Follow along with the video below to see how to install our site as a web app on your home screen.
نوٽ: This feature may not be available in some browsers.
ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟ سنڌ سلامت جي انتظامي اي ميل تي روزانو پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ جون ڪافي درخواستون وصول ٿي رھيون آھن. جن تي خودڪار طريقي ذريعي اي ميل موڪلي رڪنن جا پاسورڊ ري سيٽ ڪيا پيا وڃن. ان باوجود ڪافي رڪنن کي پاسورڊ ري سيٽ ڪرڻ ۾ ڏکيائون اچي رھيون آھن. جيڪڏھن توھان سان پڻ ساڳيو مسئلو آھي تہ ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!
سنڌ جو سج اُڀاري ڳوٺ چونچا جوڻيجا جي عارف جوڻيجو، آديگام جي مگهنو ڪولهي، ساٿي سومجي، کان وٺي ڪاسبو، سوراچند، بڙتلاءُ، آلاڻي، اُٺ ڪپاريو، ڊيڊويرو، ڀوڏيسر، موندرو تائين ٻين لاءِ جيئڻ جو جستجو ڪندي ظلم خلاف ميدان عمل ۾ آهن سي سمورا انهي شمع جا پروانا آهن. ڏيڍ صدي اڳ ڪولهڻ جي ڪل مان جنم وٺندڙ امر روپلو ڪولهي ڪارونجهر جي سونهن کي بچائڻ لاءِ سر جو نذرانو ڏيئي جلائي هئي.
پتنگن پهه ڪيو، مڙيا مٿي مچ
پسي لهس نه لڇيا،سڙيا سچ
سندا ڳچين ڳچ، ويچارن وڃايا.
اُهو وقت هو جڏهن هتان جا وڏيرا، رائيس، سوڍا، سردار لقبن تي وڪجي، زمينون حاصل ڪرڻ، غريب ماڻهن تي پنهنجو ڌاڪو قائم رکڻ، ٻڌ ڇوڙ ۽ روينيو رڪارڊ ۾ هيراڦيري ڪرڻ لاءِ پنهنجي ڌرتي کي ڌارين حوالي ڪرڻ جو سودو ڪري چڪا هئا.
روپلي جي ماءُ روپلي جي رتو رت ٿيل چهري کي ڏسي رُني ڪونه نه وري تروٽ کي ايلاز منٿون ڪيائين پر روپلي کي آٿت ڏيندي چيائين ته روپا تون ماءُ جي ٿڃ جو سودو نه ڪجان، متان مونکي هڪ جيڏيون طعنا ڏين، منهنجو سرتين ۾ ڳاٽ اوچو ڪجان“ تون جي مري ويندين، ته هزارين مائرون روپا ڄڻينديون جيڪي تنهنجي رت جي ڦڙي ڦڙي جو حساب وٺندا. ايئن امر روپلي ڪولهي پنهنجي سر جو نذرانو ڏيئي هن سرزمين تان انگريز سامراجن جا هميشه لاءِ پير اکيڙي ڇڏيا. پاڻ شهيدن جو تسلسل برقرار رکي ڌرتي جي حلالي پٽ جو ثبوت ڏيئي هميشه لاءِ امر ٿي ويو.
ته ڪر ڪيئن سُئي جي سير، نه گهڙي سهڻي،
هونئن ته حياتي ڏينهڙا، هڏين تان نه هُئي
چڪيءَ تنهن چري ڪيس جاڏنيس اُن ڏهي
سهڻي کي سيد چئي وڌو قرب ڪُهي
هونئن ته هوند هُئي، پرٻڏي جا ٻيڻا ٿيا.
موت جي مسڪرائي آجيان ڪندڙ جو جنازو ماتمي ترانن بدران توب جي گجگوڙ ۾ کڄاڻو، جنگ ۽ جيت جي انقلابي گيتن سان فضائن جا هانءَ ڪنبي ويا. هي انقلابي عزم رکندڙ اڏول ۽ اڻ ورچ انسان تاريخ جو امر ڪردار بنجي ويو.
ڪنهن پارڪرياڻي جي پيٽ ڄائو، هو هندو هو ۽ ڪولهي هو،
نه راڻن مان نه سوڍن مان، ۽ ڪاري چمڙي وارن مان
جنهن کي هتي نيچ چئي، پيرن ۾ وهارين ٿا ڌڪارين ٿا
انسانيت کان ڌار به رهي، اوبر سوبر اڇلايل کاڌو،
ڪتن جيئن کارائين ٿا. تنهن ڪاري ڪولهڻ جي ڪانڀي ۾
پارڪر جي ڦٽن تي، گگر لاهيندي جا گهمندي هُئي،
اُڃ سهي ۽ بک سهي تتا ڪاڙها لڪ سهي، جو نپنو هو ۽ پليو هو. سو روپو ڪولهي هو. ڌرتي خاطر ڌارين سان ، جنگ وڙهيو جو جوڌو هو. گهوٻاٽن ۽ ڪاترن سان ٽروٽ انگريز پارن سان.
منهن ڪارونجهر جي سونهن بچائي، جتي اڄ به مور جو ٽهوڪو آ.
جتي اڄ به روپو جا وارث عذاب ۾ آهن، تڏهن سندس ساٿي نقش قدم تي هلندي، عارف جوڻيجي، مگهني ڪولهي، ساٿي سومجي جي روپ ۾ روپلي جي ياد تازي ڪرڻ لاءِ ظالمن خلاف للڪار بنجي، ڌرتي ۽ قوم جو قرض چڪائي رهيا آهن.
روپلو ڪولهي، انگريزن جي سنڌ تي قبضي خلاف گوريلا ويڙه ڪندڙ هڪ آزاديءَ جو سپاهي هو. هن ڪارونجهر جي جبلن ۾ لڪي انگريزن خلاف اثرائتيون ڪاروائيون ڪيون. روپلي جي ويڙه انگريزن کي تمام گهڻو پريشان ڪيو، نيٺ هڪ ڏينهن کيس گرفتار ڪري ورتائون. انگريزن، روپلي ڪولهيءَ تي ڪيس هلائي کيس بغاوت جي الزام هيٺ 22 آگسٽ 1858ع تي سندس ساٿين سميت ڦاهيءَ چاڙهي ڇڏيو.
1843ع ۾ انگريزن جنهن چالاڪي مڪاري ۽ جديد هٿيارن سان جنگ وڙهي سنڌ جي مختلف علائقن کي فتح ڪري سنڌ تي قبضو ڪر ورتو. انهيءَ انگريز کي 16 سالن تائين راجپوتن جي فوج سان مهاڏو اٽڪائڻو پيو. جنهن فوج جو وڏو تعداد ڪولهين تي مشتمل هو ۽ ان جو سپهه سالار دراوڙ نسل جو روپلو ڪولهي هو. ياد رهي ته ڪولهي سنڌ ۽ راجستان جي ٿر ۽ پارڪر جي علائقي ۾ اصلوڪن رهاڪن جي حيثيت رکن ٿا. 1843 کان 1859 تا ئين انگريزن سان جنگ جوٽيندڙ روپلو ڪولهي نه فقط بهادر پر پنهنجي ڌرتي، ماڻهن ۽ حڪمرانن جو بنهه وفادار انسان هو، بي پناهه ڪمنٽمينٽ جو مالڪ روپلو ڪولهي ٽي ڀيرا ان وقت انگريز فوج جي جنرل ٿروٽ کي شڪست ڏيئي چڪو هو ۽ جنرل ٿروٽ پنهنجون فوجون واپس وٺي بار بار اچي ميرپور ڪئمپ پهچندو هو.
جڏهن انگريزن وٽ توپون، رائفلون، بندوقون، گولابارود ۽ جديد هٿيار هئا. تڏهن هماليه جبل کان سنڌي سمنڊ تائين انگريز راڄ ته قائم ڪري ويا پر کين سنڌ جي نقشي تي موجود ڪارونجهر جبل ۽ ٿرپارڪر 16 سالن تائين آزاد خودمختيار علائقي جي حيثيت سان آباد هئا. بغاوت جو جهنڊو بلند ڪندڙ روپلو ڪولهي طئه ڪري چڪو هو ته ڪنهن به صورت ۾ انگريزن کي ڪارونجهر جي ڪور تائين پهچڻ نه ڏبو.
روپلي ڪولهي جنهن ڪارونجهر ۽ ٿرپارڪر لاءِ جدوجهد ۽ مزاحمت جي تاريخ پئي جوڙي اهو ٿر دنيا جو ارڙهون ريگستاني علائقو آهي. رڻ ڪڇ ۽ هندستان جي ڀڪ سان 22 هزار چورس ڪلوميٽرن تي مشتمل سنڌ جي ڏاکڻي علائقي جو هي منفرد حيثيت رکندڙ خوبصورت علائقو آهي. 1858 ۾ هن علائقي کي چارلس نيپيئر ڪڇ پوليٽيڪل ايجنسي ۾ شامل ڪيو. ۽ 1843 کان 1858 تائين حيدرآباد ڪليڪٽوريٽ سان الحاق ۾ رهيو. پر ان دوران انگريز حڪمران هن ڌرتي تي ڪڏهن به سک جو ساھ کڻي رهي نه سگهيا. بعد ۾ انتقامن هن علائق کي سنڌ کان الڳ ڪري ڪڇ سان ملايو ويو. روپلو ڪولهي جيڪو اهڙي سامراجي فيصلي کان ڪجهه مهينا بعد مئي مهيني ۾ 1859 دوران گرفتار ڪيو ويو ۽ انگريز عذاب گهرن ۾ مٿس سخت تشدد ڪيو. کانئس سوڍن ۽ راجپوتن جا نالا گهريا ويا جن سان گڏجي ڳچ عرصو روپلو ڪولهي هزارين ڪولهين سان گڏجي مزاحمتي ويڙھ وڙهندو رهيو. روپلو ڪولهي جنهن لڳاتار 16 سال ڏڦن، ڀالن، ڪرپان ۽ گليل سان ويڙھ وڙهي تنهن انگريزن کي پنهنجي هڪ به ساٿي جو نالو نه ٻڌايو. جڏهن کيس چيو ويو ته سوڍا مال ملڪيتون جاگيرون وٺي ٺاھ ڪري چڪا آهن، تون به ٺاھ ڪر ته روپلي چيو ته منهنجي ڌرتي تان ناپاڪ قدم کڻي وڃو. مان پنهنجن امر شهيدن جي رت سان سودو نه ڪندس ۽ اوهان سان ڪڏهن به ٺاهه نه ڪندس. ڪيسر ڪولهڻ جو پٽ روپلو ساھ ڏيڻ لاءِ تيار ٿي ويو پر هن انگريز سامراج آڏو ڪنڌ جهڪائڻ ڪڏهن به قبول نه ڪيو.
ٿر جي تتل واري ۽ پارڪر جي پٿريلي زمين تي پيرن اگهاڙي انگريزن سان ويڙھ وڙهندڙ بهادر پارڪرين سامراج کي للڪاريو، انهن ماڻهن ۾ اڳئين صف جو ويڙهاڪ روپلو ڪولهي سامراجن جي خوني چنبن ۾ قيد دوران به بهادري ۽ جرئت جو پاڻ مثال هو.ڌناڻي، تلوار، بڙڇ ۽ ڀالا کڻي معمولي هٿيارن سان برطانوي فوج کي ڀاڃ تي مجبور ڪندڙ هي ماڻهو ڌرتي جو غيرت مند اولاد هئا.
جڏهن مئي مهيني ۾ روپلو گرفتار ٿيو تڏهن ننگر ۾ سخت برسات وسي رهي هئي. پٽيالي ۽ گودروندي تيز وهي رهيون هيون. ان ڏينهن انگريزن سان دوبدو ويڙھ وڙهي وئي، ڇهه هزار ڪولهي شهيد ٿيا. جن جو خون انهن برساتي ندين ۾ وهندو رهيو. پاڻي ريٽو رت بڻجي ويو. ڌرتي ۽ وطن تان هزارين ڪولهي جان جو جذرانو ڏئي شهادت جو جام پيندا رهيا. هنن ساھ ڏئي ويساھ قائم ڪري ورتو. جڏهن ته سندن راجا لاڏو سنگهه ۽ ڪرن سنگهه توڙي ٻاوا ۽ ٻيون برادريون ميدان ڇڏي ڀڄي ويون. ڪن معافيون ورتيون پر هي دلير ۽ مڙس ماڻهو ٽارچر سيل ۾ ڪڙهندي به آڻ مڃڻ لاءِ هڪ سيڪنڊ به تيار نه ٿيو ۽ چوندو رهيو ته مان پنهنجي ڌرتي تان ٻاٽ اونداهي مٽائي روشن سج اڀارڻ لاءِ آخري پساھ تائين جنگ ڪندو رهندس. روپلي ڪولهي جي وني جڏهن ساڻس ملاقات ڪرڻ اچي ٿي ته انگريز کيس روپلي کي ٺاهه تي راضي ڪرڻ جي آسري تي ملائن ٿا ۽ کيس چيو وڃي ٿو ته روپلي جيڪڏهن آڻ نه مڃي ته سندس لڄ سرعام لٽي ويندي. بهادر زال جڏهن پنهنجي باغي مڙس سان ملي ٿي ته ان وقت رتن ٻائي ڪولهڻ پاڻ بهادري جي علامت بڻجي پئي ٿي ۽ روپلي کي همت وٺرائيندي چئي ٿي ته نه ساٿين جا نالا ڏجانءِ نه ئي وري انگريزن جي ڳالهين ۾ اچي انهن سان ٺاھ ڪجانءِ. توکي ماريو ويو ته وري منهنجي ڪک مان ڄمندڙ ٻار تنهنجي جدوجهد ۽ مزاحمت کي جاري رکندو. هي منهنجي لڄ لٽين يا توکي ماري ڇڏين. ان سان اسين امر ٿي وينداسين. اهو ئي سبب آهي ته اڄ انگريزن جي قبرن تي ڪير وڃڻ لاءِ تيار ناهي پر ڪارونجهر جي ڪور تي امر شهيد روپلو ڪولهي جي يادگار تي سنڌ، هنڌ ۽ ٻين علائقن جا ماڻهو اچن ٿا سنڌ جا نوجوان اتي پنهنجو قومي ترانو پڙهن ٿا. روپلي ڪولهي ساھ ڏئي جيڪو ويساھ قائم ڪيو اڄ ڪولهين کان علاوه سنڌ ۽ هند ۾ کيس قومي هيرو تصور ڪيو ٿو وڃي. قومي تحريڪ سندن ويڙھ کي پنهنجي جودجهد لاءِ اتساھ سمجهي اڳيان وڌي رهي آهي. انگريزن کان اڄ تائين غلامي جي جنهن پاتال کي سنڌ ڇهي رهي آهي. انهن هڪ سئو 67 سالن تائين هلندڙ جدوجهد ۽ قومي ويڙھ شهيد روپلي ڪولهي جي مزاحمت ويڙھ جو تسلسل آهي. نيٺ هر طرح جي غلاميءَ کان قوم نجات ماڻيندي.