ڪي ماڻهون جنم ته هڪ دفعو وٺندا آهن پر انهن کي سندن ڪارنامن ڪري جنم جنم ۾ ياد ڪيو ويندو آهي۔۔ ۽ اهڙي طرح اهي ماڻهون هميشه لاءِ زنده رهندا آهن۔۔۔ سائين محترم عبدالماجد ڀرڳڙي به انهن ماڻهن مان هڪ آهي۔۔ سنڌي ٻولي لاءِ سندن ڪيل شروعات کان پوءِ سفر کڻي گهڻو تيز رفتاري سان ناهي هليو پر رڪيو پوءِ به ناهي۔۔۔
پاڻ مسقتبل جي سنڌين لاءِ فرمائين ٿا۔۔۔
”ڪمپيوٽر ۽ انٽرنيٽ اڄ جا اهم ترين ٽُول آهن جن جو استعمال اڻٽر آهي. هر دور ۾، ترقي لاءِ، ان دور جي ٽُولز جو سگھارو ۽ ڪارآمد استعمال نه ڪبو ته اها قوم يا ٻولي پٺتي رهجي ويندي. ڪمپيوٽر ٽيڪنالاجي به اهڙو ٽُول آهي جنهن ۾ وڌ ۾ وڌ لاڀ پرائڻ لاءِ پنهنجي ٻوليءَ ۾ استعمال ازحد ضروري آهي. انهيءَ طريقه سان اسان پاڻ کي جديد تعليم ۽ ٽيڪنالاجي سان آراسته ڪري ان کي پنهنجي فائدي لاءِ استعمال ڪري سگھون ٿا. سنڌي نوجوان ڪامياب ٿي سگھن ٿا، پر ٿيندا يا نه اهو سندن همت ۽ محنت تي دارومدار رکي ٿو. مان چوندس ته انشاالله ٿيندا جي همت ڪندا۔۔“
سنڌي نوجوان جي همت افزائي ڪرڻ لاءِ هميشه سنڌ سلامت هڪ قدم اڳتي وڌي پاڻ پيش ڪيو آهي ۔۔ جتي ننڍا وڏا مسئلا سندن اڳيان پيش آيا آهن۔۔ سنڌ سلامت جي نسخن سان اهي مسئلا مسئلا نه رهيا آهن۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر کين همٿائڻ ۽ انٽرنيٽ تي ويهندي وقت کي فضول وڃائڻ بجاءِ سنڌيت ۽ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي ترغيب ڏيندي رهي آهي۔۔۔ کين همٿائڻ جي سلسلي ۾ سنڌي بلاگنگ جي نه صرف سکيا بلڪه بلاگن کي خوبصورت بڻائي سنڌي بلاگن ٺاهڻ جو به زور ڏنو ويو آهي ته جئين وڌ کان وڌ مواد انٽرنيٽ جي ويب پيجز تي پکڙجي ۽ موٽ ۾ وڏا ادارا گوگل ۽ مائڪروسافٽ سنڌي ٻولي کي اڳتي آڻڻ لاءِ سهولتون پيش ڪن۔۔۔ ۽ مٿي اقتباس ورتل سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جن جي لفظن ۾ به اهو ئي خواب سجايل لڳي ٿو۔۔۔
سنڌ سلامت طرفان سنڌين کي همٿائڻ جو سلسلو جاري آهي۔۔۔ سنڌي بلاگنگ جي بنيادي سکيا کان پوءِ هاڻي کين ايڊوانس سکيا طرف وٺي وڃڻ جون ڪوششون ڪيو وينديون۔۔۔ ۽ دوستن کي سمجهايو ويندو ته بلاگز کي خوبصورت بنائڻ سان گڏ اهي ڪهڙا ٽولز آهن جن کي شامل ڪري سرچ انجنز کي پاڻ طرف مائل ڪري سگهجي ٿو يا وري ڪهڙي طرح پنهنجي بلاگز تي اشتهار لڳائي ڪنهن جي مدد يا بلاگنگ جو خرچو ڪڍي سگهجي ٿو۔۔ گڏ کين سمجهايو ويندو ته بلاگ جي خوبصورتي سان گڏو گڏ مواد جي خوبصورتي ۽ وزيٽرس کي وڌ کان وڌ ڪهڙيون سهولتون ڏجن جو هو توهان جي بلاگ تي گهڻو وقت گذارين۔۔۔
مون کان اڪثر دوست پڇندا آهن ته آخر ڪهڙي طرح پنهنجو بلاگ سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ وانگر خوبصورت بڻائي سگهجي ٿو۔۔ سندن اهڙن سوالن کي نظر ۾ رکندي ۽ مٿين ٻڌايل فائدي وارن نقطن کي ذهن ۾ رکندي هڪ ٽيمپليٽ تي ڪجهه ڏينهن کان وٺي ڪم ڪري رهيو آهيان۔۔ جنهن جو نظارو پيشِ خدمت آهي۔۔۔
هي آهي سائين عبدالماجد ڀرڳڙي جي سائيٽ کان متاثر ٿيندڙ بلاگر ٽيمپليٽ جنهن جو نالو به سائين سان منصوب ڪندي ”ڀرڳڙي سنڌي بلاگر ٽيمپليٽ“ رکيو آهي۔ هن ٽيمپليٽ اضافي خصوصيتن ۾ شامل آهن۔۔:
رليز ڪرڻ کان اڳ دوستن کان مشورن ۽ صلاحن جي آڇ ڪجي ٿي ان کان پوءِ هن ٽيمپليٽ تي ايندڙ ٽيڪنيڪل ايررس کي فڪس ڪري ٽيمپليٽ کي جلد از جلد رليز ڪيو ويندو۔۔۔

(لائيو ڏسو)

- هڪ ئي وقت ٽي سنڌي فونٽ امبيڊ ڪيل
- سنڌي لکائي لاءِ ٽيڪسٽ ايڊيٽر
- سنڌي ڪيمين ورچوئيل ڪيبورڊ
- اشتهار لاءِ بينر وڊجيٽ
- بلٽن ان سرچ انجن آپٽيمائيزر
- ڊائنامڪ ميٽا ڊسڪرپشن ٽيگ
- ٽائيٽل ۽ پوسٽ پيجز لاءِ ڊيٽا ويريئيبل
- سادي ايڇ ٽي ايم ايل ڪري مواد کي ڳولڻ آسان جنهن ڪري سرچ انجنز جي ايندڙ روبوٽس کي مواد انڊيڪس ڪرڻ ۾ سولائي
- ڪيٽيگريون، تبصره ۽ محفوظ ڪيل لنڪس کي سرچ انجنز روبوٽس جي پهچ ۾ بنائڻ لاءِ آساني
- اسپيمرز کان بچڻ لاءِ تبصري جو سسٽم وڌيڪ طاقتور
- لوڊ ٽائيم کي ذهن ۾ رکندي گوگل ٽول ماسٽر جي گهرج مطابق
- هر تحرير تي سوشل شيئرنگ بلٽ ان بار
- مختصر لفظن ۾ سنڌي ڪمپيوٽنگ جي سمورن گرن سان سينگاريل ۽ SEO فيچرس سان سهيڙيل هڪ جامع ٽيمپليٽ