• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

محمد عيسى ڀٽو طرفان موجوده مواد

  1. محمد عيسى ڀٽو

    هڪ اهڙو ڪيس جنهنجو مدعي نه گواهه

    هڪ اهڙو ڪيس جنهنجو مدعي نه گواهه محمد عيسيٰ ڀٽو وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي ته مونکي هڪ اهڙي ڏوهه ۾ سزا ٻڌائي وئي آهي جيڪو هن ڪيو ئي ناهي ۽ وزيراعظم جو اهو به چوڻ هو ته هن صرف آئين جي پاسداري ڪئي آهي جيڪو هن لاءِ جرم بڻجي ويو آهي، هن چيو ته جيڪڏهن آئين جي پاسداري ڪرڻ ئي جرم آهي ته...
  2. محمد عيسى ڀٽو

    شڪاگو مزدورن جي قرباني پر هاڻي ڇا پيو ٿئي؟

    شڪاگو مزدورن جي قرباني پر هاڻي ڇا پيو ٿئي؟ محمد عيسى ڀٽو اڄ سڄي دنيا ۾ هر سال جيان پهرين مئي تي پورهيتن جو عالمي ڏينهن ڪري ملهايو پيو وڃي جنهن ۾ شڪاگو جي پورهيتن پنهنجي بنيادي حقن جي حاصلات لاءِ ڀرپور جدوجهد ڪري پنهنجي جانين جو نظرانو ڏئي ان سامراجي سرمائيدار قوتن کي للڪاريو ۽ انهن کان...
  3. محمد عيسى ڀٽو

    اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل

    جواب: اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل محترم سائين رشيد سمو صاحب خوش هجو شال، مان سئو فيصد توهان جي راءِ کان متفق آهيان ته اهو سڀ ڪجهه حڪومت جي ڄاڻ ۾ آهي ته ادارن اندر ڇا پيو ٿئي، پر اسٽيل مل اندر مڪمل مارشل لا نافظ ٿيل آهي، هڪ اڳواڻ جنهن جو نالو آهي شمشاد قريشي اهو مل جو...
  4. محمد عيسى ڀٽو

    اسٽيل مل جي خراب صورتحال ۽ 19 هزار ملازمن جو مستقبل

    پاڪستان اسٽيل مل ملڪ جو اهو عظيم قومي ادارو آهي جتي گذريل 38 سالن کان ملڪ جي چئيني صوبن کان علاوه آزاد ڪشمير، گلگلت بلتستان ۽ فاٽا سميت ملڪ جي هر ڪنڊ ڪڙڇ کان آيل تقريبن 19 هزار ماڻهن کي سڌي ريت عزت ڀريو روزگار فراهم ٿيل آهي جڏهن ته اڻ سڌي ريت هن عظيم قومي اداري سان لکين ماڻهن جو روزگار جڙيل آهي...
  5. محمد عيسى ڀٽو

    بشير خان جو موت واقع زهر ڏيڻ سان ٿيو آهي۔

    سنڌ جي سچي سپوت ۽ ارڏي پٽ بشير خان قريشي کي واقع زهر ڏئي ماريو ويو آهي، جنهن جي تصديق ميڊيڪل بورڊ جي 15 رڪني ڪميٽي ڪري ڇڏي آهي ۽ اها رپورٽ سنڌ حڪومت جي حوالي ڪئي وئي آهي، ان ڏس ۾ اهو به معلوم ٿيو آهي ته جنهن وقت اها تصديق ٿي چڪي ته بشير خان قريشي جو زهر ڏيڻ سان موت ٿيو آهي ته اتي موجود ڊاڪٽرن جي...
  6. محمد عيسى ڀٽو

    ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

    هي برفاني اهو دوزخ آهي جتي سخت گرم موسم جي باوجود به هن سرزمين جو درجه حرارت منفي 16 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين جو رهندو آهي جڏهن ته سرد موسم جي دوران هن علائقي جو درجه حرارت منفي 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو آهي، اهڙي سرد ترين موسم جي اهڙي شدت دوران انسان ته ڇا پر هر جيوت جو ان جاءِ تي...
  7. محمد عيسى ڀٽو

    وزيراعظم ۽ سپريم ڪورٽ هڪ ڀيرو ٻيهر آمهون سامهون

    وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اڳ ۾ ئي سپريم ڪورٽ آڏو توهين عدالت هيٺ پنهنجو ڪيس وڙهي رهيو آهي ته مٿان سندس پٽ موسيٰ گيلاني خلاف به سپريم ڪورٽ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا آهن جنهن تي وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني چيو آهي مون کي جهڪائڻ لاءِ منهنجي پٽن تي به ڪوڙا ڪيس مڙهيا پيا وڃن ته جيئن مان پريشر ۾ اچي آصف...
  8. محمد عيسى ڀٽو

    سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان)

    جواب: سنڌ سلامت : جتي دنيا جا سنڌي گڏجن ٿا (ٽين سالگرهه جي حوالي سان) سائين وساڻ صاحب توهان کي ۽ سنڌ سلامت جي سموري سٿ کي منهنجي طرفان سنڌ سلامت جي ٽين سالگرهه مبارڪ هجي. ان سلسلي ۾ توهان جو تحقيقاتي، معلوماتي ۽ مياري مضمون پڙهي ان ڳالهه جي تمام گهڻي خوشي ٿي ته اسان وٽ اعليٰ قسم جو ٽيلنٽ موجود...
  9. محمد عيسى ڀٽو

    موت کي شڪست ڏيندڙ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو

    33 هين ورسي جي مناسبت سان اهي انسان انتهائي خوش نصيب هوندا آهن جن جو نالو انهن جي زندگي ۾ ته سڃاڻپ بڻجي ويندو آهي پر مري وڃڻ کان پوءِ به پنهنجي قدمن جا نشان تاريخ جي صفحن تي ڇڏي ويندا آهن جنهن تي انسان ته ڇا پر تاريخ به انهن تي ناز ڪندي آهي، شهيد ذوالفقار علي ڀٽو به انهن مان هڪ آهي جنهن پنهنجي...
  10. محمد عيسى ڀٽو

    ”عاشق سنڌ“ بشير خان قريشي جو المناڪ وڇوڙو

    جسقم جي چيئرمين ۽ سنڌ جي سچي سپوت بشير خان قريشي جي المناڪ وڇوڙي تي سڄي سنڌ جيان ملير پريس ڪلب ۾ به هڪ تعزيتي ميڙاڪو ڪوٺايو ويو جتي پريس ڪلب جي سڀني سحافي دوستن سميت مختلف سياسي، سماجي ۽ زندگي جي مختلف شعبن سان تعلق رکندڙ ماڻهن وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي ۽ بشير خان قريشي جي تصوير اڳيان گل رکي ميڻ...
  11. محمد عيسى ڀٽو

    ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    جواب: ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟ سائين نثار ابڙو صاحب اوهان جي سر بخت جو خير، سائين، شيخ اياز فرمايو آجي ته اسان ته سمجهو بهار ايندي کڻي اسان لاءِ گلن جون جهوليون، پر بهار آئي کڻي اسان لاءِ گلن جي بدران هزار گوليون. اسان ناحق اهو سمجهي ويٺا هئا سين ته جمهوريت ايندي، آزاد ميڊيا ۽...
  12. محمد عيسى ڀٽو

    ڇا وحيده شاهه جي غلطي معافي لائق نه هئي؟

    چيو وڃي ٿو ته فوبيا Phobia هڪ اهڙي بيماري آهي جيڪا سڌو سئون انسان جي دل و دماغ تي اثر ڪندي آهي، اها بيماري جنهن به انسان کي لڳي وڃي ته اهو انسان هرطرح جي خوف ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي ۽ ان جي دل و دماغ ۾ ڪيترائي خطرا ۽ خدشا جنم وٺندا آهن جڏهن ته ماڻهو رات جو ننڊ ۾ به ڇرڪ ڀريندو آهي پر ماهر نفسيات جو...
  13. محمد عيسى ڀٽو

    سنڌ سان جند جوڙيندڙ بشير قريشي جي اوچتي وڇوڙي تي لکيل تاثرات ۽ ليک

    جواب: سنڌ سان جند جوڙيندڙ بشير قريشي جي اوچتي وڇوڙي تي لکيل تاثرات ۽ ليک ادا وساڻ صاحب بشير خان قريشي جي اچانڪ وڇوڙي جتي سڄي سنڌ کي روئاري ڇڏيو آهي اتي پنهنجي به دل سڏڪا ڀري رهي آهي، هر اهو سنڌي خواهه ڪهڙي به جماعت يا تنظيم سان وابسته آهي هن سنڌ جي اڏول اڳواڻ عاشق سنڌ محترم بشير خان قريشي جي...
  14. محمد عيسى ڀٽو

    سنڌ جون محروميون ۽ قائداعظم کي دانهن

    جواب: سنڌ جون محروميون ۽ قائداعظم کي دانهن سائين نثار ابڙو صاحب توهان بلڪل ٺيڪ فرمايو آهي ته قائداعظم ڪو ولي الله ناهي جو آءُ ان ڏانهن دانهن کڻي ويو هوس، قائداعظم بابت جيڪي خيال توهان جا آهن ساڳي طرح منهنجا به آهن پر قائداعظم جي مزار تي وڃي ان کي دانهن لفظ جو استعمال ان ڪري ڪيو اٿم ته پاڪستان...
  15. محمد عيسى ڀٽو

    جسقم چيئرمين بشير قريشي جو اوچتو وڇوڙو

    هڪ قومي هيرو جو وڇوڙو اڄ صبح ننڊ مان اٿندي ئي اها خبر انتهائي ڏکوئيندڙ ملي ته سنڌ جو قومي هيرو جيئي سنڌ قومي محاذ جو چيئرمين بشير خان قريشي دل جو دورو پوڻ سبب لاڏاڻو ڪري ويو، (ترجموع اسين به الله جا آهيون ۽ الله ڏانهن ئي موٽندڙن آهيون) يقينن هي وڏو سانحو آهي ۽ سنڌ جو تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي...
Back
Top