سائل مهراڻ
سينيئر رڪن
سائِل مَهِراڻَ
رَڙِيارَو، ٿِرَپارِڪُرِ
“سَڄَڻُ ۽ ساڻِهه ڪِنهِن اَڻاسِي وَسِرِي
حِيفَ جَنئِينِ کِي هَو، وطُنُ جِن وِسارِيو”
شَاهِه سائِين جِي هِنُ بِيتُ ۾ ساڻِهه جِي سِڪُ بِياَن ڪَيِل آهِي، پَرَ هاڻَ اسان جا سَنڌِي هِندُو ڀائِر آهَستِي آهَستِي هِي پَنهَنجو اَباڻَو دِيسِ (جَتِي هَزَارِين سالَنِ کان رهِندَا اَچِنَ) کِي وَسارِي هُو هَندُوسَتان ڏانهَن رُخَ رَکِنِ پِيا. پَرَ اَسان ڪَڏِهنَ اُهُو سُوچِيو آهَي تَه هُو آخِر سَنڌِ کِي ڇَو خِير آبادُ چوَن پِيا؟
هَا اسان سُوچِيو هُوندَو تَه هُو سَنڌِ ۾ پَنهَنجو پاڻِ کِي نڌڻِڪو سُمجُهن پِيا، هُن ڪرِي اَباڻَو دِيس ڇَڏِين پِيا، (اُها بُه سِچُ آهِي ته هَتِي هُو پَنهَنجو پاڻَ کِي نڌِڻِڪو سُمجُهنِ ٿا) ٻِيَو ڌاڙِيلَن جِي زُورِ ۽ اِغوا، ڀُنگُ، رِشَوتُ خُورِي تِي سُوچِيو هُوندَو، اُنُ کان سِواءِ ٻَيو نه. پَرَ اِڄُ آئُون اَوهان کِي هِتَ هِڪَ حقِيقَتَ ٻُڌائِيندَو هِلاَن تِه آخِرڪارِ هِندُو پَنهَنجو اَباڻو دِيس ڇَڏِي پَردِيس ڇَو ٿا وَڃَن؟
1. آئُون مَٿِي لَکِي آيو آهيان ته هَتِي جِي هِندَن سان مَٿِيان ظُلَمَ آهن.
2. هُو هَتِي پَنهَنجو پاڻ کِي مَحِفُوظَ نه پيا سُمجَهنِ
3. زُورِي مَذِهبُ مَٽائِڻَ لاءِ زَبِردَسَتِي.
4. پَنهَنجِي عَبادَتِ گاهُنَ جِي بِيحُرمَتِي جِي ڪَرِي مَحِفُوظَ نه ٿا سُمجُهنِ
5. پَنهِنجي مَرَڻِ کان پوءِ لاشِ جِي بيِحُرمَتِي جَو ٿا سَوچِين.
6. پَنهَنجي نِياڻِين جِي عَزِتَ جو ٿا سَوچِين
7. مِعمولي ڳالهين تي ملندڙ ڳارين جو ٿا سوچين
8. پنهنجي تهوارن جي خوشيون آزادي سان ملائي نه ٿا سگهن
9. اهي سڀئي ڳالهيون ڳڻي هو هاڻ پنهنجي اباڻي وطن کي خدا حافظ چوڻ ۾ پنهنجي بهتري ٿا سمجهن.
اها ته پيغمبر حضرت محّمد مصطفيٰﷺ کان سنت هلندي اچي ٿي ته جتي امن امان نه هجي هتان هجرت ڪرڻ ۾ بهتري آهي. ٻيو ته مهاڀارت جي هيرو شري ڪرشن ڀڳوان پنهنجي پاسي واري راجا جي ظلمن کان تنگ اچي مٿرا ڇڏي، سمنڊ ڪناري نئون شهر دوئارڪاپوري اڏي وڃي ويٺو هو. حضرت موسيٰ به فرعون جي ظلمن کان تنگ اچي بني اسرائيل جي قبيلي سان نيل ندي ٽپي ٻئي ڪناري تي وڃي ويٺو هو. اهي ڳالهيون ڳڻي هاڻ سنڌي هندو هاڻي لڏپلاڻ ڪن پيا.
آخر سنڌي هندو هاڻ ڇو ٿا لڏن؟
ان جو جواب هي آهي ته اڳ ۾ سنڌ ۾ هندو توڙي مسلمان ڀائرن وانڱي رهندا آيا هئا، جڏهن هندوستان ۽ پاڪستان ٻئي الڳ ٿيا، ته ٻين صوبن جي ڀيٽ ۾ سنڌ صوبي مان نالي ماتر هندو اباڻو ديس ڇڏي هندوستان هليا ويا، ٻين کي مسلمان ڀائرن پنهنجي اجهي ۾ وٺي هنن جي عزت، جان ۽ مال کي نقصان پهچائڻ ڪونه ڏنائون،اهي سدائين انهن جي حفاظت جو ذمو کڻي ويٺا هئا ۽ 1971ع واري جنگ ۾ به نالي ماتر هندوئن لڏپلاڻ ڪري وڃي هندوستان وسايو، باقي اسان اڄ به ٿر جي وڏڙن کان ٻڌندا اچو پيا ته هو هندوستان جي صوبي راجستان جي شهر ٻاڙمير، ڇوهٽڻ ۽ ٻين شهرن توڙي ڳوٺن تائين وڃي چڪا هئا ۽ هندوستان جي حڪومت هنن جي مال،جان، ۽ عزت جي حفاظت ڪندي ۽ هنن لاءِ اجهي، کاڌي پيتي جي لاءِ وسان ڪونه گهٽايو هو، پر اهي وڏڙا پنهنجي اباڻو وطن ساري شاهه سائين جي بيت تي عمل ڪندي، وڏڙن مسلمانن جون ڳالهيون ساري واپس وطن وري آيا، هنن واپس ورڻ تي رستي ۾ جيڪي تڪليفون سٺيون، ڏک ڏٺا اهي بيان ڪن ته لنڱ ٿا ڪانڊارجن، پر اڄ اهي ساڳي چون ٿا ته اسان واپسي اچي وڏي غلطي ڪئي، ته اسان کي ڪهڙي خبر ته اسان جي واپسي اچڻ کان پوءِ اها محبت، اٿڻ وهڻ ۽ اها آزادي نه هوندي ۽ جيڪو اسان کي جئي ۾ جايون ڏيندا هئا، اهي اسان کي جاسوس سمجهندا.
پاڪستان جي الڳ ٿيڻ جو نظريو هر ڪنهن پڙهيو هوندو، علامه اقبال، قائداعظم اهو وڏي واڪي چيو آهي ته “پاڪستان ٺاهڻ جو مطلب صرف هڪ زميني ٽڪري هٿ ڪرڻ جو فيصلو نه آهي بلڪ اسان مذهبي آزادي، اسلام جي تعليم مطابق تجربا ڪرڻ لاءِ گهر ڪيون ٿا”.جڏهن پاڪستان الڳ ٿيڻ ته هتي جي رهندڙ اقليتي مذهبن کي به اها ساڳي آزادي جو چيو هو، پر هندن کي اها آزادي نه ملي سگهي پر هنن سان اها ساڳي طريقو ورجايو ويو جيڪا گڏيل هندوستان ۾ هندن توڙي سکن جيڪا مسلمانن سان ڪئي هئي، لڳي ٿو ته هاڻ جيڪا گڏيل هندوستان ۾ مسلمانن سان هندن رويو رکيو هو ان جو بدلو سنڌي هندن کان ٿا وٺن.
سنڌ مان لڏندڙ سنڌي هندن سان پاڪستان جي معشيت ۽ مالي نقصان ٿيندو.
اها ڳالهه هر ڪنهن کي ياد آهي ته سنڌي هندو پاڻ پوري ملڪ جي معشيت سنڀاليو ويٺا آهن، جهڙو ڌنڌو نهاريندو هن ۾ اوهان کي سنڌي هندو نظر ايندا، اڳر سنڌي هندن جي لڏپلاڻ ۾ روڪٿام نه آئي ته ٿوري ئي عرصي ۾ سڀ لڏي ويندا، ۽ هنن جي لڏڻ سان ساري ملڪيت هٿن سان ويندي، ۽ پويان ملڪ جي معشيت کي ڪاپاري ڌڪ لڳندو، ۽ جيڪا حڪومت عيش عشرت ڪري ٿي، هن کي به ٻنجو اچي ويندو، ۽ ملڪ هاڻي کان به غريب ٿي ويندو، پوءِ هٿ هڻڻا پوندا. چوندا آهن پنهنجي “وڍي جو ويڄ نه طبيب” جيڪڏهن هاڻي کان پنهنجي ملڪ کي بچائڻو آهي، ته هندن جي سڀني خدشن کي قانون جي گرفت ۾ آڻي، هنن جي حفاظت ڪئي وڃي ته جئين پاڪستان جي معشيت بچي سگهي.
آخري انڪشاف.
هي واضح ڪرڻ ضروري آهي ته سنڌي هندن جي پڄندي وارا هئا انهن پنهنجي خاندان هندستان موڪلي ڇڏيا آهن، باقي هتي هڪ يا ٻه ڀاتي رهن پيا. ته جئين ڪنهن ڏانهن اوڌر رهيل هجي ته اها اوڳاڙي وڃي خاندان سان خوشيون ڪيون.
باقي جيڪي غريب هندو رهن ٿا. اهي به هتان لڏپلاڻ ڪرڻ جو سوچين پيا، جئين ئي انهن جي مالي حالت بهتر ٿيندي، ته هو به هتان جلدي وڃي هندوستان وسائيندا.
هاڻي اسان کي فيصلو ڪرڻ آهي، ته سنڌي هندو ڀائرن کي ڀلين وڃڻ ڏيون، يا هنن کي روڪي هنن جي حفاظت ڪيون.
اهو فيصلو مسلمان ڀائرن ۽ حڪومت کي ڪرڻو آهي.
Email: sailmehra@hotmail.com.