وفاايم حنيف بلوچ

پروفائيل جون تحريرون نواڻ تحريرون بابت

  • گيت
    وفاايم حنيف بلوچ
    سنڌ ڌرتيء تي مان ڪئي قربان پنهنجي جان آ
    سنڌ ۾ ٿيندس دفن مان هي منهنجو ايمان آ
    سنڌ ڌرتيء کي جڏهن رت جي ضرورت پئي
    جي هٽان مان پوئتي چئجو اهو بيمان آ
    سنڌ ۾ ٿيندس دفن منان هي منهنجو ايمان آ.
    ٻولي منهنجي مٺڙي ماتا جا مونکي جيجل ڏني
    سا نه ڇڏجان پٽ ڪڏهن جيجل ڪيو فرمان آ
    سنڌ ۾ ٿيندس دفن مان هي منهنجو ايمان آ.
    تنهنجي در تي خالي جھولي مون جھلي آهي خدا
    سدائين سنڌ لئه توکان گھريو مون دان آ
    سنڌ ۾ ٿيندس دفن مان هي منهنجو ايمان آ.
    مرڻ مهڻو ناهي ڪنهن انسان لئه
    ماڻهو هتي چند ڏينهن جو ٿي آيو مهمان آ
    سنڌ ۾ ٿيندس دفن مان هي منهنجو ايمان آ.
    هيء “حنيف” جي وصيت ياد دل تي سڀ رکو
    مونکي ڏجو اجرڪ ڪفن جيڪو سنڌ جو نيشان آ
    سنڌ ۾ ٿيندس دفن مان هي منهنجو ايمان آ.
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
Back
Top