اهو ڪافي عرصي کان نوٽ ڪيو پئي ويو ته سنڌ سلامت جي رڪنن کي پنهنجي موضوع مطابق تصوير موڪلڻ ۾ ڪافي ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون.. ان سلسلي ۾ توڙي جو انتظامي رڪنن ڪافي حد تائين سيکارڻ جي ڪوشش ڪئي پر جئين ته تصوير لڳائڻ جو طريقو ئي پيچيدا هيو .. ان ڪري ڪافي رڪن ان باوجود به مونجهاري جو شڪار رهيا...
سنڌ سلامت انتظاميه طرفان اڳ ئي رڪنن کان فورم تي سڌو سئون تصويرون موڪلڻ کان معزرت ڪيل آهي جو ان سان ڊيٽابيس جي سائيز وڌڻ ۽ سنڀالڻ ۾ ڏکيائون پيش اچي رهيون هيون.. جنهن بعد رڪنن جي سهولت لاءِ ڪنهن اهڙي سسٽم جي بحرحال ڪافي عرصي کان ضرورت محسوس ڪئي پئي وئي جنهن ذريعي رڪن آساني سان پنهنجيون تصويرون سنڌ سلامت تي ونڊي سگهن...
جنهن کان پوءِ آخر ڪار هڪ ڪارآمد پلگ کي خريد ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ... جيڪو توڙي جو کڻي 15 ڊالرز جو هيو پر ان جا بهتر فيڇر کيس ايترو مهانگو ثابت نه ڪري رهيا هئا... اهڙي ايڊان جي انسٽاليشن به ڪافي پيچيده ثابت ٿي پر مڙني درستگين کان پوءِ ان کي رليز ڪجي ٿو...
هاڻي سنڌ سلامت جي نئين موضوع، موضوع ۾ ئي هيٽ موجود تڪڙي جواب ۽ تحريرن جي ترميم ۾ ٽيڪسٽ ايڊيٽر هيٺان تصويرن کي شامل ڪرڻ جا نوان آپشنز لڳايا ويا آهن... جنهن تحت:
يا وري ڪنهن ويب سائيٽ تان URL کي ڪاپي ڪري “ويب سائيٽ تان” کي چونڊي هيٺ موجود بار ۾ پيسٽ ڪري اپلوڊ بٽڻ دٻايو...
هڪ دفعو تصوير اپلوڊ ٿيڻ کان پوءِ شامل ڪري بٽن کي دٻايو... جنهن سان توهان جي مطلوبا تصوير سنڌ سلامت جي مونو گرام سان ٽيڪسٽ ايڊيٽر ۾ شامل ٿي ويندي...
وڌي تفصيل لاءِ هي وڊيو ڏسو...
اميد ته سنڌ سلامت طرفان رڪنن جي سهولت لاءِ کنيل هن قدم کي سمورن رڪنن طرفان پسند ڪيو ويندو.. توهان جي واڌو ڪاٽو تبصرن جو انتظار رهندو...

- توهان پنهنجي ڪمپيوٽر مان تصويرون پنهنجي جوابن ۾ شامل ڪري سگهو ٿا..
- توهان ڪنهن به ويب سائيٽ تان URL کي ڪاپي ڪري ان پلگ ان ذريعي سنڌ سلامت تي شامل ڪري سگهو ٿا.
- پنهنجي طرفان شامل ڪندڙ تصوير کي ريسيائيز ڪري سگهو ٿا...
- هڪ ئي وقت هڪ يا گهڻيون تصويرون اپلوڊ ڪندي شامل ڪري سگهو ٿا...
- اميج يو آر
- پوسٽ اميج
- اميج شيڪ
- پڪاسا
- فلڪر