سائين وعليڪم اسلام
سائين فقير صاحبن جو خير جڙيا هجو شال پنهنجي پيارن سان ۔
سائين هن اوطاق ۽ محبتي پيارن دوستن کي ڪئين ٿا وساري سگهون باقي رهي ڳالهه مصروفيت جي اها ته پهنجي جاءِ تي آهي ۔ ٻيو عرض هي آهي سنڌ سلامت فورم علي منير پاٽائي جي اکين جو نور ۽ سنڌي ٽوپي وانگر مٿي جو تاج آهي ۽ سائين فقير صاحب مان ايترو پڙهيل به نه آهيان ۽ شگر جو مريض به آهيان هڪ مهينوپهريان منهنجو پير سڙي پيو هيو ان به تمام گهڻو پريشان ڪري وڌو هيو هاڻي شڪر آهي ان ڪريم جو ٺيڪ آهيان بس توهان پيارن جو محنتن ۽ محبتن کي ڏسي ڪري باقي ڏينهن گزارڻ جي اميد رکندو آهيان ۔ حقيقت ۾ معافي جو حقدار مان آهيان ۔ ۽ مون کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي معاف ڪندا ان شاءَ الله مرڻ گهڙي تائين سنڌ سلامت فورم جي خدمت ۾آهيون ۽ رهنداسين ۔
الله سائين توهان سڀني جو محافظ خوش هجو آباد هجو ۔
توهانجو پرديسي ساٿي
علي منير پاتائي
حال ؛ مڪه المڪرمه