ممتاز علي وگهيو
سينيئر رڪن
هڪ آرٽسٽ، هڪ آئينو! ( ظفر ڪاظمي )

2007ع منهنجي هن سان پهرين ۽ آخري ملاقات مهينو کن اڳ ٿي هئي، جڏهن آمريڪا ۾ رهندڙ هن جو ناٺي جاني ابڙو سندس گهر ترسيل هو. مان ۽ طارق عالم گڏجي ميوزيم ڀرسان سندس گهر پهتاسين. انهن ڏينهن ۾ هو ڪجهه ڪجهه ڳالهائي رهيو هو، پر هن جي حالت مان لڳو پئي ته پاڇا ڊگها ٿي چڪا آهن، سج لهڻ تي آهي. اهو ڪمرو، جنهن ۾ هن جي جوانيءَ واريون تصويرون ۽ سندس ٺاهيل پينٽنگز لڳل هيون، محسوس پئي ٿيو ته ان ڪمري ۾ ڪجهه ڏينهن کان پوءِ ٻيو سڀ ڪجهه هوندو، پر ظفر ڪاظمي صاحب نه هوندو...۽ ڪالهه ايئن ئي ٿيو...هو هليو ويو، اهو سڀ ڪجهه هتي ڇڏي، جنهن کي هن زندگي ڏني هئي...سمورن برشن، سمورن رنگن، سمورن ڪينواسن ۽ سمورين پينٽنگز کي الوداع چئي ان ڌرتيءَ جي هنج لاءِ اُسهيو، جنهن ڌرتيءَ کي هو ماءُ ڪوٺيندو هو.
مان هن سان ڪچهريءَ دوران نوٽس به وٺندو رهيس ته ظفر صاحب جي هن ڪچهريءَ کي ڪو انٽرويو جو روپ ڏيندس، پر موت کان ڪجهه ڏينهن جي فاصلي تي بيٺل ماڻهوءَ جا خيال ايئن ئي هوندا آهن، جيئن محرم جي مهيني ۾ ماتمين جا وار...وکريل وکريل، بي ترتيب! هن جا خيال به وکريل وکريل هئا، بي ترتيب! پر انهن خيالن ۾ اها بيباڪي ساڳي ئي هئي، جيڪا سموري زندگي هن جي سڃاڻپ رهي. هن جي سڃاڻپ هڪ مصور طور هئي، پر مان سمجهان ٿو ته ان سان گڏ هن جي وڏي سڃاڻپ هن جي بيباڪي هئي. هن مهل به جڏهن اوهان ڪچهريءَ ۾ ظفر صاحب جي شخصيت تي ماڻهن کي ڳالهائيندي ٻڌندئو ته هن جي پينٽنگز ۽ مصوريءَ کان وڌيڪ ماڻهو هن جي بيباڪيءَ تي ڳالهائيندي نظر ايندا ته ڪيئن نه ظفر نوڪريءَ جي پرواهه نه ڪندي پنهنجي ئي کاتي جي ڪامورن کي اسٽيج تي بيهي سوين ماڻهن اڳيان سچ چيو هو. مون ظفر صاحب جي اها بيباڪي ان پروگرام ۾ به ڏٺي هئي، ۽ ساڻس ٿيل هن پهرين ملاقات ۾ به ڏٺم. جڏهن هن ڳالهائيندي ڳالهائيندي منهنجي ڪنهن سوال تي مون کي دڙڪو ڏنو ته جاني ظفر صاحب کي چيو ته، منظور اوهان سان ڪچهري ڪرڻ آيو آهي، ته ظفر صاحب چيو، ”هن کي مون چيو هو ته اچي؟“ هو شروع کان وٺي ڳالهائڻ جو کرو هو، ۽ آخر تائين کرو رهيو، ۽ پنهنجي ان انداز کي هن سڀني لاءِ هڪجهڙو رکيو، ڪڏهن ايئن نه ٿيو جو هن پنهنجي ماتحت سان ته بيباڪي ڪئي هجي، ان سان تکو ٿي ڳالهايو هجي، پر ڪنهن وزير مشير جي هروڀرو خوشامد ڪندو هجي. مون کي ڪنهن دوست ٻڌايو ته، عبدالله شاهه هن جو دوست هو، ۽ جڏهن هو وڏو وزير ٿيڻ کان پوءِ هن سان سندس گهر ملڻ لاءِ اچي رهيو هو ته هن جي پهچڻ کان اڳ حيدرآباد انتظاميا جا عملدار سيڪيورٽي جاچ لاءِ هن جي گهر ويا ته هن کين اهو چئي ڀڄائي ڇڏيو ته جيڪڏهن هن لاءِ منهنجو گهر سيڪيورٽي رسڪ آهي ته پوءِ مون سان ملڻ ڇو پيو اچي؟ ڪامورن اها ڳالهه عبدالله شاهه کي ٻڌائي ۽ پوءِ هو بنا پروٽوڪول ظفر ڪاظميءَ سان ملڻ ويو.
جيئن هن وٽ زندگي گذارڻ جو پنهنجو آرٽ هو، ايئن ئي هن وٽ هر ماڻهو، هر ڪردار ۽ هر نظرئي لاءِ پنهنجي فلاسافي هئي. هو ڀٽائيءَ جو عاشق هو، پر سڌڙيو عاشق نه هو. هن ڀٽائيءَ جي سورمين کي پينٽنگز جو روپ ڏنو، ۽ ڀٽائيءَ جي شعرن جي تشريح به پنهنجي انداز سان ڪئي. ڀٽائيءَ بابت هو پنهنجي امڙ کي استاد سمجهي ٿو. هن چيو ته ”مون کي ڀٽائيءَ امان سمجهايو.“ ان ڏس ۾ هن چيو ته ”مون هڪ اسڪالر کان ڀٽائيءَ جي شعر ”مڌ پيئندي مون ساجن صحيح سڃاتو“ جي تشريح پڇي ته هن چيو مڌ معنيٰ شراب. پر امان چيو ته مڌ معنيٰ ماءُ جي ٿڃ، ۽ ساجن معنيٰ خدا. جيڪو ماءُ جي ٿڇ پيئندو، اهو ئي خدا کي سمجهي سگهندو.“ هن چيو پئي ته ”عورت جو مرتبو سڄي انسان ذات کان بلند آهي، ان ڪري ئي ته ان کي امان ڪري سڏيندا آهن.“ هن جي دعويٰ هئي ته هر عورت ۾ ڀٽائيءَ جي سورمي آهي، ۽ اهي سورميون ماءُ جون صورتون آهن. ڀٽائيءَ جي سومين مان وري هن کي سسئي گهڻو وڻندي هئي. ڇو؟ ان جو جواب ڏيندي ظفر صاحب چيو ته، ”ڀٽائيءَ جي سمورين سورمين کي پنهنجا پنهنجا مائٽ هئا، پر سسئي ٻين وٽ پالي نپائي وئي، ۽ انهن ڌارين ڪري ڏيکاريو ته نياڻي ڪيئن نپائبي آهي.“
ظفر ڪاظمي هليو ويو، ان کان اڳ انور پيرزادو، ان کان پهرين آثم ناٿن شاهي، ان کان پهرين....ان کان اڳ...۽ ايئن لسٽ وڃي ٿي طويل ٿيندي. موت ميار ناهي، پر ميار اها آهي، جو سنڌ جا ڪلاڪار ايئن بي يارو مددگار مري رهيا آهن، ڄڻ ڪو ڪنهن ٻئي وطن ۾ جلا وطن ٿي مرندو هجي. شايد ان ڪري جو هو سنڌ ڄاوا آهن، ان ڪري ئي پنهنجي وطن ۾ جلا وطن ٿي جدا ٿيندا پيا وڃن. ادارا سنڌ لاءِ ٺهيل آهن، پر شايد اهي ادارا ايترا بي ديد ٿي ويا آهن، جو سنڌ جي انهن ڪلاڪارن تي به انهن جي نظر نٿي پئي، جيڪي ڪنهن اسپتال جي ويران وارڊ ۾ زندگيءَ جا آخري ڏينهن ڳڻي رهيا هجن ٿا. اسان جا ادارا ٻين جي مدد لاءِ آهن، پر سنڌ واري ڊوميسائل جو سڪو انهن وٽ نٿو هلي. ثقافت کاتي جا ڪامورا سنڌ جي ڪلاڪارن کي ڪجهه به ناهن ڏئي سگهندا، سواءِ هڪ منٽ جي تعزيتي فون ڪال جي!
سنڌ ۾ قحط الرجال آهي، يعني سنڌ ۾ ماڻهن جو ڏڪار آهي. هيءُ اُهو روئڻ آهي، جيڪو اسان جي سماج جو هڪ وڏو حلقو روز روئندو رهي ٿو، پر اهو نٿو سوچيو وڃي ته آخر اهو ڏڪار ڇو آهي؟ آخر ڪٿي اسين ئي اُهي ماڻهو ناهيون، جيڪي پنهنجي سڃاڻپ بڻجندڙ ڪردارن کي پنهنجي اکين اڳيان ويراڳ جي وطن ڏانهن ويندي ڏسندا رهون ٿا ۽ ڪک ڀڃي ٻه اڌ ڪرڻ لاءِ تيار نٿا ٿيون. ڄڻ ته انهيءَ انتظار ۾ هجون ٿا ته ڪير موڪلائي ۽ پوءِ ان جي تڏي تي وڃي تعزيتي ڪتاب ۾ پنهنجي راءِ لکي واپس هليا اچون. اهي سمورا ماڻهو، جن کي واقعي به سنڌ جي ڪلاڪارن سان پيار آهي، اهي تعزيتي ڪتاب ۾ ٻه اکر لکڻ کان اڳتي به ڪجهه سوچين.
ڪاظمي صاحب هڪ اهڙو انسان هو، جنهن فطرت کان لاتعلق بڻيل دلين کي ڪائنات جي قريب آڻڻ جي ڪوشش ڪئي. هو جيڪو ڪري سگهيو ٿي، هن ڪيو، پر اسان هن لاءِ ڇا ڪري سگهياسين؟ اهو سوال اسان کي پنهنجي اندر جي آرسي ۾ اصلي چهرو ڏيکارڻ جي ضرور ڪوشش ڪري ٿو...۽ ان آرسيءَ ۾ ثقافت کاتي کي به ضرور پنهنجو چهرو ڏسڻ گهرجي. اهو ان لاءِ به جو هڪ آرٽسٽ هڪ آئينو به هجي ٿو، ۽ جيڪڏهن اهو بيباڪ هجي ته اهو پڪ سان ظفر ڪاظمي ئي هوندو
ظفر ڪاظمي صاحب جي علڻ فقير جي آواز ۾ ڳايل شاعري
ڪاظمي صاحب جي ٺاهيل هڪ خوبصورت تصوير
