امدا علي قادري 30 جنوري 2017 عبد الغني لوهار صاحب اوهان جون لک مهربانيون ، اميد ٿي ڪجي ته ائين حوصله افزائي ڪندا رهندا ۽ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا غلطي هجي ته ضرور ٻڌائيندا .
عبد الغني لوهار صاحب اوهان جون لک مهربانيون ، اميد ٿي ڪجي ته ائين حوصله افزائي ڪندا رهندا ۽ جيڪڏهن ڪا ڪمي يا غلطي هجي ته ضرور ٻڌائيندا .
عبدالغني لوهار 16 اپريل 2016 طوطو مرچ کائِي به مٺا ٻول ٻوليندو آهي ، مگر نادان انسان مِٺيون شيون کائي به ڪوڙيون ڳالهيون ڪندو آ !
عبدالغني لوهار 12 ڊسمبر 2015 3 مهينن جي مصروفيت کان بعد وري ٻيهر سنڌ سلامت تي حاضري نصيب ٿي آهي ، سنڌ سلامت ساٿ سلامت
عبدالغني لوهار 15 جون 2015 ڪاوڙ هڪ ماچيس جي تِيلي وانگر هوندي آهي ، جيڪا ٻين کي ساڙڻ کان پهريان پاڻ سڙندي آهي!
عبدالغني لوهار 28 مئي 2015 رزق جي پويان پنهنجو ايمان ضايع نه ڪيو ڇو ته رزق انسان کي ايئن تلاش ڪندو آهي جيئن مرڻ واري کي موت
عبدالغني لوهار 28 مئي 2015 جيڪا ذات وڻن تي ويٺل پکين کي رات جو ننڊ ۾ هيٺ ڪرڻ نٿي ڏي ، اها انسان ذات کي ڪيئن ٿي بي يار و مددگار ڇڏي سگهي
جيڪا ذات وڻن تي ويٺل پکين کي رات جو ننڊ ۾ هيٺ ڪرڻ نٿي ڏي ، اها انسان ذات کي ڪيئن ٿي بي يار و مددگار ڇڏي سگهي
عبدالغني لوهار 28 مئي 2015 دلين ۾ لڪل راز جيڪڏهن ظاهر ٿي پون ته گهڻا ئي ماڻهو پنهنجن پيارن جي دلين ۾ لڪل بغض ڏسي بي موت ئي مري ويندا!!!
دلين ۾ لڪل راز جيڪڏهن ظاهر ٿي پون ته گهڻا ئي ماڻهو پنهنجن پيارن جي دلين ۾ لڪل بغض ڏسي بي موت ئي مري ويندا!!!
عبدالغني لوهار 28 مئي 2015 ڌوڪو کائيندڙ کي وقت سان سڪون ملي ويندو آهي ، پر ڌوڪو ڏيندڙ کي زندگي ۾ ڪڏهن به سڪون ناهي ملندو!