صادق فقير جي لاڏاڻي تي – لڙڪ لڙي پيا لار ڪري . . .
رکيل مورائي
ڪالهه اهو آلاپ پنهنجي آواز جون لهرون صحراءِ عرب ۾ ڇڏي، الوپ ٿي ويو، جيڪو آواز صحراءِ سنڌ-ٿر مان ويهه کن ورهيه اڳ پنهنجي سموري توانائيءَ سان اڀريو هُئو ۽ جنهن نه رڳو سڄي ٿر کي محفوظ ڪري ڇڏيو پر هو سنڌ ۾ هڪ اهڙو صحرائي، الاپ کڻي آيو، جنهن سنڌ جا وٿاڻ ۽ وستيون واسي ڇڏيا. ڳوٺ ڳوٺ گليءَ گليءَ ۾ ڳايو ويو. نئين سنڌ جي جديد شاعري، نئين رنگ ۽ نئين آواز سان سنڌ ۾ گونجڻ لڳي، اها گونج اسان پياري دوست ۽ نوجوان راڳي صادق فقير جي هُئي.
سچ ته اهو آهي، اڄ جڏهن صادق فقير، وقت کان اڳ تيزيءَ سان اسان کان وڇڙي ويو آهي ته اسان کي شدت محسوس ٿيو آهي ته شايد سندس تيزيءَ سان اُڀرڻ ئي ان ڪري هُئو. ڪنهن فنڪار کي جيڪو مرتبو سڄي عمر جي رياض کانپوءِ نصيب ٿيندو آهي، اهو مرتبو، صادق پنهنجي محنت، پنهنجي صحرائي آواز ۽ پنهنجي سٻاجھي سڀاءَ سبب ويهن کن سالن ۾ ماڻي ورتو. هُن پنهنجي نج ٿري لهجي ۾ سنڌ جي جديد شاعريءَ کي اهڙو حسين آواز ڏنو جو اها شاعري، سڄي شاعراڻي امرتا سان گڏ موسيقيءَ جي امرتا به ماڻي وئي. صادق فقير پنهنجي سڀاءُ ۾ هڪ ماٺيڻو ۽ ملڻهار نوجوان راڳي هُئو، جنهن سنڌ کي گهڻو ڪجهه الڳ ۽ نئون ڏنو، جيڪو سنڌ وٽ اڳ ۾ نه هُئو.
ننڍي عمر ۾ صادق فقير ڪيتريون ئي مڃتائون ميڙي ورتيون پر سنڌ جي مها ڪري اياز جا چيل لفظ سندس باري ۾، ادب جي دنيا ۾ پڻ ياد رکيا ويندا، اياز صادق فقير کي ٻڌي چيو هئو ته ”منهنجي شاعري جنهن آواز لاءِ واجھائي رهي هُئي، اهو کيس ملي ويو آهي، صادق فقير جي آواز جي شڪل ۾“. ۽ ڪالهه اُهو آواز اياز جي شاعريءَ ۽ سنڌ جي جديد شاعريءَ ۽ راڳ کان سدائين لاءِ جدا ٿي ويو.
اڙي موت! ميار، جيڏا روز جدا ڪرين.
صحراءَ عرب ۾ گم ٿي ويل اسانجو هڪ حسين آواز، سنڌ کان سدائين لاءِ موڪلائي ويو. جيڪو صحراءِ سنڌ کان صحراءِ عرب ڏانهن ڪيترائي قافلا به واپس آڻي نه سگهندا شايد!
امراءُ القيس ۽، ام ڪلثوم جي ڌرتيءَ تي پنهنجا پويان پساههَ ڇڏيندڙ صادق فقير جو آواز اڄ مائي ڀاڳي ۽ موهن ڀڳت جو آواز ٿر جي ڀٽن ۾ ڳولي رهيا آهن، سنڌ اداس ٿي وئي آهي، سنڌ جي ساڃاهه، سنڌ جا سُر اداس ٿي ويا آهن، شايد کين وري ڪو اهڙو صحرائي الاپ وارو آواز نه ملي سگهي. ۽ سڀ کيس فقط ڪي آلين اکين سان نياپا موڪلين ته:
سکي پيا کي ملين ته چئجانءِ،
چاندني تو سواءِ نه ٿيندي.
فطرت جا پنهنجا اصول آهن، چانڊني به ٿيندي، ٿر ۾ ڪونڀٽ ڪر به کڻندا، واهوندا به ورندا، درد ونديءَ جو ديس به سڪا پوندو، وساري کانپوءِ مورن جا ٽهوڪا به ٻڌي سگهبا، بس جيڪو نه هوندو ۽ جنهن لاءِمٺي ماندي هوندي، اهو صادق فقير جو ٽئگور جي، سانوري شام جهڙو چهرو نه هوندو ۽ اهو آواز/الاپ نه هوندو، جنهن آواز/الاپ سان ٿر جون ڀٽون جاڳي پونديون هيون، جنهن آلاپ سان ستارن ڀريو آسمان گڊيءَ ڀٽ تي لهي ايندو هُئو، مٺي، نوَ ورني ڪنوار جيان جرڪي پوندي هئي، جنهن آلاپ سان پرهه باکون ڪڍندي هُئي، ڪاڪ جو شمائون اجھامڻ لڳنديون هيون، جنهن آلاپ سان اڄ جي مارئيءَ کي ڪڙن ۽ ڪوٽن کان نجات حاصل ڪرڻ جي سگهه ملندي هئي، جيڪو آلاپ جھونا ڳڙهه جھوري وجھندو هئو ۽ جيڪو آلاپ جھروڪ ۾ جهانءَ وجھي سگهندو هُئو، جيڪو سُر، سَون سرن کان وڌيڪ اهم هُئو. هيءُ اهو الاپ هُئو، جنهن بابت ڀٽائيءَ چيو هُئو ته:
منهنجي مٿي جي هجن، سِرن سوَ هزار،
تنهنجي ڪاڻ تنوار، هر هر وڍيان هيڪڙو.
هيءُ ئي صدين کان پوءِ ٿر جي ڀٽن مان اُڏمندڙ الاپ هئو، جيڪو گرنار ۾ گلگلو وجھي سگهڻ جي سگهه رکندو هُئو، سچ پچ هُو جڏهن ڳڙهه پاسي ڳائيندو هُئو ته راڻيون رتولن ۾ اوڇنگارون ڏينديون هيون،ڇوريون چُرڻ ڇڏي ڏينديون هيون.
مارئيءَ جي ملڪ جو هيءُ الاپ ئي ته هُئو، جنهن کي اڄ ڪو نئون راءِ ڏياچ گهربو هُئو.
وقت جي تبديلي رڳو اها آهي ته اڄ هُو پاڻ راءِ ڏياچ هُئو، جنهن صحراءِ عرب ۾ پنهنجو سڀ ڪجهه قربان ڪري ڇڏيو.
سنڌ وري شايد صحراءِ عرب ڏانهن واجھائيندي رهندي، ان آلاپ جي واپس ورڻ لاءِ، جيڪو ڪڏهن به ورڻو نه آهي. ها! سنڌ هُن کي ڪڏهن به وساري نه سگهندي، سنڌي هُن کي وساري نه سگهندا، هُو اسان جي دل ۾ هڪ ياد بڻجي ئي رهجي ويو. جڏهن به هُن جي سار ايندي ته چپن مان نڪرندو.
توکان ٿيندي ڌار،
کلندي کلندي يار،
لڙڪ لڙي پيا لار ڪري.