ڪيئي ڳالهيون هن ڪتاب ۾ آهن. ڪيترن ئي شخصيتن جو به ذڪر آهي جن کي سڌي يا اڻ سڌي طرح سڃاڻيون ... پر انهن بابت گهڻو ڪجهه پڙهڻ لاء مليو.
۽ ها انبن بابت نيو يارڪ جي دوست جي ڳالهه :
هڪ دفعي پاڪستان کان انب گهرايا هئم. هتي پهچندي پهچندي ايڏي دير ٿي وئي، جو انهن ۾ ڪينئون لڳي ويو. انبن جي قيمت ۽ ڀاڙو ته کيسي مان ڀريم، پر انهن ڪنن انبن کي Dispose ڪرڻ لاءِ وڏو خرچ ڳچيءَ ۾ پئجي ويو. هتي جي قانون مطابق پهرين فيوميگيشن وارن کي اطلاع ڪرڻو پيو، جن منهنجي خرچ تي اچي انهن دٻن کي Fumigate ڪيو ۽ پوءِ انهن کي صحيح هنڌ تي ڊمپ ڪرائڻ لاءِ خاص ڪئريئر (مزدا) جو بندوبست ڪرڻو پيو جيڪا وڃي ڏورانهين هنڌ تي ڦٽو ڪري آئي ۽ ٻي پاسي انڊيا جي هر شيءِ اک ڇنب ۾ هتي پهچيو وڃي ۽ انڊيا جا واپاري جهڙو Sample ڏيکاريندا آهن، اهڙو ئي پٺيان مال پهچي ويندو آهي ۽ هر دٻي ۾ جهڙو مٿيون Layer سٺي شيءِ جو هوندو آهي، اهڙو هيٺ تري ۾.