• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڊاڪٽر خير محمد جوڻو

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
72UmNE.jpg



ڪراچي (رپورٽر ) روزاني عوامي آواز جو مئنيجنگ ايڊيٽر ۽ کاٻي ڌر جو اڳوڻو سرگرم اڳواڻ ڊاڪٽر خير محمد جوڻو گذريل رات 22 آگسٽ 2017 تي عوامي آواز جي آفيس ۾ دل جو دورو پوڻ سبب 63 ورهين جي ڄمار ۾ لاڏاڻو ڪري ويو. ڊاڪٽر خير محمد جوڻو، ڪامريڊ ڄام ساقي، شهيد نظير عباسي، احمد خان جمالي ۽ عوامي آواز ميڊيا گروپ جي سرواڻ ڊاڪٽر جبار خٽڪ سان کاٻي ڌر جي سياست ۽ ايس اين ايس ايف ۾ سرگرم رهيو. هِن ايم بي بي ايس ڪرڻ کان پوءِ وڏو عرصو لبيا ۾ نوڪري ڪئي. وطن واپس ورڻ بعد پنهنجي سياسي دوست ڊاڪٽرجبار خٽڪ سان روزاني عوامي آواز اخبار يدار ٿيو. ۽ آخري دم تائين عوامي آواز ميڊيا گروپ سان جُڙيل رهيو. 20 سالن تائين اخبار جي نگراني ڪندو رهيو.ڊاڪٽر خير محمد جوڻو جي اڄ قاضي احمد لڳ ڳوٺ مير محمد جوڻو ۾ شام 4 وڳي جنازي نماز ادا ڪئي ويندي. جنهن بعد سندس مڙهه اباڻي ڳوٺ ۾ ئي مٽي ماءُ حوالي ڪيو ويندو. عوامي آواز ميڊيا گروپ جو سٿ، مٽ ۽ مائٽ آخري رسمن ۾ شرڪت ڪندا. حيدرآباد جا صحافي اقبال ملاح سکر مان جاويد ميمڻ ۽ ٻيا پڻ شرڪت ڪندا. ياد رهي ته ڊاڪٽر خير محمد جوڻو پنهنجي علائقي جو آبادگار پڻ هو ۽ سماجي سرگرمين ۽ غريب ماڻهن جي مدد ڪرڻ جي حوالي سان پوري ضلعي ۾ مشهور هو.
 
Back
Top