نور محمد لاشاري : فن جو ديوتا (ورسيء تي ڀيٽا)

'سنڌي شخصيتون' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏1 فيبروري 2013۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي

    [​IMG]


    نور محمد لاشاري : فن جو ديوتا (ورسيء تي ڀيٽا)


    فلم، ٽي وي جي اداڪار ۽ صداڪار نور محمد لاشاري جي وڇوڙي کي 16 سال مڪمل ٿي ويا آهن. نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931 تي سيوهڻ ويجهو ڪوٽ لالو لاشاري ۾ جنم ورتو ۽ هن شروعاتي تعليم بوبڪن مان حاصل ڪئي. نور محمد لاشاري کي پي ٽي وي جي اڳوڻي جي ايم عبدالڪريم بلوچ ٽي وي تي متعارف ڪرايو. هن ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا، جن مان سندس ڊرامي دنگي منجهه درياءَ کي جرمني فيسٽيول ۾ٽيون نمبر مليو. نور محمد لاشاري ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪيو ۽ هن 1960 ۾ راڳي طور آڊيشن ڏنو، جنهن ۾ کيس ناڪامي حاصل ٿي، جنهن کانپوءِ هن صداڪاري شروع ڪئي. نور محمد لاشاري پهرين فيبروري 1997ع ۾ وفات ڪري ويو، جنهن جي آخري آرامگاهه ڪراچي جي منگهو پير واري علائقي ۾ آهي.

    حقيقت پسندي تي مبني سندس ڪردار ورلي ئي ماڻهن کان وسرندا، دنگي منجه درياء، ديوارين، بدلتي موسم ۽ ڪيترائي ٻيا ڊراما جيڪي اسان کان نه وسرندا، نور محمد لاشاري کي اڄ ڀلي دنيا وساري ڇڏي پر جن کيس هڪ دفعو اداڪري ڪندي ڏٺو سي کيس ڪٿي ٿا وساري سگهن.

    _____
    نور محمد لاشاري : فن جي عروج جي علامت
    فدا حسين شاھه


    سنڌ ۾ ثقافتي لاڙي کي تقويت پھچائڻ جو وڏو ۽ بنيادي عنصر موھن جي دڙي جي ٿيل کوٽائيءَ مان ظاھرٿئي ٿو. ناچڻي مور تيءَ کان وٺي ھر انھيءَ شيءِ ۾ جمالياتي حسن ۽ ثقافتي موجودگيءَ جو احساس ٿئي ٿو، جيڪا موھن جي دڙي مان دريافت ٿي. ڪنھن ڏاھي چيو آھي ته اھو انسان ئي ڪونھي، جنھن ۾ سُر ۽ ثقافت جي خوشبوءِ نه ھجي. سو سنڌ جي عظيم فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اھڙي خوشبو ھئي، جيڪا نه صرف فني قدردانن کي موھت ڪندي ھئي پر مرحوم نور محمد لاشاري سان ھڪ ڀيرو ڪچھري ڪندڙن کي به احساس ٿيندو ھو ته ھو مڻيادار ماڻھو ھو، ھن ۾ سنڌ جي خوشبو ھوندي ھئي، جيڪا انگريزي چواڻي جيان ”It Speaks itself“(اھا پاڻ ڳالھائيندي آھي). مرحوم طارق اشرف جي رسالي ”سھڻي“ جو ٻيو جنم جڏھن شروع ٿيو ته مون اُن ۾ شو بزنس لاءِ لکڻ شروع ڪيو.ننڍپڻ کان ئي دل جي دريءَ تي پي . ٽي . وي .جو ناٽڪ سڀا حاوي ھوندو ھو. ان وقت سيٽلائيٽ چينل نه ھئا. ناٽڪ سڀا جا بليڪ ائنڊ وائيٽ ڊراما ۽ انھن ۾ نور محمد لاشاري جي فني اڏام جا مختلف روپ دل جي اڱڻ تي مور بڻجي نرت ڪندا ھئا. ھن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو ھو.انھن ڊرامن ۾ علي بابا جو ”دنگي منجھه دريا“ به ھو، جنھن ۾ لاشاري ۽ جيجي زرينه بلوچ انھيءَ معيار جي اداڪاري ڪئي ھئي، جھڙي نصيرالدين شاھه ۽ شبانه اعظمي، شيام بينيگل جي فلم ”پار“ ۾ پرفارمنس ڏني ھئي. نصير ۽ شبانه کي انھيءَ فلم تي نيشنل ايوارڊز مليا، پر نور محمد لاشاري ۽ زرينه بلوچ کي سموري سنڌ جي ماڻھن پنھنجي من ۾ فن جي سڳنڌ سمجھي سانڍي ڇڏيو.سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامي کي اڄ به اھا حيثيت نه ملي سگهي آھي، جنھن جو سنڌي فنڪار ۽ سنڌي ڊرامو مستحق آھي، پر پوءِ به عبدالڪريم بلوچ ۽ ممتاز مرزا مرحوم جھڙن ماڻھن جي ذاتي ڪاوشن جو نتيجو آھي جو سنڌي ڊرامو ۽ سنڌي موسيقي اڄ به قائم آھن.

    نور محمد لاشاري عام زندگي ۾ استاد ھو، پر ھن سنڌ جي ڪنڊڪڙڇ ۽ سنڌ جي ھر گهر ۾ ٽي. وي ڊرامن ذريعي سنڌ جي ڏکويل ماڻھن جا ڏک، پنھنجي فن جي عروج سان ونڊيا. عبدالقادر جوڻيجي جي ”ديوارن“ لاشاري کي نيٽ ورڪ تي اھا حيثيت ڏني، جيڪا مغرب ۾ گريگري پيڪ، انٿوني ڪوئن، رابرٽ ڊي نائرو، سين ڪونري کي آھي. ھو مڪمل طرح سان ڪيمرا جو ماڻھو ھو. ڪيمرا آن ٿيندي ئي ھوآن ٿي ويندو ھو. ديوارين کان وٺي عبدالقادر جوڻيجي جي ئي ”بدلتي موسم“ تائين ھن فن جي عظمت جا سڀ جھنڊا جھولايا. منھنجي ساڻس پھرين ملاقات 1991ع ۾ ٽنڊي آدم ۾ يار محمد شاھه جي ڪرايل سنڌي فلمن جي ميڙي تي ٿي ھئي، جتي فن جي عظيم شخصيت ۽ ”پرديسي“ ۽ ”عمر مارئي“ فلمن جو ھيرو حسين علي شاھه فاضلاڻي پڻ آيل ھو. جنھن مھل فاضلاڻي اندر داخل ٿيو ته لاشاري يڪدم ادب ۾ اٿي بيٺو ۽ فاضلاڻي صاحب سان جھڪي نھايت پيار سان مليو. اتي محمود صديقي، منظور مراد، شاھه اسد، ايم .اي . راجا پڻ موجود ھئا. نور محمد لاشاري سان اتي پھريون دفعو مون ويڊيو تي انٽرويو ريڪارڊ ڪيو، جنھن ۾ ھن سنڌي فلمن جي بحران ۽ ٽي وي ڊرامي تي ڳالھايو.
    [​IMG]
    نور محمد لاشاري کي صرف سندس لافاني فن جي ڪري ڊرامي ۾ رول ملندو ھو. عبدالقادر جوڻيجي ”راڻي جي ڪھاڻي“ جو رول خاص ڪري ھن لاءِ لکيو ھو ۽ بقول جوڻيجي صاحب جي ته ”لاشاري منھنجي توقع کان وڌيڪ ڪم ڪري ڏيکاريو.“ انھيءَ مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته ھن ٽنڊي آدم ۾ پھرين ملاقات ۾ مون کي چيو ھو ته ٻيلي شاھه صاحب، تون شو بزنس ۾ سنڌ جو پھريون ماڻھو آھين، انھيءَ جي پارت ھجنئي. اھو واحد موضوع آھي، جنھن کي خدا جو شڪر آھي ته ھاڻ مرج ڪرڻ جي ضرورت محسوس ڪئي پئي وڃي .

    انور مقصود جي گهر شبانه اعظمي جي مان ۾ ڊنر ڏني وئي ھئي. اتي انڊيا جي عظيم فنڪاره شبانه ڪچھري ۾ ٻڌايو ته ”ديوارين ۾ مون کي نور محمد لاشاري جي اداڪاري ڇرڪائي ڇڏيو، ھن جي اداڪاري ۾ غضب جي اصليت آھي.“ اھا ڳالھه ٻڌي الائجي ڇو منھنجيءَ دل ۾ نور محمد لاشاري لاءِ عقيدت بي اختيار وڌي وئي، ڇو ته اھا ڳالھه ھڪ اھڙي عورت چئي رھي ھئي، جيڪا پاڻ فن جي ديوي آھي. نور محمد لاشاري سان اڪثر پوءِ ڪراچي ٽي .ويءَ تي ملاقات ٿيندي رھندي ھئي. ھو پنھنجي غريباڻي اسڪوٽر تي ٽي . وي سينٽر ايندو ھو. ھڪ ڀيرو بيدل مسرور سان سيٽ تي ويس ته ”ناٽڪ رنگ“ جو ڊرامو رڪارڊ ڪيو پئي ويو. سيٽ تي نور محمد لاشاري ۽ روشن عطا ويٺا ھئا. لاشاري جي طبيعت صحيح نه ھئي. سين جي گهرج مطابق لاشاري کي پوري سيٽ جو چڪر ڪاٽي اچڻو ھو. بيدل مسرور پوري انھيءَ سين لاءِ پنج ڇھه ڀيرا لاشاري کان ري ٽيڪ ڪرايو. ھلندي ھلندي لاشاري پگهرجي ويو. آخري ڀيرو جڏھن بيدل او. ڪي چيو ته لاشاري بي اختيار چيو ته بيدل صاحب ڏس اڃا به شاٽ صحيح نه ھجي ته وري ڪريون. ان مھل گهڻو ھلڻ ڪري ھو سھڪي رھيو ھو، پرکيس اھو فڪر ھو ته شاٽ صحيح ٿئي. مون مرڪي چيو مانس ته ”لاشاري صاحب، ھڪ شاٽ پگهرائي ڇڏيو“ ته پاڻ چيائين ته ”سائين اسين ته معمول فنڪار آھيون، ھتي وڏن وڏن جو پگهر ڪونه بيھندو آھي.“ ھڪ دفعي سائره ڪاظمي سان ڪچھري ويٺي ڪيم ته لاشاري اندر داخل ٿيو. سائره احترام ۾ اٿي بيٺي پاڻ نھايت پيار سان سائره کي مٿي تي ھٿ رکي پڇيائين ”منھنجي امڙ، خوش تو ھو.“ نه صرف پر ڪراچي ٽي .وي جي پي. آر .او غزاله يا سمين لاشاري لاءِ چئي ٿي ته ھو اسان جو روحاني پيءُ ھو. ڪاريڊور ۾ ڪا به ڇوڪري ڏسندو ته لاشاري انھيءَ جي مٿي تي ھٿ رکي شفقت سان خير عافيت دريافت ڪندو. اھا ھن جي شخصي انفراديت ۽ ماڻھپو ھو، جنھن جي ڪري ھرننڍي وڏي وٽ ھن عزت ھئي. جيتوڻيڪ ڪراچي ٽي . وي تي به سنڌي فنڪارن لاءِ ڏکيا روَيا آھن پر نور محمد لاشاري، مدبر رضوي اسڪرپٽ ايڊيٽر کان وٺي فاطمه بجيا سان ڀاڪري پائي ملندو ھو. روبينه اشرف ھن جو ذڪر ڪندي روئي ٿي ۽ چوي ٿي ته لاشاري صاحب ائين قرب ڏيندو ھو، جو محسوس ٿئي ٿو ته ھن دور ۾ اھڙا قربائتا ماڻھو ٿورا ھوندا آھن. مشي خان مون کي ٻڌايو ته لاشاري ٽي . وي تي واحد اھڙو ماڻھو آھي، جنھن جي اکين ۾ ٻين لاءِ شفقت ۽ چپن تي دعائون ھونديون آھن. ھن جي وفات سان پي . ٽي . وي يتيم ٿي ويئي آھي. اسان وٽ فنڪار جي وفات کان پوءِ شايد اھڙائي مضمون لکڻ اسان جي عادت بڻجي وئي آھي، ڇو ته انھيءَ کان وڌيڪ اسان ۾ ايتري ته ساڃاھه رھي نه آھي جو ڪنھنجي حياتيءَ ۾ ئي ھن کي رويي جي خوشبوءَ سان سرشار ۽ مسرور ڪريون. نور محمد لاشاري جھڙو رويو به ھر ڪنھن وٽ نه آھي، جو پريا ڏسندين ڀاڪر پائي چوندو ھو ته ”منھنجا سڄڻ، منھنجا ڍولڻ ، بابلا.“ اھڙا مٺا لفظ ٻڌڻ کان اھي سڀ ماڻھو مون سميت محروم رھجي ويا آھن ۽ فني تسڪين جي به اھا ڪنڊ خالي ٿي وئي آھي. جنھن ۾ لاشاري جي ڊرامن ڪري ٻھڪاءُ محسوس ٿيندو ھو. اسين فنڪارن ۾ خود ڪفيل آھيون پر نور محمد لاشاري جي جاءِ ھميشه خالي رھندي. 30سالن کان وٺي فني سگهه جي علامت ھوندي به ھو بنگلي ۽ موٽرجو مالڪ نه بڻجي سگهيو. مغرب ۾ ھڪ فلم ۾ ڪم ڪري فنڪار ارب پتي ٿيو وڃن پر نورمحمد لاشاري کي ڪڏھن به پئسو حاصل ڪرڻ جو شوق نه رھيو. ھو انھيءَ ۾ ضرور خوش ٿيندو ھو. اسين ته سندس پرفارمنس تي ڀرپور تبصروڪيو وڃي. شايد ھرسٺي فنڪارلاءِ اھوئي بنياد ھوندو آھي. ھن وٽ ته ڪراچي ۾ جاءِ مسواڙ جي ھئي. غربت ھوندي به ھن جو شمار امير فنڪارن ۾ ٿيندو رھندو. اھا ٻي ڳالھه آھي ته ھن جا گهڻا ڊراما ٽي .وي تي يا ويڊيو تي محفوظ نه آھن. جڏھن ته انڊيا جي اداڪاري جي درسگاھن ۽ ادارن ۾ نور محمد لاشاري جا کوڙ اردو ۽ سنڌي ڊراما رکيل آھن، پار پاڻ وٽ صرف ڪجھه ڏينھن تائين فنڪار جي موت تي افسوس ڪيو وڃي ٿو. ممتاز .مرزا ويو، نور محمد لاشاري ويو، محمد يوسف ويو، سرمد سنڌي به ويو، سنڌ جي ثقافتي شوڪيس کي موت ھڻي خالي ڪري ڇڏيو آھي. پاڻ کي فني طور تي جرڪائڻ جي ايتري ساڃاھه ڪٿان ايندي جي اھڙا موتي وري پيدا ٿي سگهن. واقعي ٽي . وي جو ڊرامو لاشاري جي وفات کان پوءِ يتيم ٿي ويو آھي.

    مهراڻ تان ورتل

     
  2. عرس پريو

    عرس پريو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏9 سيپٽمبر 2009
    تحريرون:
    2,765
    ورتل پسنديدگيون:
    2,737
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي ( داد و )
    هي هڪ عظيم فنڪار هيو ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ هن جو اردو ڊرامو ڇوٽي سي دنيا مونکي وڻندو آهي ڪافي دفعا ڏٺو اٿم

    سنڌ جي اهڙن عظيم فنڪارن کي پاڻ وارو ثقافتي کاتو ياد ئي ڪون ٿو ڪري ۔۔۔
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شعيب محمد

    شعيب محمد
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 نومبر 2012
    تحريرون:
    170
    ورتل پسنديدگيون:
    338
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    353
    ڌنڌو:
    ليڪچرار
    ماڳ:
    سکر
    بلڪل لاشاري صاحب پاڻ هڪ تمام وڏي انڊسٽري رهيا آهن ماروي ڊرامي ۾ پاڻ اهڙي طرح ماروي جي پِيء جو ڪردار ڪيائون جو حقيقت ۾ پاڻ ماروي جا پي لڳي رهيا هئا الله کين جنت ۾ جاء ڏئي
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,402
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    اسان جڏهن ننڍا هوندا هئاسين ته اسان جي گهر دادو ۾ شام جو سنڌي ڊرامه ڏسڻ لاء سڄو پاڙو اچي گڏ ٿيندو هو، ۽ اسان جي ٽي وي اسان جي گهر ورانڊي ۾ پيل هوندي هئي ۽ اهو ورانڊو سڄو ماڻهن سان ڀرجي ويندو هو چاڪاڻ ته ان وقت ۾ اسان جي پاڙي ۾ هڪ اسان وٽ ٽي وي هوندي هئي ۽ ٻيو وري اسان جي پاڙي جي هڪ ٻئي گهر ۾، پر افسوس جو اهي ماڻهون پاڙي جي ٻين ماڻهن کي (ٻارن ۽ عورتن کي )ٽي وي ڏسڻ لاء پنهنجي گهر اچڻ نه ڏيندا هئا.پر اسان جي گهر پاڙي جا ٻار ۽ عورتون ٽي وي ڏسڻ لاء اينديون هيون. ۽ انهن ڏينهن ۾ سنڌي ڊرامن جو هڪ پنهنجو معيار هوندو هو جيڪو هاڻ نظر ڪو نه ٿو اچي، ۽ انهن مڙني ڊرامن ۾ نور محمد لاشاري صاحب جي ڪم وري پنهنجي معيار جو هوندو هو، سندس ڪهڙو به ڪردار هجي پر اهو ڪردار ائين لڳندو هو ته ڄڻ اهيو ڊرامو نه پر حقيقت آهي،نور محمد لاشاري صاحب جو ڊرامو راڻي جي ڪهاڻي، ديوارين،دنگي منجهه درياء ، ۽ ماروي ۔ ڇوٽي سي دنياپنهنجو مٽ پاڻ آهن، دنگي منجهه درياء ته دنيا جي ڪجهه ٻين ٻولين ۾ به ترجمو ٿيو هو، جيڪا ڳالهه ڊرامي جي ليکڪ علي بابا صاحب اسان سان ڪشور هائيٽس موسميات ڪراچي واري ملاقات ۾ ڪئي هئي. اهڙا درويش صفت اداڪار سالن پڄاڻا پيدا ٿيندا آهن.۽ اهڙن فنڪارن جو خال ڪڏهن به ڀرجڻ جو نه هوندو آهي،.......................دعا آهي ته رب پاڪ سندس بشري خطائون معاف ڪري کيس جنت الفردوس ۾ جايون عطاء ڪري آميـــــــــــــــــــــــن .
     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    اڄ جي شخصيت نور محمد لاشاري

    محمد عثمان ميمڻ


    انگريزي ٻوليءَ جي ناليواري اديب شيڪسپيئر هڪ جاءِ تي چيو آهي ته ”هيءَ دنيا هڪ اسٽيج آهي، هر ڪو پنهنجو ڪردار ادا ڪري هليو ويندو.“ واقعي به هيءَ دنيا فاني آهي، هر ڪنهن کي هي ڏيهه ڇڏڻو ئي آهي. پر هن دنيا ۾ ان ماڻهوءَ جو نالو وڃي رهندو. جنهن هن دنيا ۾ ڪي سٺا عمل ڪيا هجن. ائين سنڌ جو لافاني اداڪار نور محمد لاشاري جيتوڻيڪ اڄ اسان جي وچ ۾ ناهي پر سندس نالو هميشه لاءِ زندهه روشن ضرور رهندو. نور محمد لاشاري سنڌي اداڪارن ۾ اهو فنڪار آهي، جنهن پنهنجي سموري زندگي اداڪاريءَ کي ارپڻ ڪئي.

    نور محمد لاشاري سيوهڻ تعلقي جي مشهور ڳوٺ ڪوٽ لاشاري ۾ 1938ع ۾ ڄائو. عام زندگيءَ ۾ جيتوڻيڪ هو تعليم کاتي ۾ استاد هو، پر هن سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ٽيليويزن جي ڊرامن ذريعي سنڌ جي ڏکويل ماڻهن جا ڏک، درد پنهنجي فن جي عروج سان ونڊيا. نور محمد لاشاري 30 سالن تائين مسلسل ٽي. وي ڊرامن ۾ اداڪاري ڪندو رهيو. هن فني سفر جو آغاز ڪراچي سينٽر تان ناٽڪ سڀا جي (سنڌي) ڊرامن کان ڪيو. هن انهيءَ وقت جي سڀن سٺن پروڊيوسرن سان جن ۾ هارون رند، عبدالڪريم بلوچ، ذوالفقار نقوي، محمد بخش سميجو، بيدل مسرور، منظور قريشي، فيض ٻگهيو ۽ ٻين سان ڪم ڪيو. هن جي اداڪاريءَ ۾ نا الحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو. انهن ڊرامن ۾ علي بابا جو ڊرامو ”دنگي منجهه درياهه“ به هو. جنهن ۾ هن اعليٰ معيار جي اداڪاري ڪئي هئي. جنهن کانپوءِ سندس فن ۾ ڏينهان ڏينهن سگهه ايندي وئي. هن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ ڇرڪائيندڙ اداڪاري ڪئي. پي. ٽي وي تان سندس ڪيترائي ڊراما نشر ٿيا جن کي عالمي ليول تي ساراهيو ويو. هن عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي ”ديوارين“ ۾ وڏي شهرت حاصل ڪئي. ان کانسواءِ ”هٿين گل ميندي“، ”راڻي جي ڪهاڻي“، ”بدلتي موسم“، ”ڇوٽي سي دنيا“، ”جهنگل“ ۽ ٻين انيڪ ڊرامن ۾ پنهنجي فن جا جوهر ڏيکاريا. پر سڀن کان وڌيڪ علي بابا جي لکيل ۽ هارون رند جي پيشڪش ”دنگي منجهه دريا“ ۾ لازوال رول ڪري پنهنجو پاڻ مڃايو. هن ڊرامي جرمني ۾ ٽيون انعام کنيو هو. ان کانسواءِ هن جو يادگار ٻيو ڊرامو جنهن کي نور الهديٰ شاهه لکيو ۽ هدايتون سلطانه صديقي ڏنيون هيون. سو هو ”ماروي“ جيڪو پي. ٽي. وي تان پيش ڪيو ويو. انهيءَ ڊرامي ۾ وقت جا سپر اسٽار ان ۾ ڪاسٽ ٿيل هئا. جيئن غزل صديقي، منصور بلوچ، محمود صديقي، منظور مراد، روشن عطا، انور سولنگي، شيما ڪرماڻي وغيره. جنهن ۾ هن ماروي جي پيءُ پالڻيءَ جو ڪردار ادا ڪيو هو ۽ هن شاندار پرفارم ڪيو. سندس ان ڊرامي ڏسندڙن ۾ ايتري ته مقبوليت ماڻي جو کيس ڪيترائي ماڻهو اڄ به ”پالڻي“ جي نالي سان سڃاڻن ٿا. نور محمد لاشاري ٽن سنڌي فلمن ”بيوس‘ (1989ع)، ”برسات جي رات“ (1985ع) ۽ ”رت ۽ اجرڪ“ (1977ع) ۾ به ڪم ڪيو.

    نور محمد لاشاري مڪمل طرح سان ڪئميرا جو ماڻهو هو. ڪئميرا آن ٿيندي هئي ته هو شروع ٿي ويندو هو ۽ ڪردار ۾ سمائجي ويندو هو. سندس اداڪاريءَ ۾ ڪمال جي اصليت هوندي هئي. هن کي جيڪو به ڪردار ڏنو ويندو هو. هو ان سان تمام سٺو نڀائيندو هو. لافاني فن جو ڪري ئي کيس ڊرامي ۾ رول ملندو هو. وٽس پئسي گڏ ڪرڻ جي ڪا به دلچسپي نه رهي. سندس سچائي اها آهي جو ڊگهي عرصي کان وٺي فني سگهه جي علامت هوندي به وٽس سواريءَ لاءِ اسڪوٽر ۽ رهڻ لاءِ ڪراچيءَ ۾ مسواڙ جو گهر هوندو هو. پاڻ نهايت سٻاجهڙو ۽ قربائتو ماڻهو هو کيس 1992ع ۾ پرائيڊ آف پرفارمنس جو ايوارڊ به ڏنو ويو. هن جي اکين ۾ ٻين لاءِ شفقت ۽ چپن تي دعائون هونديون. سنڌ جو هيءُ مايا ناز فنڪار پهرين فيبروري 1997ع تي وفات ڪري ويو. فني دنيا ۾ سندس جاءِ هميشه خالي رهندي.
     
    نثارابڙو، خدابخش مشاخ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  6. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    مصطفيٰ ملاح/ڪراچي
    [​IMG]

    ڊرامن جي سينيئر اداڪار، نور محمد لاشاريءَ، سنڌي ڊرامن کي عروج تي پهچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو. هن سنڌي ڊرامي ”دنگي منجهه دريا“ ۾ اهڙي ته اداڪاري ڪئي، جو ان وقت ملڪ جي وزير اعظم ذوالفقار علي ڀٽو، مڇي ماريندڙ ملاحن جا ٽيڪس معاف ڪري ڇڏيا. مرحوم هر ڪردار جي گهرائي ۾ ايترو ته نڪري ويندو هو، جو ڪردار ۾ پاڻ کي وساري ويهندو هو ۽ ڊرامو ڏسندڙن جي واتان ازخود واهه واهه جا لفظ نڪري ايندا هئا. ۳۷سال فن کي ڏيندڙ مرحوم اداڪار نور محمد لاشاريءَ جي ڊرامي، ”دنگي منجهه دريا“ کي جرمني فيسٽول ۾ ٽيون نمبر مليو هو. جڏهن ته پاڻ ريڊيو، اسٽيج، فلم ۽ ٽي ويءَ جي سوين ڊرامن ۾ ڪم ڪري صدارتي ايوارڊ به ماڻيائين.
    مرحوم ۱۹۶۰ع ۾ ريڊيو پاڪستان تي راڳ جي شوق ۾ آڊيشن ڏنو، پر فيل ٿيو. ان بعد پروگرام گلدستو ۾ پهريون ڀيرو حصو وٺڻ کانپوءِ صداڪاري ڪئي ۽ ڪامياب ويو. اهڙيءَ طرح هن فني سفر جي شروعات ڪئي.
    اداڪار نور محمد لاشاري ۲۴آڪٽوبر ۱۹۳۱ع تي، فيض محمد لاشاريءَ جي گهر، سيوهڻ شريف ڀرسان، ڪوٽ لالو لاشاري ۾ اک کولي. شروعاتي تعليم بوبڪ مان ورتائين. جڏهن ته پاڻ پرائمريءَ ۾ استاد بڻيو.
    هن اڃا هوش مس سنڀاليو هو ته سندس والد، نانگ جي ڪکڻ سبب وفات ڪري ويو. پاڻ پيءُ جو اڪيلو پٽ هو ۽ کيس ٻه وڏيون ڀينرون هيون.
    مرحوم نور محمد لاشاري ڳوٺ جو واحد ٻار هو، جيڪو ڳوٺ کان ٻاهر پڙهيو هو.
    مرحوم جي والده جو تعلق گوادر سان هو، جيڪا بروهي برادريءَ سان تعلق رکندڙ هئي. هن پنهنجي ڳوٺ مان ۱۹۵۰ع ۾ پسند جو پرڻو ڪيو هو.
    مرحوم نور محمد لاشاريءَ کي ۴پٽن ۽ ۵نياڻين جو اولاد آهي. مرحوم آخري ڏهاڙا ڪسمپرسيءَ ۾ گذاريا.
    نور محمد لاشاري، موذي مرض جي گهيري ۾ اچڻ کانپوءِ، پهرين فيبروري ۱۹۹۷ع تي وفات ڪري ويو.
    سندس آخري آرامگاهه منگهو پير ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ آهي.
    مرحوم نور محمد لاشاري جن مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾؛ جنگل، ديوارين، راڻيءَ جي ڪهاڻي، خان صاحب، ماروي، ڇوٽي سي دنيا ۽ ٻيا شامل آهن. جڏهن ته هن ۲۵کان وڌيڪ سنڌي فلمن ۾ پڻ ڪم ڪيو.
    مرحوم جن ريڊيو جي مشهور ڊرامن ۾ ڪم ڪيو، انهن ۾؛ گهوٽ اڻ موٽ، کٽي آيو خير سان، فرض مرض ۽ قرض شامل آهن.
    مرحوم پنهنجي ۹ٻارڙن کي چائلڊ اسٽار طور ڊرامن ۾ ڪم ڪرايو، جن مان اڄ صرف گل محمد لاشاري اداڪاري ڪري رهيو آهي.
    مرحوم کي ۲۳مارچ ۱۹۹۳ع تي ان وقت جي صدر اسحاق خان پرائيڊ آف پرفارمنس ايوارڊ ڏنو هو.
    نور محمد لاشاري، جن سنڌي فلمن ۾ ڪم ڪيو. انهن ۾؛ پرو، شهيد، گهاتو گهر نه آيا، منهنجو پيار پڪاري، رت ۽ اجرڪ، مٺڙا شال ملن ۽ ٻيون فلمون شامل آهن.
     
    نثارابڙو، خدابخش مشاخ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  7. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    سائين نور محمد لاشاري انهن فنڪارن مان هيو جن اداڪاري کي حقيقت جا رنگ ڏنا .... سندس ورسيء تي سندس ياد

    [​IMG]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
  9. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    سچ ٿا چئو فن جو ديوتا هيو..هاڻ ته رڳو لٻاڙي اداڪارن اچي سنڌي ٻولي جو حشر نشر ڪري ڇڏيو آهي..اڳ جڏهن ناٽڪ رنگ هلندو هو ته اسان جي ڳوٺ ۾ ٽي وي نه هُئي ته اسان جي ڳوٺ کان ٻه ڪلو ميٽر پري هڪ شهر هو اتي هوٽل تي شام جو خاص اهتمام ڪيو ويندو هو اتي وڃي ڏسندا هئا سين خاص ڪري نور محمد لاشاري مرحوم جنهن ڊرامي ۾ هوندو هو ان جو ڪو به ڪردار وسري نه سگهبو هو..پر هاڻ اداڪارن کي ڏس ته رڳو يکي ٿا هڻن ..نه ڪو اداڪاري جو ڍنگ نه ڪا معتبر زبان ٿا ڳالهائن..هاڻ ته ليکڪ به صفا بيڪار لڳا آهن جن هڻي ته سنڌي ٻولي جو جنازو ڪڍي ڇڏيو آهي مورڳو ڏسڻ تي دل ئي نه ٿي گهري..الله سڌاري اڄ جي ليکڪن ۽ اداڪارن وري هدايتڪار ته اهڙا آهن جو الله جي پناهه..پڪوڙا کپائڻ وارو به سائين اڄ هدايتڪار لڳو ويٺو آهي..
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    فن جي دنيا جو نه وسرندڙ ڪردار نورمحمد لاشاري

    حميد ڀٽو

    ٽيليويزن جي متعارف ٿيڻ بعد ناٽڪ جي دنيا تمام گهڻو اوج ماڻيو، جنهن ۾ تمام ٿورڙن اداڪارن پاڻ ملهايو جن جي نرالي اداڪاري اڄ به ڪنهن کان وسري نه ٿي سگهي. اهڙن ئي اداڪارن منجهان ” نور محمد لاشاري“ پڻ هڪ آهي. اداڪار نور محمد لاشاري 24 آڪٽوبر 1931 ڌاري فيض محمد لاشاري جي گهر ڳوٺ لعل خان لاشاري ضلعي دادو ۾ پيدا ٿيو. ابتدائي تعليم ”ٽلٽي اسڪول“ مان حاصل ڪئي. جنهن کانپوءِ هن حيدرآباد مان اديب فاضل جو ڪورس پاس ڪيو، فني دنيا ۾ اچڻ جو شوق کيس ننڍپڻ کان ئي هو، جنهن سبب نور محمد لاشاري ”ريڊيو پاڪستان ڪراچي“ تان آڊيشن ڏئي فني سفر جي شروعات ڪئي ۽ ريڊيو تي صداڪار طور پاڻ مڃرايو. نور محمد لاشاري کي ٽي وي تي تڏهوڪي ٽيليويزن پروڊيوسر عبدالڪريم بلوچ ڪاپي رائيٽر طور نوڪري ڏياري جنهن بعد هن کي ڊرامن ۾ اداڪار طور متعارف ڪرايو ۽ ڊرامن ۾ اداڪار طور نور محمد لاشاري پنهنجي مخصوص ڪردار نگاري ۽ مقالمن جي ادائيگي سبب اداڪاري واري دنيا ۾ منفرد نالو مڃرايو، سندس ڪردارن ۾ معصوميت وارو انداز نِجُ سنڌي سمايل هو جيڪو به ڪردار ادا ڪندو هو انهيءَ ڪردار ۾ ائين سمايل هوندو هو ڄڻ اهو ڪردار هو پاڻ ئي هجي. سندس اداڪاري مان حقيقت وارو روپ نروار ٿيندو هو، سندس ڪردار نگاري مان ڪردار ۾ اوپرائپ نظر نه ايندي هئي.
    نور محمد لاشاري اداڪاري سان گڏ تعليم واري شعبي ۾ پرائمري استاد طور نوڪري جي شروعات اداڪاري دوران ئي ڪئي ۽ تعليم کاتي ۾ ”استاد“ طور تمام گهڻا ذهين شاگرد پيدا ڪيا، جيڪي اڄ اعليٰ عهدن تي پهچي ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪري رهيا آهن، سندس شمار سنڌ جي سٺن استادن ۾ ٿيندو هو. هن استاد طور گوسڙو ماستر بڻجڻ بجاءِ پنهنجي شاگردن کي تعليم جي زيور سان سنواريو ۽ اسڪول کان پوءِ واندو ٿي ٻارن کي ٽيوشن وسيلي ڦرڻ بجاءِ فن جي دنيا کي بقايا وقت ڏيندو هو ڇاڪاڻ ته فن جي دنيا جا ستارا سج لڙي کان پوءِ جاڳندا آهن. هن پنهنجون ننڊون ڦٽائي استاد ۽ فن جهڙن عظيم شعبن سان ڀرپور نڀاءُ ڪيو. زندگي جي پوين ڏينهن ۾ هيڊ ماسترطور پيشورارنه ذميواريون ادا ڪيون ان سان گڏو گڏ نور محمد لاشاري روزاني هلال پاڪستان ڪراچي جي اخبار ۾ هڪ ڊگهو عرصو ڪالم نويس طور پڻ ذميواريون ادا ڪيون ۽ سندس ڇپيل ڪالمن پڻ تمام گهڻي مقبوليت ماڻي، نور محمد لاشاري کي پنهنجي موٽر سائيڪل هوندي هئي ۽ کيس موٽر سائيڪل سواري تمام گهڻي وڻندي هئي ۽ موٽر سائيڪل تي ئي سندس جا ڪراچي شهر ۾ ٻه ڀيرا خطرناڪ ايڪسيڊنٽ پڻ ٿيا تنهن هوندي به موٽر سائيڪل واري سواري کان پاسيرو نه ٿيو.
    نور محمد لاشاري جي مُک تي هر وقت مرڪ هوندي هئي هر ڳالهه تي پيو کلندو هو، جتوڻيڪ زندگي ۾ ڪيترا ئي ڀيرا لاها چاڙها ۽ تڪليفون ڏٺيون. نور محمد لاشاري استاد هجڻ جي ناتي سان سندس لکت ۾ معياري ۽ بهترين ”اکر“ پڻ شاگردن کي تدريسي اٿاهه ڏيندا هئا.
    سندس ٽيليويزن جي مقبوليت ماڻيندڙ ناٽڪن ۾ ديوارين، جهنگل، ڇوٽي سي دنيا، جال، خان صاحب، دشت، دنگي منجهه دريا، سفر، سوال، گوندر وڏا گهاءِ، ماروئي ۽ ٻياسوين ناٽڪ شامل آهن. تن منجهان دنگي منجهه دريا عالمي ڊراما فيسٽيول ۾ ٽئين پوزيشن حاصل ڪندي عالمي ايوارڊ حاصل ڪيوجيڪو ايوارڊ پهرئين سنڌي ناٽڪ کي عالمي ايوارڊ مليو. نور محمد لاشاري کي پي ٽي وي سميت مختلف سماجي، ثقافتي ادارن طرفان سوين ايوارڊن سان نوازيو ويو هو. هن 30 سالن کان وڌيڪ عرصو ٽيليويزن سان گڏ ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي ڪمپيئرنگ ۽ صداڪاري پڻ ڪئي ۽ ريڊيو جي هزارين پروگرامن ۽ ناٽڪن ۾ پنهنجن صلاحيتن جو ڀرپور مظاهرو ڪيو جنهن سان گڏ اسٽيج تي سوين ناٽڪن ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريا هو پنهنجي ڪيل ڪردارن ۾ جان وجهي ڇڏيندو هو.
    نور محمد لاشاري 400 کان وڌيڪ ٽيليويزن جي سنڌي ۽ اردو ناٽڪن ۾ اداڪاري ڪئي ۽ زندگي جي آخري ڏينهن تائين ناٽڪن ۾ اداڪاريءَ سان ساٿ نڀايو. هن 1963ع ڌاري ميراڻي فيملي مان شادي ڪئي. سندس اولاد ۾ 9 ٻار آهن، جن ۾ 4 پٽ ۽ 5 نياڻيون شامل آهن جن مان گل محمد لاشاري پنهنجي والد جي ڪيل فني پورهيي کي اڳتي وڌائيندي ڊرامن ۾ اداڪاري پڻ ڪري رهيو آهي. نور محمد لاشاري زندگيءَ جا پويان ڏينهن ڊگهو عرصو بيماري ۾ مبتلا رهيو کيس لياقت نيشنل ميڊيڪل اسپتال ڪراچي ۾ داخل ڪيو ويو هو جتي اسلامي ڪئلينڊر موجب سندس وفات جو ڏينهن ”22 رمضان“ پهرين فيبروري 1997ع ۾ وفات ڪري ويو.
    نور محمد لاشاري کي بلوچ ڪالوني ڪراچيءَ جي قبرستان ۾ مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويوپر سندس فن جيڪوڪڏهن به مرڻو ناهي ۽ هو پنهنجي فن ۽ ڪردار نگاري ۽ ڀرپور مثالي انسان طور سنڌ واسين جي دلين تي هميشه زندهه آهي ۽ سنڌ جي ناٽڪ جي ڳالهه ڪبي ته نور محمد لاشاري جو نالو تاريخ جي ورقن ۾ هميشه سونهري باب جيان چمڪندڙ ملندو.
     
    نثارابڙو، خدابخش مشاخ ۽ (deleted member) هيء پسند ڪيو آهي.
  11. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام سٺي معلومات جيڪاتوھان طرفان اسان وٽ پھتي ادا مان اھو چوندس ته اھڙي معلومات جو الڳ گروپ فولڊر ٺاھيو وڃي جنھن ۾ سنڌ فنڪار راڳي يا جنن پنھنجي فيلڊ ۾ نالو ڪمايو ۽سنڌ جو به نالو روشن ڪيو انھن بابت ڄاڻ ھجي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  12. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    نور محمد لاشاري فن جو دنيا جو يگانو اداڪار جي 1 فيبروري تي 20 ورسي تي ڀيٽا[​IMG]

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    سونهاري سنڌ جيڪا قدرت جي سمورن نعمتن سان مالا مال ڌرتي جو هڪ اهم حصو آهي هن ڌرتي وقت به وقت ڪيترن ئي عظيم انسانن کي پنهنجي هنج ۾ جنم پئي ڏنو آهي جن پنهنجن ڪيل ڪم ، ڪردار سان پنهنجو، پنهنجي ڌرتي جو نالو ڏينهان ڏيهه چمڪايو آهي اهڙن اڻ وسرندڙ ڪردارن منهجان

    نور محمد لاشاري سنڌ جو تمام وڏو فلم، ٽي وي جو هڪ چمڪندڙ ستارو (اداڪار) ٿي گذريو آهي نور محمد لاشاري پنهنجي زندگي جو سفر ڇنڇر ڏينهن 24 آڪٽوبر 1931ع سيوهڻ ،ڀان سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ لالو لاشاري جي معزز ڳوٺاڻي فيض محمد لاشاري جي گهران شروع ڪيو هن ابتدائي تعليم بوبڪن جي اسڪول مان حاصل ڪئي.وڌيڪ تعليم حاصل ڪر ڻ جي جستجو ۾ محو هو ته قدرت واري سندس پيءَ واري سائي کان محروم ڪري ڇڏيو. هن همت نه هاري مسلسل محنت ڪندي هو پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو سندس امڙ جو تعلق گوادر جي بروهي قبيلي سان هو . امڙ جي دعائن سان هو پنهنجي زندگي جي مقصدن ۾ هميشه ڪاميابي ماڻيدو رهيو سال 1950ع ڌاري هن عظيم اداڪار پيار جي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو . سندس اولاد منجهان 4 پٽ ۽ 5 ڻياڻين جو شرف حاصل رهيو جن جي تعليم ۽ تربيت به نهايت سهڻي نموني ڪندو رهيو نور محمد لاشاري کي به ڳائڻ سان تمام گهري دلچسپي هيس 1960ع ڌاري هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي سينٽر تي ڳائڻ جو آڊيشن ڏيڻ آيو جتي سندس ناڪامي نصيب ٿي، ناڪامي بعد هن محنت ۽ حوصلو بلند رکندي هڪ وک ڪاميابي طرف وڌائي سندس محنت رنگ لاتو ڳائڻ واري شوق منجهان هٿ ڪڍي

    بعد ۾ هن صداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي سونهاري سنڌ جي هن ڀلوڙ اداڪار جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءَ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي اڳوڻي جنرل مينئجر عبد الڪريم بلوچ ذاتي ڪوشش وٺي نور محمد لاشاري کي پاڪستان ٽيليويزن تي معتارف ڪرايو هو .هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ناٽڪ سڀا (سنڌي ) ڊرامن کان ڪئي ان زماني ۾ رنگين ٽي وي پروگرام ڪو نه هلندا هئا ان ٽائيم بليڪ اينڊ وائيٽ ڊرامن جو دور هوندو هو .جن ۾ نور محمد لاشاري صاحب پنهنجا جوهر پيو ڏيکاريندو هو هن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو هن ان زماني منجهه ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا جن مان سندس سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار ،ڊرامانگار مرحوم علي بابا جي ڊرامي ( دنگي منجهه درياءَ) به هو جنهن ۾ نور محمد لاشاري اعلي قسم ۽ معياري اداڪاري ڪئي هئي .هن ڊرامي جرمني ملڪ جي شهر ميونخ فيسيٽيول ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو جيڪا سنڌي ڊرامي لاءِ اعزاز کان گهٽ ڳالهه ناهي .جنهن بعد نور محمد لاشاري فن جي دنيا ۾ ڏينهنان ڏينهن جدت ۽ سگهه ايندي وئي هن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ ڇرڪائيندڙ اداڪاري ڪئي پر هن ان زماني ۾سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ٽي وي جي ڊرامن وسيلي سنڌ جي ڏکويل مظلوم ماڻهن جا ڏکن جي پنهنجي فن سان انهن جي ترجماني ڪئي.نيٽ ورڪ تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي (ديوارين )نور محمد لاشاري کي چوٽي جي شهرت عزت بخشي . جنهن ڪري نور محمد لاشاري جي شهرت آسمان سان پئي ڳالهيون ڪيو ۽ هي ڊرامو واقعي شهرت جو سبب بڻيو ان کان علاوه ڊرامن ۾ ( هٿين گل ميندي )راڻي جي ڪهاڻي ( بدلتي موسم ) ۽ ٻين ڪيترن ئي ڊرامن ۾ هن جيڪي فني جوهر ڏيکاريا . تنهن کانسواءِ هن ڪيترن ئي سنڌي فلمن منجهه پنهنجي فن جو ڪمال ڏيکاريو اهي ڏسندڙن جي ذهن تي هميشه ياد رهندا حقيقت پسند تي مبني ڪردار ورلي ڪنهن ماڻهون کان وسرندا آهن . نور محمد لاشاري کي جنهن به کيس هڪ دفعو اداڪاري ڪندي ڏٺو هوندو ته کيس ڪو به وساري نه سگهندو سندس ڪردار ۾ ڏوکيل ،غريب ماڻهن جي ڏکن سان ڀريل لفظن جي مالها هوندي ترجماني نظر ايندي هئي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ( اهو انسان ئي ڪونهي جنهن ۾ سر ۽ ثقافت جي خوشبو نه هجي )سو هن ديوتا اداڪار فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اهڙي خوشبوءَ هئي نور محمد لاشاري پنهنجي ڪردار سان دلي طور ساٿ نڀائيندو هو ڪيميرا آن ٿي ويندي هئي ته نور محمد به پاڻ ڪردار ۾ سمائجي ويندو هو سندس اداڪاري ۾ ادا ڪيل رول ڪمال جي حقيَت سان ڀريو پيو هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب کي جيڪو به ڪردار ملندو ان کي لاجواب نموني سان نڀائيندو هو نور محمد لاشاري 30 سالن جي هيڏي وڏي عرصي تائين ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيو مگر ڪڏهن به هن پيسي گڏ ڪرڻ لاءَ نه سوچو ڪراچي جهڙي شهر ۾ به هو مسواڙ واري گهر جي ڇت هيٺان سک جو پئي ساه کنيو ۽ ڪڏهن به اهيو آر نه سمجهائين. هيڏي وڏي فني ديوتا هوندي به ڪڏهن وڏي گاڏي تي چڙهي اچي ڊرامي جو ڪردار ادا نه ڪيائين سواري جي سهولت لاءَ هڪ موٽر سائيڪل هوندي هوئي. جنهن تي چڙهي اچي پنهنجو فني ڪم مڪمل ڪري وري واپس هليو ويندو هو هن لافاني اداڪار کي هيترن سالن گذرڻ باوجود سندس فن ۽ ڪردار کي عزت جي نگاه سان ڏٺو ٿو و ڃي ۽ هميشه ياد ڪيو ويندو هن سنڌي ثقافت کي پنهنجي ڪردار ۽ ٻولن سان هميشه زنده رکيو سندس مرتي کان پوءِ سنڌي ڊرامو يتم ٿيندي نظر اچي ٿو هن يگاني اداڪار کي حڪومت پاڪستان فني خدمت عيوض حسن ڪاڪردگي صدارتي ايوارڊ سان سال 1992ع ۾ پڻ نوازيو .نور محمد لاشاري صاحب پاڻ ماڻهون مڻيادار سٻاجهڙو قربائتو انسان هوندو هو سنڌ جو هي عظيم اداڪار سنڌي ڊرامي جا سڀ ٻول پنهنجي ڪمال جهڙي فن جا سڀ گر بند ڪري ۽ ثقافتي رنگن کي خير آباد چئي 1 فيبروري 1997 ع تي هجري سن موجب 23رمضان المبارڪ 1417 ڇنڇر ڏينهن پنهنجي زندگي جا 65سال 3 مهينا 8 ڏينهنن جو سفر پورو ڪري اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو سندس راهه رباني ٿيندي اڄ 20 سالن جو سفر گذري چڪو آهي مڱر هن يگاني ادڪار جي ڪيل ڪردار ،فن کي اڄ به ڊرامي ۽ ڪهاڻي جي دنيا منجهه چمڪندڙ ستاري جيان ياد ڪيو پيو وڃي سندس فن کي فني دنيا سان واسطو رکندڙ اڄ به ساراهين ٿا سندس هن وقت تائين ڪو به سنڌي ادڪار اها جاءِ ڀري ناهي سگيو ، سندس تربت ڪراچي شهر جي منگهو پير قبرستان منجهه آهي _____________​
     
  13. ابراهيم لاشاري

    ابراهيم لاشاري
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 مارچ 2014
    تحريرون:
    163
    ورتل پسنديدگيون:
    48
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    408
    نور محمد لاشاري فن جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو اداڪار جي 1 فيبروري تي 21 ورسي تي ڀيٽا[​IMG]

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    سونهاري سنڌ جيڪا املهه انسانن سان ڀري پئي آهي هن جنت نماءَ ڌرتي جي ٽڪري تي ڪيترائي انسانن جنم وٺي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري واري وڄائي وري اصلي زندگي ڏانهن روانا ٿي ويا ، اهڙن اڻ وسرندڙ ڪردارن منهجان فن جي دنيا سان لاڳاپيل سنڌ جو ليجند اداڪار نور محمد لاشاري هڪ هو جيڪو 21 سال اڳ پهرين فيبروري سال 1997ع هن ئي تاريخ تي پنهنجو فن ڪمال مان هٿ ڪڍي هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو سندس نالو اڄ به فن جي دنيا ۾ چمڪندڙ ستاري جي حيٽيت رکي ٿو هي سنڌ جو عظيم انسان

    نور محمد لاشاري سنڌ جو تمام وڏو فلم، ٽي وي جو هڪ چمڪندڙ ستارو (اداڪار) ٿي گذريو آهي نور محمد لاشاري پنهنجي زندگي جو سفر ڇنڇر ڏينهن 24 آڪٽوبر 1931ع سيوهڻ ،ڀان سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ لالو لاشاري جي معزز ڳوٺاڻي محترم فيض محمد لاشاري جي گهران شروع ڪيو هن ابتدائي تعليم بوبڪن جي اسڪول مان حاصل ڪئي.وڌيڪ تعليم حاصل ڪر ڻ جي جستجو ۾ محو هو سندس والد کي نانگ ڪکي وڌو جنهن سبب هن جو والد لاڏاڻو ڪري ويو ، بس پوءِ نور محمد لاشاري پنهنجي پيءَ واري شفقت کان محرو رهيو ته قدرت واري سندس پيءَ واري سائي کان محروم ڪري ڇڏيو. نور محمد لاشاري صاحب پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ پڻ هو سندس کي (ٻه وڏيون ڀيڻيون) به هيون ، هن ننڍي هوندي همت نه هاري مسلسل محنت ڪندي هو پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو سندس امڙ جو تعلق گوادر جي بروهي قبيلي سان هو . امڙ جي دعائن سان هو پنهنجي زندگي جي مقصدن ۾ هميشه ڪاميابي ماڻيندو رهيو، سال 1950ع ڌاري هن عظيم اداڪار پيار جي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو . سندس اولاد منجهان 4 پٽ ۽ 5 ڻياڻين جي اولاد سان رب سائين نوازيو ، جن جي تعليم ۽ تربيت به نهايت سهڻي نموني ڪندو رهيو نور محمد لاشاري کي به ڳائڻ سان تمام گهري دلچسپي هيس 1960ع ڌاري هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي سينٽر تي ڳائڻ جو آڊيشن ڏيڻ آيو جتي سندس ناڪامي نصيب ٿي، ناڪامي بعد هن محنت ۽ حوصلو بلند رکندي هڪ وک ڪاميابي طرف وڌائي سندس محنت رنگ لاتو ڳائڻ واري شوق منجهان هٿ ڪڍي

    بعد ۾ هن صداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي سونهاري سنڌ جي هن ڀلوڙ اداڪار جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءَ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي اڳوڻي جنرل مينئجر عبد الڪريم بلوچ ذاتي ڪوشش وٺي نور محمد لاشاري کي پاڪستان ٽيليويزن تي معتارف ڪرايو هو .هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ناٽڪ سڀا (سنڌي ) ڊرامن کان ڪئي ان زماني ۾ رنگين ٽي وي پروگرام ڪو نه هلندا هئا ان ٽائيم بليڪ اينڊ وائيٽ ڊرامن جو دور هوندو هو .جن ۾ نور محمد لاشاري صاحب پنهنجا جوهر پيو ڏيکاريندو هو هن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو هن ان زماني منجهه ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا جن مان سندس سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار ،ڊرامانگار مرحوم علي بابا جي ڊرامي ( دنگي منجهه درياءَ) به هو جنهن ۾ نور محمد لاشاري اعلي قسم ۽ معياري اداڪاري ڪئي هئي .هن ڊرامي جرمني ملڪ جي شهر ميونخ فيسيٽيول ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو جيڪا سنڌي ڊرامي لاءِ اعزاز کان گهٽ ڳالهه ناهي .جنهن بعد نور محمد لاشاري فن جي دنيا ۾ ڏينهنان ڏينهن جدت ۽ سگهه ايندي وئي هن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ ڇرڪائيندڙ اداڪاري ڪئي پر هن ان زماني ۾سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ٽي وي جي ڊرامن وسيلي سنڌ جي ڏکويل مظلوم ماڻهن جا ڏکن جي پنهنجي فن سان انهن جي ترجماني ڪئي.نيٽ ورڪ تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي (ديوارين )نور محمد لاشاري کي چوٽي جي شهرت عزت بخشي . جنهن ڪري نور محمد لاشاري جي شهرت آسمان سان پئي ڳالهيون ڪيون ۽ هي ڊرامو واقعي شهرت جو سبب بڻيو ان کان علاوه ڊرامن ۾ ( هٿين گل ميندي )راڻي جي ڪهاڻي ( بدلتي موسم ) جنگل، خان صاحب، ڇوٽي سي دنيا، ماروي، کان علاوه پاڻ ٽيليويزن جي ( 400 )کان مٿي سنڌي ،اردو ڊرامن ۾هن پنهنجي ڪمال جي اداڪاري ڪري فني جوهر ڏيکاريا . تنهن کانسواءِ نور محمد لاشاري صاحب ( 25 )فلمن جهڙوڪ فلم پرو ، گهاتو گهر نه آيا، شهيد ، منهنجو پيار پڪاري، رت ۽ اجرڪ ، مٺڙا شال ملن فلمن منجهه پنهنجي فن جو مظاهرو اهڙي ته ڪمال سان ڪري ڏيکاريا جو اهي ڏسندڙن جي ذهن تي هميشه ياد رهندا سندس مرتي کان پوءِ هن جي فن ڪمال کي اڄ ڏينهن تائين ڪو به سنڌي اداڪار ڇوهئي ناهي سگهيو ، حقيقت پسند تي مبني ڪردار ورلي ڪنهن ماڻهون کان وسرندا آهن . نور محمد لاشاري کي جنهن به کيس هڪ دفعو اداڪاري ڪندي ڏٺو هوندو ته کيس ڪو به وساري نه سگهندو سندس ڪردار ۾ ڏوکيل ،غريب ماڻهن جي ڏکن سان ڀريل لفظن جي مالها هوندي ترجماني نظر ايندي هئي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ( اهو انسان ئي ڪونهي جنهن ۾ سر ۽ ثقافت جي خوشبو نه هجي )سو هن ديوتا اداڪار فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اهڙي خوشبوءَ هئي نور محمد لاشاري پنهنجي ڪردار سان دلي طور ساٿ نڀائيندو هو ڪيميرا آن ٿي ويندي هئي ته نور محمد به پاڻ ڪردار ۾ سمائجي ويندو هو سندس اداڪاري ۾ ادا ڪيل ڪردار ڪمال جي حقيَقت سان ڀريو پيو هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب کي جيڪو به ڪردار ملندو ان کي لاجواب نموني سان نڀائيندو هو نور محمد لاشاري 30 سالن جي هيڏي وڏي عرصي تائين ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيو مگر ڪڏهن به هن پيسي گڏ ڪرڻ لاءَ نه سوچو ڪراچي جهڙي شهر ۾ به هو مسواڙ واري گهر جي ڇت هيٺان سک جو پئي ساه کنيو ۽ ڪڏهن به اهيو آر نه سمجهائين. هيڏي وڏي فني ديوتا هوندي به ڪڏهن وڏي گاڏي تي چڙهي اچي ڊرامي جو ڪردار ادا نه ڪيائين سواري جي سهولت لاءَ هڪ موٽر سائيڪل هوندي هئي. جنهن تي چڙهي اچي پنهنجو فني ڪم مڪمل ڪري وري واپس هليو ويندو هو، هن لافاني اداڪار کي هيترن سالن گذرڻ باوجود سندس فن ۽ ڪردار کي عزت جي نگاه سان ڏٺو ٿو و ڃي ۽ هميشه ياد ڪيو ويندو هن سنڌي ثقافت کي پنهنجي ڪردار ۽ ٻولن سان هميشه زنده رکيو سندس مرتي کان پوءِ سنڌي ڊرامو يتيم ٿيندي نظر اچي ٿو نور محمد لاشاري صاحب کي پاڪستان ٽيليويزن کان علاوه سماجي، ثقافتي سوين ايوارڊن ۽ انعامن سان پڻ نوازيو ويو ، هن يگاني اداڪار کي حڪومت پاڪستان فني خدمت عيوض حسن ڪاڪردگي صدارتي ايوارڊ سال 1992ع ۾ پڻ ڏنو ويو .نور محمد لاشاري صاحب پاڻ ماڻهون مڻيادار سٻاجهڙو قربائتو انسان هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گهڻو عرصو بيماري جي حالت ۾ زندگي جا ڏينهن پئي گهاريا سندس بيماري وڌيڪ زنده رهڻ نه ڇڏيو آخر ڪاري ڪراچي جي لياقت نيشنل ميڊيڪل اسپتال ۾ پاڻ کي داخل ڪرايائين جتي هو زندگي جو آخري ڏينهن گذاريندي سنڌ جو هي عظيم اداڪار سنڌي ڊرامي جا سڀ ٻول پنهنجي ڪمال جهڙي فن جا سڀ گر بند ڪري ۽ ثقافتي رنگن کي خير آباد چئي 1 فيبروري 1997 ع تي هجري سن موجب 23رمضان المبارڪ 1417 ڇنڇر ڏينهن پنهنجي زندگي جا 65سال 3 مهينا 8 ڏينهنن جو سفر پورو ڪري اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو سندس وڇوڙي کي اڄ 21 سالن جو سفر گذري چڪو آهي مڱر هن يگاني ادڪار جي ڪيل ڪردار ،فن کي اڄ به ڊرامي ۽ ڪهاڻي جي دنيا منجهه چمڪندڙ ستاري جيان ياد ڪيو پيو وڃي اڄ به سنڌي ناٽڪ (ڊرامي ) جي ڳالهه ورجائبي ته نور محمد لاشاري جو نالو تاريخ جي ورقن منجهه هميشه سونهري اکرن جيان چمڪندي نظر ايندو سندس فن کي فني دنيا سان واسطو رکندڙ اڄ به ساراهين ٿا سندس هن وقت تائين ڪو به سنڌي ادڪار اها جاءِ ڀري ناهي سگيو ، هن ڏاهي ليجند اداڪاري جي آخري آرام گاه ڪراچي شهر جي منگهو پير قبرستان منجهه آهي اڄ پهرين فيبروري 2018 تي سندس جي 21 ورسي ملهائي ويندي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي منهنجي گذارش ته اهڙن عظيم ڪردار جي مالڪ جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائي وڃي__________________________________________________________ ڏس پتو: محمد ابراهيم لاشاري. سي او لاشاري هائوس نيئر مختيار ڪار آفيس وارهه، _CNIC: 43207-5487631-9, Cell: 0333-7560616

    [​IMG]
    نور محمد لاشاري فن جي دنيا جو چمڪندڙ ستارو اداڪار جي 1 فيبروري تي 21 ورسي تي ڀيٽا[​IMG]

    ابراهيم لاشاري ( وارهه )

    سونهاري سنڌ جيڪا املهه انسانن سان ڀري پئي آهي هن جنت نماءَ ڌرتي جي ٽڪري تي ڪيترائي انسانن جنم وٺي پنهنجي حصي جو ڪم ڪري واري وڄائي وري اصلي زندگي ڏانهن روانا ٿي ويا ، اهڙن اڻ وسرندڙ ڪردارن منهجان فن جي دنيا سان لاڳاپيل سنڌ جو ليجند اداڪار نور محمد لاشاري هڪ هو جيڪو 21 سال اڳ پهرين فيبروري سال 1997ع هن ئي تاريخ تي پنهنجو فن ڪمال مان هٿ ڪڍي هميشه لاءِ راهه رباني ٿي ويو سندس نالو اڄ به فن جي دنيا ۾ چمڪندڙ ستاري جي حيٽيت رکي ٿو هي سنڌ جو عظيم انسان

    نور محمد لاشاري سنڌ جو تمام وڏو فلم، ٽي وي جو هڪ چمڪندڙ ستارو (اداڪار) ٿي گذريو آهي نور محمد لاشاري پنهنجي زندگي جو سفر ڇنڇر ڏينهن 24 آڪٽوبر 1931ع سيوهڻ ،ڀان سعيدآباد ڀرسان ڳوٺ ڪوٽ لالو لاشاري جي معزز ڳوٺاڻي محترم فيض محمد لاشاري جي گهران شروع ڪيو هن ابتدائي تعليم بوبڪن جي اسڪول مان حاصل ڪئي.وڌيڪ تعليم حاصل ڪر ڻ جي جستجو ۾ محو هو سندس والد کي نانگ ڪکي وڌو جنهن سبب هن جو والد لاڏاڻو ڪري ويو ، بس پوءِ نور محمد لاشاري پنهنجي پيءَ واري شفقت کان محرو رهيو ته قدرت واري سندس پيءَ واري سائي کان محروم ڪري ڇڏيو. نور محمد لاشاري صاحب پنهنجي والدين جو اڪيلو پٽ پڻ هو سندس کي (ٻه وڏيون ڀيڻيون) به هيون ، هن ننڍي هوندي همت نه هاري مسلسل محنت ڪندي هو پڙهڻ پڙهائڻ جي شعبي سان سلهاڙجي پرائمري استاد بڻجي ويو سندس امڙ جو تعلق گوادر جي بروهي قبيلي سان هو . امڙ جي دعائن سان هو پنهنجي زندگي جي مقصدن ۾ هميشه ڪاميابي ماڻيندو رهيو، سال 1950ع ڌاري هن عظيم اداڪار پيار جي شادي جي ٻڌڻ ۾ ٻڌجي ويو . سندس اولاد منجهان 4 پٽ ۽ 5 ڻياڻين جي اولاد سان رب سائين نوازيو ، جن جي تعليم ۽ تربيت به نهايت سهڻي نموني ڪندو رهيو نور محمد لاشاري کي به ڳائڻ سان تمام گهري دلچسپي هيس 1960ع ڌاري هو ريڊيو پاڪستان ڪراچي سينٽر تي ڳائڻ جو آڊيشن ڏيڻ آيو جتي سندس ناڪامي نصيب ٿي، ناڪامي بعد هن محنت ۽ حوصلو بلند رکندي هڪ وک ڪاميابي طرف وڌائي سندس محنت رنگ لاتو ڳائڻ واري شوق منجهان هٿ ڪڍي

    بعد ۾ هن صداڪاري ڪرڻ شروع ڪئي سونهاري سنڌ جي هن ڀلوڙ اداڪار جي همٿ افزائي ڪرڻ لاءَ پاڪستان ٽيليويزن ڪراچي جي اڳوڻي جنرل مينئجر عبد الڪريم بلوچ ذاتي ڪوشش وٺي نور محمد لاشاري کي پاڪستان ٽيليويزن تي معتارف ڪرايو هو .هن پنهنجي فني سفر جي شروعات ڪراچي ٽي وي سينٽر تان ناٽڪ سڀا (سنڌي ) ڊرامن کان ڪئي ان زماني ۾ رنگين ٽي وي پروگرام ڪو نه هلندا هئا ان ٽائيم بليڪ اينڊ وائيٽ ڊرامن جو دور هوندو هو .جن ۾ نور محمد لاشاري صاحب پنهنجا جوهر پيو ڏيکاريندو هو هن جي اداڪاري ۾ اناالحق جو نعرو ٻڌڻ ۾ ايندو هو هن ان زماني منجهه ڪيترائي مشهور ڊراما ڪيا جن مان سندس سنڌ جي يگاني ڪهاڻيڪار ،ڊرامانگار مرحوم علي بابا جي ڊرامي ( دنگي منجهه درياءَ) به هو جنهن ۾ نور محمد لاشاري اعلي قسم ۽ معياري اداڪاري ڪئي هئي .هن ڊرامي جرمني ملڪ جي شهر ميونخ فيسيٽيول ۾ ٽيون نمبر حاصل ڪيو جيڪا سنڌي ڊرامي لاءِ اعزاز کان گهٽ ڳالهه ناهي .جنهن بعد نور محمد لاشاري فن جي دنيا ۾ ڏينهنان ڏينهن جدت ۽ سگهه ايندي وئي هن ڪيترن ئي سنڌي توڙي اردو ڊرامن ۾ ڇرڪائيندڙ اداڪاري ڪئي پر هن ان زماني ۾سنڌ جي ڪنڊ ڪڙڇ ۽ سنڌ جي هر گهر ۾ ٽي وي جي ڊرامن وسيلي سنڌ جي ڏکويل مظلوم ماڻهن جا ڏکن جي پنهنجي فن سان انهن جي ترجماني ڪئي.نيٽ ورڪ تي عبدالقادر جوڻيجي جي ڊرامي (ديوارين )نور محمد لاشاري کي چوٽي جي شهرت عزت بخشي . جنهن ڪري نور محمد لاشاري جي شهرت آسمان سان پئي ڳالهيون ڪيون ۽ هي ڊرامو واقعي شهرت جو سبب بڻيو ان کان علاوه ڊرامن ۾ ( هٿين گل ميندي )راڻي جي ڪهاڻي ( بدلتي موسم ) جنگل، خان صاحب، ڇوٽي سي دنيا، ماروي، کان علاوه پاڻ ٽيليويزن جي ( 400 )کان مٿي سنڌي ،اردو ڊرامن ۾هن پنهنجي ڪمال جي اداڪاري ڪري فني جوهر ڏيکاريا . تنهن کانسواءِ نور محمد لاشاري صاحب ( 25 )فلمن جهڙوڪ فلم پرو ، گهاتو گهر نه آيا، شهيد ، منهنجو پيار پڪاري، رت ۽ اجرڪ ، مٺڙا شال ملن فلمن منجهه پنهنجي فن جو مظاهرو اهڙي ته ڪمال سان ڪري ڏيکاريا جو اهي ڏسندڙن جي ذهن تي هميشه ياد رهندا سندس مرتي کان پوءِ هن جي فن ڪمال کي اڄ ڏينهن تائين ڪو به سنڌي اداڪار ڇوهئي ناهي سگهيو ، حقيقت پسند تي مبني ڪردار ورلي ڪنهن ماڻهون کان وسرندا آهن . نور محمد لاشاري کي جنهن به کيس هڪ دفعو اداڪاري ڪندي ڏٺو هوندو ته کيس ڪو به وساري نه سگهندو سندس ڪردار ۾ ڏوکيل ،غريب ماڻهن جي ڏکن سان ڀريل لفظن جي مالها هوندي ترجماني نظر ايندي هئي ڪنهن ڏاهي چيو آهي ته ( اهو انسان ئي ڪونهي جنهن ۾ سر ۽ ثقافت جي خوشبو نه هجي )سو هن ديوتا اداڪار فنڪار نور محمد لاشاري ۾ به اهڙي خوشبوءَ هئي نور محمد لاشاري پنهنجي ڪردار سان دلي طور ساٿ نڀائيندو هو ڪيميرا آن ٿي ويندي هئي ته نور محمد به پاڻ ڪردار ۾ سمائجي ويندو هو سندس اداڪاري ۾ ادا ڪيل ڪردار ڪمال جي حقيَقت سان ڀريو پيو هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب کي جيڪو به ڪردار ملندو ان کي لاجواب نموني سان نڀائيندو هو نور محمد لاشاري 30 سالن جي هيڏي وڏي عرصي تائين ڊرامن ۾ ڪم ڪندو رهيو مگر ڪڏهن به هن پيسي گڏ ڪرڻ لاءَ نه سوچو ڪراچي جهڙي شهر ۾ به هو مسواڙ واري گهر جي ڇت هيٺان سک جو پئي ساه کنيو ۽ ڪڏهن به اهيو آر نه سمجهائين. هيڏي وڏي فني ديوتا هوندي به ڪڏهن وڏي گاڏي تي چڙهي اچي ڊرامي جو ڪردار ادا نه ڪيائين سواري جي سهولت لاءَ هڪ موٽر سائيڪل هوندي هئي. جنهن تي چڙهي اچي پنهنجو فني ڪم مڪمل ڪري وري واپس هليو ويندو هو، هن لافاني اداڪار کي هيترن سالن گذرڻ باوجود سندس فن ۽ ڪردار کي عزت جي نگاه سان ڏٺو ٿو و ڃي ۽ هميشه ياد ڪيو ويندو هن سنڌي ثقافت کي پنهنجي ڪردار ۽ ٻولن سان هميشه زنده رکيو سندس مرتي کان پوءِ سنڌي ڊرامو يتيم ٿيندي نظر اچي ٿو نور محمد لاشاري صاحب کي پاڪستان ٽيليويزن کان علاوه سماجي، ثقافتي سوين ايوارڊن ۽ انعامن سان پڻ نوازيو ويو ، هن يگاني اداڪار کي حڪومت پاڪستان فني خدمت عيوض حسن ڪاڪردگي صدارتي ايوارڊ سال 1992ع ۾ پڻ ڏنو ويو .نور محمد لاشاري صاحب پاڻ ماڻهون مڻيادار سٻاجهڙو قربائتو انسان هوندو هو نور محمد لاشاري صاحب زندگي جي آخري ڏينهن ۾ گهڻو عرصو بيماري جي حالت ۾ زندگي جا ڏينهن پئي گهاريا سندس بيماري وڌيڪ زنده رهڻ نه ڇڏيو آخر ڪاري ڪراچي جي لياقت نيشنل ميڊيڪل اسپتال ۾ پاڻ کي داخل ڪرايائين جتي هو زندگي جو آخري ڏينهن گذاريندي سنڌ جو هي عظيم اداڪار سنڌي ڊرامي جا سڀ ٻول پنهنجي ڪمال جهڙي فن جا سڀ گر بند ڪري ۽ ثقافتي رنگن کي خير آباد چئي 1 فيبروري 1997 ع تي هجري سن موجب 23رمضان المبارڪ 1417 ڇنڇر ڏينهن پنهنجي زندگي جا 65سال 3 مهينا 8 ڏينهنن جو سفر پورو ڪري اسان کان هميشه لاءِ ڌار ٿي ويو سندس وڇوڙي کي اڄ 21 سالن جو سفر گذري چڪو آهي مڱر هن يگاني ادڪار جي ڪيل ڪردار ،فن کي اڄ به ڊرامي ۽ ڪهاڻي جي دنيا منجهه چمڪندڙ ستاري جيان ياد ڪيو پيو وڃي اڄ به سنڌي ناٽڪ (ڊرامي ) جي ڳالهه ورجائبي ته نور محمد لاشاري جو نالو تاريخ جي ورقن منجهه هميشه سونهري اکرن جيان چمڪندي نظر ايندو سندس فن کي فني دنيا سان واسطو رکندڙ اڄ به ساراهين ٿا سندس هن وقت تائين ڪو به سنڌي ادڪار اها جاءِ ڀري ناهي سگيو ، هن ڏاهي ليجند اداڪاري جي آخري آرام گاه ڪراچي شهر جي منگهو پير قبرستان منجهه آهي اڄ پهرين فيبروري 2018 تي سندس جي 21 ورسي ملهائي ويندي سنڌ حڪومت جي ثقافت کاتي کي منهنجي گذارش ته اهڙن عظيم ڪردار جي مالڪ جي ورسي سرڪاري سطح تي ملهائي وڃي_________________________________________________________16

    [​IMG]
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو