چاچو نواز علي کوسو : ٿر جو هڪ ديومالائي ڪردار
دولت رام کتري/مٺي
ٿر ۾ لوڪ ڏاهپ جي انوکي ڪردار ۽ تاريخ جي پارکو چاچي نواز علي کوسي، جڏهن ڪارونجهر جي دامن ۾ پنهنجا پساهه پورا ڪيا، ته ٿر جون هوائون سوڳوار بڻجي ويون. ڪارونجهر روئي ڏنو ۽ پارڪر جي پَڊن تي ڪولهين جا راسوڙا خاموش بڻجي ويا. پنهنجي سِيني ۾ ٿر جي تاريخ سانڍي رکندڙ هن ديو مالائي ڪردار کي سنڌ جا ماڻهو ٿر جي ”انسائيڪلو پيڊيا“ جي نالي سان پڻ ياد ڪن ٿا.
سال ۱۹۲۶ع ۾ ڳوٺ ڪٻڙي ۾ جنم وٺندڙ ٿر جي تاريخ جي پارکو، چاچي نواز علي کوسي جو وڏو آدرش انسان دوستي هو. ٿر جي لوڪ ادب، ڏاهپ ۽ تاريخ جو ساکي نواز علي کوسو پارڪر جو هڪ مهمان نواز ماڻهو هوندو هو، جو وٽس سنڌ جا ڏاها، اديب، شاعر، محقق هن ماڻهوءَ وٽ ڪَهي ايندا هئا. انهن سُڄاڻ ماڻهن سان چاچو نواز علي کوسو ٿر جي تاريخ، ثقافت، لوڪ ادب ۽ سگهڙائپ تي وڏا وڏا بحث ڪندو هو. وٽس ڄاڻ جو تمام گهڻو خزانو هوندو هو.
سال ۱۹۹۲ع ۾ جڏهن انهيءَ وقت جي ٿر جي ڊي سي عبدالقادر منگي ٿر سيمينار ڪوٺايو هو، تڏهن ٿر جا ناليوارا اديب، محقق، ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ، انور پيرزادو، بدر ابڙو، عبدالله ورياهه ۽ ٻيا دوست، تاريخ جي هن ڄاڻو ماڻهو سان مليا ۽ ٿر جي تاريخ بابت مفيد معلومات چاچي نواز کان حاصل ڪئي. ٿر جي پيرائتي تاريخ ۵۰ سال اڳ رائيچند راٺوڙ قلمبند ڪئي هئي ۽ ٿر کي هڪ انمول ڪتاب ”تاريخِ ريگستان“ ڏئي ويو. رائيچند راٺوڙ کان پوءِ ٿر جي تاريخ تي ايترو ڪم نه ٿي سگهيو، جيڪو ٿيڻ گهرجي ها.
چاچي نواز کوسي وٽ نه صرف ٿر پر ننڍي کنڊ جي تاريخ سيني ۾ سانڍيل هئي. هن سير سفر ڪندي ننڍي کنڊ جي اڌ کن علائقي جو سنئون سڌو مشاهدو ماڻيو. سنڌيءَ جا ٻه درجا پاس ڪندڙ هن شخص کي ننڍي کنڊ جون ڏند ڪٿائون ۽ لوڪ ڪهاڻيون ياد هونديون هيون. ٿر، راجسٿان، ڪڇ ۽ ڪاٺياواڙ جي لوڪ ڪهاڻين توڙي انهن علائقن جي ٻولين جو به علم هوندو هئس. هن شخص ڪارونجهر جي مڪمل تاريخ پنهنجي سِيني ۾ سانڍي رکي، هن کي خبر هئي ته، ڪارونجهر جي آسپاس علائقي کي ڪيئن آباد ڪري سگهجي ٿو. هن کي اها به خبر هئي ته، ڪارونجهر جو پاڻي گڏ ڪري پارڪر ڪيئن آباد ٿي سگهي ٿو.
هو ٿر جي تاريخ، لوڪ ادب، يا ڪنهن به موضوع تي ڳالهائڻ ويهندو هو ته، دليلن سان ڳالهائيندو هو. هُن جي لفظ لفظ ۾ وزن هوندو هو، هو پنهنجي طبيعت ۽ مزاج ۾ خوش مزاج ماڻهو هوندو هو.
چاچو نواز کوسو ملنسار ۽ محبتون وکريندڙ ماڻهو هوندو هو. وٽس ڪو مهمان لنگهي ويندو هو ته هو انهيءَ کي بي پناهه محبتون ڏيندو هو. هو ٿر ۾ مذهبي هم آهنگيءَ جو اعليٰ مثال هو. هن جي مزاج ۾ انسان دوستي ۽ مذهبي رواداريءَ وارو ڪردار نظر ايندو هو. هو ٿر جو ڪو راوئتي وڏيرو به نه هو پر پوءِ به هو پنهنجي علائقي جي ماڻهن جا مسئلا ٻڌندي نظر ايندو هو ۽ ٿر جي غريب ماڻهن جي لاءِ ڇپر ڇانوءَ هو.
چاچو نواز کوسو مسڪين جهان خان کوسي جو ٻيو روپ هو. سندس ڪردار ۾ مسڪين جهان خان کوسي جا آدرش نظر ايندا هئا. چاچو نواز کوسو ڀٽائيءَ جو پارکو پڻ هو. هن کي لطيف جي شاعري ۽ ڀڳت ڪبير جي شاعري تمام گهڻي ياد هوندي هئي.
چاچو نواز کوسو ٿر جي تاريخ جو نرالو ماڻهو هوندو هو، جنهن وٽ علم ۽ ادب جو وڏو خزانو موجود هوندو هو. هن جي تاريخي ڪردار کي سنڌ واسي هرگز نٿا وساري سگهن. ٿر جي لوڪ ڏاهپ جو هي امر ڪردار ڪارونجهر جي هنج ۾ سمهي پيو آهي ۽ سنڌ جا ماڻهو سالن تائين هن جي ڏاهپ جا ڳڻ ڳائيندا رهندا.