
سپريم ڪورٽ جو اڳوڻو جج، سنڌ هاءِ ڪورٽ جو اڳوڻو چيف جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه لاڏاڻو ڪري ويو.
اڳوڻو چيف جسٽس ۽ نيب چيئرمئن سيد ديدار حسين ولد سيد محبوب علي شاهه، 11 ڊسمبر 1939ع تي ڳوٺ ڳڙهي غلام حيدر قادري، تعلقي رتيديري، ضلعي لاڙڪاڻي ۾ جنم ورتو. ابتدائي تعليم رتيديري جي پرائمري اسڪول مان ورتائين. مئٽرڪ 1957ع ۾ هاءِ اسڪول رتيديري مان پاس ڪرڻ بعد سچل سرمست ڪاليج حيدرآباد ۾ داخلا ورتائين، جتان 1962ع ۾ بي اي پاس ڪيائين. بعد ۾ 1964ع ۾ سنڌ لا ڪاليج حيدرآباد مان ايل ايل بي ڪيائين. تعليم مڪمل ڪرڻ بعد استاد مقرر ٿيو. 1960ع کان 1965ع تائين گورنمنٽ هاءِ اسڪول نئين ديري ۽ گورنمنٽ هاءِ اسڪول رتيديري ۾ خدمتون سرانجام ڏنائين. 1957ع کان 1960ع تائين رتيديري ميونسپالٽيءَ ۾ آڪٽراءِ انسپيڪٽر ٿي رهيو. 1965ع ۾ سرڪاري نوڪريءَ کي خيرآباد چئي، نامور قانوندان عبدالرزاق سومري جي رهبريءَ ۾ وڪالت شروع ڪيائين، ڇهن مهينن بعد پنهنجي منهن ڪيس کڻڻ جو آغاز ڪيائين. 1973ع ۾ کيس سنڌ هاءِ ڪورٽ ۾ انرولمينٽ ملي ۽ ڊسمبر 1973ع کان هاءِ ڪورٽ جا ڪيس کنيائين. ڪجهه عرصي بعد سندس نالو سنڌ جي ناميارن قانوندانن ۾ شمار ٿيڻ لڳو. 1970ع ۾ پيپلز پارٽيءَ ۾ شموليت اختيار ڪيائين ۽ 1970ع واري اليڪشن ۾ ذوالفقار علي ڀُٽي جو پولنگ ايجنٽ رهيو. 1979ع ڌاري بلدياتي چونڊن ۾ حصو ورتائين. تعلقي ۾ وڏي مخالفت باوجود ضلعي ڪائونسل جو ميمبر چونڊيو ويو. بعد ۾ کيس بنا مقابلي تعلقي ڪائونسل رتيديري جو چيئرمئن چونڊيو ويو. ايم. آر. ڊي تحريڪ جي حمايت ۾ احتجاجاً پنهنجي عهدي تان استعيفا ڏنائين، ٻيهر 1987ع ۾ ضلعي ڪائونسل لاڙڪاڻي جو ميمبر چونڊيو ويو. نومبر 1988ع وارين صوبائي چونڊن ۾ پ پ جي ٽڪيٽ تي ممتاز ڀٽي کي شڪست ڏنائين. 1990ع ۾ به سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو. 1993ع وارين چونڊن ۾ ممتاز علي ڀٽي کان اليڪشن هارايائين. سندن پ پ سان شروع کان وٺي گھرو لاڳاپو رهيو آهي. 1983ع کان تعلقي رتيديري جو صدر ۽ 1980ع کان 1993ع تائين بينظير ڀٽو طرفان شهيد ذوالفقار علي ڀٽو مزار ڪميٽيءَ جو سيڪريٽري مقرر ٿيو. مارشل لا دوران 1979ع ۾ ٽن مهينن تائين سکر سينٽرل جيل ۾ نظربند رهيو ۽ ايم. آر. ڊي تحريڪ دوران پڻ ايم. پي. او تحت هڪ مهيني لاءِ سکر سينٽرل جيل ۾ قيد رهيو. هن سرڪاري وفدن ۾ ميمبر جي حيثيت ۾ ڪوريا ۽ چين جا دورا ڪيا آهن. ان کان سواءِ هن نجي حيثيت ۾ فرانس، شام، سعودي وغيره جا دورا به ڪيا آهن. قانون جي شعبي ۾ تجربي سبب کيس 1994ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو جج مقرر ڪيو ويو، جنهن بعد پهرين فيبروري 2000ع ۾ سنڌ هاءِ ڪورٽ جو چيف جسٽس مقرر ٿيو. 28 اپريل 2000ع تي چئن سالن لاءِ 10 ڊسمبر 2004ع تائين سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جو جج مقرر ٿيو. 2011ع ۾ ڪجهه وقت لاءِ نيب جو چيئرمئن پڻ رهيو.
پاڻ پنهنجي زندگي جي يادگيرين بابت آتم ڪٿا لکي اٿن جيڪا ٻن جلدن ”گوندر ويا گذري “ ۽
“ سکن لڌي سار“ جي نالن سان ڇپيل آهي. هو سنڌ گريجوئيٽس ائسوسيئيشن جي مرڪزي ايگزيڪيوٽو ڪميٽيءَ جا رڪن پڻ رهيا.
اڄ 30 جنوري 2019ع تي ڪراچي ۾ انتقال ڪري ويا آهن.
انسائيڪلوپيڊيا سنڌيانا جي ٿورن سان.

جسٽس رٽائرڊ ديدار حسين شاهه ۽ محمد سليمان وساڻ