”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ محمد عيسى ڀٽو طرفان آندل موضوعَ ‏18 اپريل 2012۔

  1. محمد عيسى ڀٽو

    محمد عيسى ڀٽو
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏13 جنوري 2012
    تحريرون:
    41
    ورتل پسنديدگيون:
    28
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    [JUSTIFY]هي برفاني اهو دوزخ آهي جتي سخت گرم موسم جي باوجود به هن سرزمين جو درجه حرارت منفي 16 کان 32 ڊگري سينٽي گريڊ تائين جو رهندو آهي جڏهن ته سرد موسم جي دوران هن علائقي جو درجه حرارت منفي 50 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي ويندو آهي، اهڙي سرد ترين موسم جي اهڙي شدت دوران انسان ته ڇا پر هر جيوت جو ان جاءِ تي زندگي گذارڻ انتهائي مشڪل هوندو آهي، تنهن ڪري دنيا جڏهن هن علائقي جي سروي ڪئي جنهن جي تحقيق مان خبر پئي ته هن سرد ترين سرزمين تي انسان سميت ٻي ڪا به جيوت زندگي بسر ڪرڻ لاءِ پنهنجو سر مٿي نٿي کڻي سگهي. هن انتهائي سرد پهاڙن واري سرزمين جو پيمانو 77 ڪلوميٽر جي ڊيگهه ۽ 8.4 ڪلوميٽر جي ويڪر تي مشتمل آهي. هن علائق ۾ ڪڏهن به ڪانهن، ٻوڙي، ڊڀ، للر، واهي يا ڪنهن ٻئي گاهه جنم نه ورتو آهي، هن سرد ترين علائقي ۾ ڪنهن به قسم جي جانور وجود پاتو آهي ۽ نه اتي ڪنهن پکي پر ماريو آهي، لمبائي جي لحاظ کان هي دنيا جو ٻيو نمبر وڏو گليشر آهي جنهن جي اونچائي 13 هزار فٽن تي مشتمل آهي، ماڻهو صدين کان ان کي سياچن چوندا اچن ٿا جنهن کي اتان جي مقامي زبان ۾ گلابن جي سرزمين چيو ويندو آهي پر اهو به قدرت جو انصاف ڏسو ته جنهن سرزمين جو نالو سياچن يعني گلاب جي گلن جي سرزمين آهي پر اڄ تائين هن سرزمين تي گلاب جي هڪ گل به جنم نه ورتو آهي. هي علائقو صدين کان آزاد رهيو آهي ۽ 1984ع تائين هن سرزمين تي ڪنهن به ملڪ قبضي ڪرڻ جو سوچيو به نه هو ڇو ته هي علائقو انتهائي منهانگو ترين جنگي ميدان آهي جتي ڪنهن به ملڪ پاران قبضو ڪرڻ ممڪن به نه هو. هي علائقو عمومن منفي 50 ڊگري سينٽي گريڊ جي درجه حرارت تائين رهي ٿو جتي زندگي رڳن ۾ مرجهائجي ويندي هجي اتي ڪنهن ملڪ کي قبضي ڪرڻ جو ڪهڙو لاچار پيو آهي پر اپريل 1984ع ۾ ڀارت پهريون ڀيرو اهڙي جرئت ۽ چالاڪي جو مظاهرو ڪري اچانڪ سياچن تي قبضو ڪر ورتو، ڀارتي فوجي اهلڪار پنهنجن علائقن کان ٿيندا اچي سياچن پهتا جن دنيا جي انتهائي بلند ترين مقام تي پهچي فوجي چوڪي قائم ڪري ورتي، جڏهن پاڪستان کي خبر پئي ته پاڪستاني فوج به فوري طور سياچن جي چوٽي تي پهچي پنهنجي فوجي چوڪي قائم ڪري ورتي، اهڙي طرح دنيا جون ٻئي نيوڪليئر پاور قوتون دنيا جي بلند ترين ۽ سرد ترين ميدان جنگ ۾ هڪ ٻئي جي مدمقابل رائفلن جون ناليون نالين سان ٽڪرائيندي آمهون سامهون اچي بيهي رهيون. هن وقت سياچن جو گهڻو تڻو حصو هندستان جي قبضي هيٺ آهي جنهن وٽ تقريبن ٻه ڀاڱي ٽي يعني 75 فيصد حصي تي قابض آهي جڏهن ته پاڪستان وٽ صرف چوٿو حصو يعني صرف 25 فيصد قبضي هيٺ آهي، پاڪستان وٽ جيڪو حصو قبضي هيٺ آهي ان ۾ گيانگ لاپاس جي نالي سان هڪ مقام آهي ۽ اهو انتهائي بلند ترين مقام آهي جتان پاڪستاني فوج هندستاني فوج تي نظر رکي سگهندي آهي، هي دنيا جو انتهائي مشڪل ميدان جنگ آهي هن ميدان کي مينٽين ڪرڻ انتهائي مشڪل بلڪه نا ممڪن آهي. سياچن جي چوٽي تي آڪسيجن ماسڪ کان سواءِ ماڻهو زندهه نٿو رهي سگهي، سياچن تي رهڻ لاءِ ماڻهو کي هڪ خاص لباس جي ضرورت پيش ايندي آهي، ان ڀاري ۽ برجستي لباس، مخصوص بوٽ ۽ هيلميٽ جي بغير ماڻهو چند سيڪنڊ به اتي گذاري نٿو سگهي، تقريبن منفي 42 ڊگري جي درجه حرارت تي دنيان جون سموريون ڌات ڄمي برف ٿي وينديون آهن، تنهن ڪري ڪوبه ماڻهو قدرتي تقاضائون به پوري طرح پوريون نه ڪري سگهندو آهي، اتي رهڻ کان پوءِ ڪوبه ماڻهو ڳالهائڻ ٻولهائڻ جي به رسڪ نه کڻي سگهندو آهي ڇو ته ان لاءِ ماڻهو کي پنهنجي جسم جو ڪجهه حصو کليو رکڻو ٿو پوي ۽ ان تمام گهٽ درجه حرارت ۾ جسم جي ڪنهن به حصي کي کليو رکڻ جو مطلب آهي موت، جيڪڏهن ڪنهن پنهنجي آڱر ٻاهر ڪڍي ته ان جي آڱر جڙ کان ئي غائب ٿي وڃي ٿي، جيڪڏهن ڪو به ماڻهو ٿوري دير لاءِ پنهنجو هيلميٽ لاهي رکي ته ان جو ڳچي کان مٿي جي وار جي آخري چوٽي تائين چند سيڪنڊن ۾ ڄمي برف ٿي وڃي ٿو جنهن جو قطعي نتيجو موت هوندو آهي، يا جيڪڏهن ڪنهن ماڻهو جي پير جو ڪوبه حصو کليو رهجي وڃي ۽ ماڻهو منفي 40 ڊگري سينٽي گريڊ جي انتهائي سرد درجه حرارت تي هلندو رهي ته ان ماڻهو جا پير برف سان شل ٿي ويندا آهن ۽ ڊاڪٽر آخر ان جو پير ڪٽڻ تي مجبور ٿي پوندا آهن. جڏهن ته آڪسيجن ماسڪ جي لڳاتار استعمال ڪرڻ سان به ماڻهو پنهنجي ٻڌڻ، سُنگهڻ ۽ بينائي جي قوت جي احساس کان بري طرح متاثر ٿي ويندو آهي، ائين لڳندو آهي ته ڄڻ ماڻهو جي حياتي اڌوري رهجي وڃي ٿي، قدرتي تقاضائون پوريون ڪرڻ جي ڊپ کان ماڻهو جو اتي کائڻ پيڻ مشڪل ٿي پوندو آهي، اتي جيڪي فوجي يا سولين ماڻهو رهن ٿا اهي صرف ملٽي وٽامن ۽ طاقتي دوائن وسيلي زندهه رهي سگهي ٿا. سياچن جي آخري ميدان ۾ ڪوبه ماڻهو تمام تر اقدامات جي باوجود 20 ڏينهن کان وڌيڪ زندهه نٿو رهي سگهي، ان ڪري فوجين ۽ سولين کي سياچن جي آخري ميدان تي صرف 20 ڏينهن لاءِ موڪليو ويندو آهي جن مان به هر ٽيون ماڻهو مڪمل طرح سان صحيح سلامت واپس ناهي ايندو، ان جي جسم جو ڪو نه ڪو حصو سنو وائيٽ جو شڪار ٿي ويندو آهي ۽ اهو ماڻهو ڪن، اک، هٿ يا ٽنگ کان محروم ٿي اچي گهر پهچندو آهي، چيو پيو وڃي ته هن وقت تائين سوين فوجي جوان ۽ آفيسر اهڙا آهن جيڪي سياچن تي ڊيوٽي دوران پنهنجي جسم جا ڪجهه حصا وڃائي واپس گهر موٽي آيا آهن، اهي فوجي جوان ۽ سولين جيسيتائين ان آخري جنگي ميدان جي محاذ تي موجود هوندا آهن اهي ڪجهه کائيندا آهن نه پيندا آهن صرف انهن جو ملٽي وٽامن ۽ طاقتي دوائن تي گذارو هوندو آهي.
    سياچن دنيا جو منهانگو ترين جنگ جو محاذ آهي جتي پاڪستان پنهنجي فوج تي روزانو ڏيڍ ڪروڙ، مهيني ۾ 45 ڪروڙ ۽ ساليانو ساڍا پنج ارب روپيه جي رقم خرچ ڪندو آهي، جڏهن ته هندستان روزانو 5 ڪروڙ، مهيني ۾ ڏيڍ ارب ۽ ساليانو 20 ارب روپيه جي رقم خرچ ڪندو آهي پر تنهن هوندي به هر ٽئين ڏينهن پاڪستان جو هڪ فوجي جوان شهيد ٿي ان جو لاش گهر پهچندو آهي جڏهن ته هر ٻئي ڏينهن ڪنٽرول لائين جي خلاف ورزي تان هندستان جو هڪ فوجي پاڪستاني فوج هٿان ماريو ويندو آهي، اهڙي طرح هر سال پاڪستان جا 100 فوجي جوان شهيد ٿي ويندا آهن جڏهن ته ڀارت جا هرسال 180 فوجي پاڪستاني فوج هٿان ماريا وڃن ٿا، پاڪستان 1984ع کان هن وقت تائين پنهنجا 3 هزار فوجي جوان شهيد ڪرائي چڪو آهي جڏهن ته ڀارت هن وقت تائين 5 هزار کان وڌيڪ پنهنجا فوجي سياچن جي جنگي ميدان تي مارائي چڪو آهي، سياچن جي ان جنگي ميدان تي پاڪستان پاران 4 هزار 4 سئو فوجي جوان ۽ آفيسر مقرر ٿيل آهن جڏهن ته ڀارت پاران 7 هزار فوجي اهلڪار مقرر ٿيل آهن. جن علائقي ۾ منفي 40 يا 50 ڊگري جي درجه حرارت تي ڪابه شئي انساني جسم سان ٽڪرائجي وڃي ته اها گوشت جي اندر ڄمي پيوند ٿي ويندي آهي جنهن کي ڪڍڻ لاءِ اهو چمڙي جو ٽڪرو ڪاٽڻو پوندو آهي، پر اهي فوجي جوان پنهنجي ٽنگن تي هلندي سياچن جي چوٽي تي چڙهي وڃن ٿا پر جڏهن انهن جي واپسي ٿيندي آهي ته اڪثريت انهن فوجي جوانن منجهان انهن کي اسٽريڪچر تي کڻي گهر پهچايو ويندو آهي، اهو سلسلو گذريل 28 سالن کان جاري آهي. محترمه بينظير ڀٽو پنهنجي پهرئين دور حڪومت دواران سرد ترين علائقي سياچن جو دورو ڪيو هو جڏهن ته ڀارت جي وزيراعظم من موهن سنگهه پاران 2005ع تي ڀارت جو وزير اعظم چونڊجڻ کان پوءِ هن علائقي جو دورو ڪيو ۽ ڀارتي صدر عبدلاسلام به سياچن جو دورو ڪري چڪو آهي.
    تازو سياچن ۾ پاڪستاني سائيڊ طرف گياري سيڪٽر ۾ ڇنڇر 7 اپريل جي ڏينهن صبح سوير پوري فوجي بٽالين هيڊ ڪواٽر مٿان هڪ برفاني ڇپ ڪري پئي، چيو وڃي ٿو ته اها برفاني ڇپ هڪ ڪلوميٽر ويڪري ۽ 80 فوٽ ٿلهي هئي، ان وقت ڪيمپ ۾ 135 ماڻهو موجود هئا انهن ۾ 124 جو تعلق فوجي جوانن سان هيو جڏهن ته 11 جو تعلق سولين سان ٻڌايو پيو وڃي، ان ڪيمپ ۾ ڪرنل، ميجر ۽ ڪپتان جهڙا فوجي آفيسر به موجود هئا، اها برفاني ڇپ اچانڪ اچي انهن مٿان ڪڙڪي قبرستان ۾ تبديل ٿي وئي، جنهن کي 2012ع جو سڀ کان وڏو خوفناڪ حادثو قرار ڏنو پيو وڃي، هن وقت 135 ماڻهو ان 80 فوٽ ٿلهي قبر ۾ دفن ٿيل آهن، موسم جي شدت، برف جي ٿولهه ۽ آڪسيجن جي ڪمي ظاهر ڪري ٿي ته انهن جو هن وقت بچي وڃڻ ڪنهن معجزي کان گهٽ نه هوندو پر وقت گذرڻ سان گڏ انهن جي بچي وڃڻ جا سموارا امڪان ختم ٿي چڪا آهن، هڪ هفتي کان هلندڙ ريسڪيو آپريشن ان جاءِ تي جاري آهي پر هنن سٽن جي لکڻ تائين اڃا اتي امدادي سرگرميون جاري آهن ۽ اتان اڃا اهڙي ڪابه خبر نه ملي آهي جنهن مان خبر پئي ته ان برفاني ڇپ هيٺان دٻيل لاش مليا آهن يا زندهه جانيون. آءِ ايس پي آر جي ڊي جي ميجر جنرل اطهر عباس ۽ ڊي جي ملٽري آپريشن ميجر جنرل نديم اشفاق پنهنجي پڌرائي ۾ ڄاڻايو آهي ته گياري سانحو انتهائي المناڪ واقعو ٿيو آهي جيڪو موسم جي خرابي سبب پيش آيو آهي، جتي اڃا تائين امدادي ڪاروايو جاري آهن پر موسم جي خراب صورتحال سبب سخت مشڪلاتون پيش اچي رهيون آهن، گياري جي اونچائي 13 هزار فوٽ آهي ۽ جتي پوري بٽالين جو هيڊڪوارٽر قائم ٿيل هو جنهن ۾ 150 جي لڳ ڀڳ ماڻهو موجود هئا. جنهن وقت اهو حادثو پيش آيو ان وقت 139 ماڻهو ان ڪيمپ ۾ موجود هئا. اهڙو واقعو ٿي وڃڻ کان پوءِ اتي موجود گن پوزيشن بشير پاڪ فوج کي اطلاع ڏنو. برفاني ڇپ 18 هزار فوٽ تان هيٺ ڪري آهي جيڪا 70 کان 80 فوٽ هيٺ گهري آهي جتي پوري بٽالين ڦاٿل آهي، جنهن جو هن وقت اندازو لڳائڻ مشڪل آهي ته آيا اهي ماڻهو زندهه به بچي سگهن ٿا يا نه، گذريل هفتي کان اتي امدادي ٽيمون پهچي چڪيون آهن جن کوٽائي جو ڪم شروع ڪري ڏنو آهي، هاڻي تازو گرمي جي پد جو ڪاٿو منفي 15 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي، اهڙي خراب موسم هئڻ سبب صدر مملڪت آصف علي زرداري ۽ وزيراعظم سيد يوسف رضا گيلاني اڃا تائين سياچن جو دورو نه ڪري سگهيا آهن جڏهن ته هي خوفناڪ حادثو پيش اچڻ کان پوءِ چيف آف آرمي اسٽاف جنرل اشفاق پرويز ڪياني سياچن جو دورو ڪري اتي موجود امدادي ڪمن جو جائزو ورتو. پر چوڻ جو مقصد اهو آهي ته جيڪڏهن هندستاني فوج 1984ع دوران اهڙي اڳرائي جي حماقت نه ڪري ها ته هيل تائين جيڪو ٻنهي ملڪن جو جاني ۽ مالي نقصان ٿي چڪو آهي شايد اهو نه ٿئي ها.
    نوٽ: هي مضمون اڄ جي مختلف اخبارن ۾ چپجي چڪو آهي.
    meb_110@yahoo.com
    [/JUSTIFY]
     
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

    بهترين مضمون آهي ۔۔۔

    سياچن دنيا جو مهانگو ترين فوجي محاذ آهي۔ جتي ٻنهي ملڪن ڪروڙين روپيا خرچ ڪيا آهن ۽ ڪيترن ئي انساني جانين جو ضياع ڪيو آهي يا وري ڪيترن ئي پنهنجي جسم جا ڪجهه حصا ضايع ڪيا آهن۔ جنگ هميشه انساني جانيون کسيون آهن ۽ ڇو اڃان تائين ٻئي ملڪ اهڙي هنڌ تي برتري جي جستجو ۾ آهن جتي زندگي ، زندگيء جي خيرات گهرندي آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔ ڪاش ڪو هنن کي سمجهائي۔

    دعائون ۽ همدرديون انهن خاندانن سان جن جا جوان هن وقت زندگي جي جنگ لڙي رهيا آهن۔ انهن ۾ ڪجهه سنڌي نوجوان پڻ شامل آهن ۔۔۔۔۔۔
     
  3. رحيم بخش

    رحيم بخش ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏23 جون 2009
    تحريرون:
    3,284
    ورتل پسنديدگيون:
    2,924
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    جواب: ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

    ادا محمد عيسى توهان جي مهرباني جو توهان سياه چن جي حقيقت کان آگاه ڪيو بس رب ڪريم کان دعا آهي ته اهي فوجي جوان جيڪي ان ڇپ هيٺان اچي ويا آهن اگر رب ڪريم جي قدرت سان زنده آهن ته رب ڪريم جلدي کين ان مصيبت کان ڇوٽڪارو عطا فرمائي۔
     
  4. منظور ڪلهوڙو

    منظور ڪلهوڙو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏5 مارچ 2012
    تحريرون:
    1,723
    ورتل پسنديدگيون:
    3,881
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ملازمت سرڪاري کاتي ۾
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

    ڌڻي در دعا آهي ته اتي ڌٻجي ويل معصوم جانين ڏي خير ڪري الله پاڪ جي ذات تمام وڏي طاقت واري ذات آهي بس اها پاڪ ذات ڪو پنهنجو ٻاجهه ڪري۔۔۔ باقي ٻنهي ملڪن کي مفاهمت سان اها سرحد بند ڪرڻ گهرجي۔ ۽ ان علائقي کي ڊينجر زون قرار ڏئي هميشه لا ان طرف رخ ڪرڻ کان پاسو ڪن۔۔۔سدائين گڏ
     
  5. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,403
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    جواب: ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

    ڀاء محمد عيسى توهان جي مهرباني ۽ نوازش، ادا هڪ رپورٽ مطابق هي تمام مهانگو علائقو آهي، هن علائقي ۾ پاڪستاني( 5000 ) پنج هزار فوجي جوان ڪم ڪن پيا، ۽ انڊين ويهه هزار، پنج هزار فوجي جوانن جو روز جو خرچ پنج ڪروڙ رپيا روز جو آهي، هڪ ماني اتي پهچندي وڃي سوُ 100 تائين ٿي پهچي،



     
  6. افتخار علي چوهاڻ

    افتخار علي چوهاڻ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏12 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    1,800
    ورتل پسنديدگيون:
    2,033
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    483
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

    سٺو مضمون آهي ، کوڙ ساريون ڳالھيون علم ۾ آيون ، واقعي اهو محاذ ڏاڍو پيچيدا ۽ ڏکيو آهي ،
    الله تعالى کان دعا آهي ته شهيدن کي جنت ۾ جايون ڏئي ۽ هنن جي لواحقين کي صبر جميل عطا فرماءِ ،
     
  7. TAHIR SINDHI

    TAHIR SINDHI
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏25 فيبروري 2010
    تحريرون:
    7,856
    ورتل پسنديدگيون:
    2,488
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    سرڪاري ملازم
    ماڳ:
    KARACHI
    جواب: ”سياچن“ جتي زندگي خيرات گهري ٿي.

     

هن صفحي کي مشهور ڪريو