ مسواڙ جي ھئي. غربت ھوندي به ھن جو شمار امير فنڪارن ۾ ٿيندو رھندو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن جا گهڻا ڊراما ٽي .وي تي يا ويڊيو تي محفوظ نه آھن. جڏھن ته انڊيا جي اداڪاري جي درسگاھن ۽ ادارن ۾ نور محمد لاشاري جا کوڙ اردو ۽ سنڌي ڊراما رکيل آھن، پار پاڻ وٽ صرف ڪجھه ڏينھن تائين فنڪار جي موت تي افسوس ڪيو وڃي ٿو. ممتاز .مرزا ويو، نور محمد لاشاري ويو، محمد يوسف ويو، سرمد سنڌي به ويو، سنڌ جي ثقافتي شوڪيس کي موت ھڻي خالي ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ کي فني طور تي جرڪائڻ جي ايتري ساڃاھه ڪٿان ايندي جي اھڙا موتي وري پيدا ٿي سگهن. واقعي ٽي . وي جو ڊرامو لاشاري جي وفات کان پوءِ يتيم ٿي ويو آھي.
مهراڻ تان ورتل