Sindhi Media
آخري سرگرمي:
‏11 ڊسمبر 2023
شموليت:
‏28 ڊسمبر 2009
تحريرون:
3,787
ورتل پسنديدگيون:
4,295
ايوارڊ جون پوائينٽون:
473
جنس:
مرد
سالگراه:
‏4 مئي 1954 (عمر: 69)
توهان جي ويب سائيٽ:
ماڳ:
نيو سعيد آباد سنڌ
ڌنڌو:
انجنيئر

هن صفحي کي مشهور ڪريو

مالي سھائتا ڪندڙ

Sindhi Media

سينيئر رڪن
, مرد, 69, ماڳ: نيو سعيد آباد سنڌ

DOB: 4th May 1954. New Saidabad Name: Abdul Razzaque Memon. Organizer : Sollywod(Sindhi (Media) Cell & Whatsup: 0300 2895691 ‏7 جون 2022

آخري دفعو Sindhi Media کي ڏٺو ويو:
‏11 ڊسمبر 2023
    1. Sindhi Media
      Sindhi Media
      DOB: 4th May 1954. New Saidabad Name: Abdul Razzaque Memon. Organizer : Sollywod(Sindhi (Media) Cell & Whatsup: 0300 2895691
    2. ڳسابيل
      ڳسابيل
      منهنجا پيارا دوست، اوھان کي ملن ٿا ڪري منهنجي نظر ايندو آهي Isabel هڪ سنگين تعلق کي ڳولي رهيو آهيان کان اڳ مهرباني ڪري مون کي منهنجي طرفان توهان آهن بس لاء منهنجي اي ميل ۾ پنهنجي تصوير ۽ توهان جي باري ۾ ڪجهه ٿورو خط مون کي موڪل خوش ٿيندو ڪڏهن به شادي ٿي وئي به اڪيلو آهيان هڪ وڌيڪ بحث (isabelgarang@walla.com)
    3. ABDUL SAMAD
      ABDUL SAMAD
      تمام بهترين
    4. عبدالرحيم
      عبدالرحيم
      اسلام عليڪم

      توهان ڪافي وقت اڳ ۾ هڪ ڇوڪري جو سچو واقعو لکيو ته ان ڪهڙي طرح انٽرنيٽ تي هڪ چوڪري سان دوستي ڪئي جيڪو اصل ۾ 60 سالن جو هو ان هن کي ڪنهن هوٽل تي گهرائي ماري چڏيو.

      ان جي لنڪ ڏيندا ته مهرباني تيندي.
      1. Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.
      2. Sindhi Media
    5. Sindhi Media
      Sindhi Media
      موالي ڀڄايو! سنڌ بچايو! سنڌيت جو اصلي دُشمن! سنڌ ۾ مُسلسل فروغت پائيندڙ موالي ڪلچر
    6. افتخار علي چوهاڻ
      افتخار علي چوهاڻ
      اسلام عليڪم محترم اوهان سيرت نبي ص تي ڪافي جائين تي سندن چاچا (ابو طالب) کي عبدالمطلب لکي ويا آهيو ، تصحيح ڪندا جو حضرت عبدالمطلب نبي ڪريم ص جن جا ڏاڏا هئا ، والسلام
      1. Sindhi Media هيء پسند ڪيو آهي.
      2. Sindhi Media
        Sindhi Media
        Ok updated
        ‏7 جون 2022
    7. عابد بلوچ
      عابد بلوچ
      سائين حق موجود اميد ته سڀ سُک شانتيون هونديون
    8. افتخار علي چوهاڻ
    9. جوکيو شفيق احمد
      جوکيو شفيق احمد
      پرين پپن شڦا وساري ڇڏيو اٿاوَ، ڪٿي آهيو، ڪڏهن ته ڀلجي اسان وٽ اچي ماڻي به کائو ني، توهان جي صورت ڏسي گم کان ڦري خوشي ملندي آهي..
      1. 1 person likes this.
      2. Sindhi Media
        Sindhi Media
        ضرور انسا الله سگهوئي
        ‏10 جولائي 2012
    10. abdullah
      abdullah
      ادا سلام مو ڪه سوفٽر جي ضرورت آهي جيڪو انٽرنيٽ ڪا لائو ٽي وي ڪا ڊوان لوڊ ڪريي مدد ڪيو ادا
    11. Sindhi Media
      Sindhi Media
      ادا عبدالرزاق ميمڻ
      1. 1 person likes this.
    12. الطاف احمد
      الطاف احمد
      هيلو دوست توهان جو نالو ڇا آهي دوست خط جو جواب موڪليندا ۔ توهان جو دوست الطاف
    13. abdullah
      abdullah
      ادا مان پهنجو فوٽو ڪي ايد ڪرڻو اهي پروفاهل ۾ طريقو
    14. abdullah
      abdullah
      ادا ملت فيس بڪ جو طريقو ڇا آهي
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • بابت

    جنس:
    مرد
    سالگراه:
    ‏4 مئي 1954 (عمر: 69)
    توهان جي ويب سائيٽ:
    http://www.sollywood.webs.com
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    رُڪيسٽ ”مڪمل تعارف لاءِ“ کي مد نظر رکندي لکيو ويو آهي.
    )
    ناچيز سيکڙاٽ عبدالرزاق ميمڻ، رهندڙ آهي تعلقو نيوسعيدآباد سنڌ(هالا ۽ سڪرنڊ جي وچ ۾)، ضلع مٽياري پر هاڻ ڪراچيءَ جي گُلستانِ جوهر جي علائقي ، ڪريسنٽ ويو ، بلاڪ 13 جي آفيس مان ، توهانکي سنڌي ميڊيا ساليوُوڊ جي پليٽ فارم تان، اُن جي چيف آرگنائيزر جي حيثيت ۾، فيس بوڪ جي هن پيج تي ڀليڪار ڪريان ٿو.

    ساليوُوڊ لفظ جي اوهانکي مُنجھائي نه، ان ڪري ٻُڌائڻ لازمي آهي ته ، هي سنڌي ميڊيا کي پريزنٽ ڪري ٿو بلڪل اهڙي ءَ طرح، جھڙيءَ ريت، ”باليوُوڊ“ بمبئي (ممبئي) کي، ”لاليوُوڊ “لاهور کي ۽ ”هاليوُوڊ “ هالينڊ کي. ۽ سنڌي ميڊيا کي ”ساليوُڊ“

    ساليوُوڊ کي ـ ”سنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايئسوسيئشن (ساوا)“ ـ آرگنائيز ڪري ٿي، هن جو ذيلي ادارا آهن ـسنڌي آرٽسٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن “(ساوا) ” ساليوُوڊ پروڊڪشن، پبليڪيشن ۽ر يسرچ سينٽر نيوسعيدآباد“ ۽ هن جي فندنگ هم خيال ،ميڊيا سان وابسطا رجسٽرڊ ليجينڊ، سنڌي ايڪٽرس، ايڪٽريانيون، ليکڪ، هدايتڪار، گُلوڪار وغيره فنڪار ۽ اليڪٽرانڪ ۽ پرنٽ ميڊيا ،(اخبار، مئگزين)، انٽرنيٽ ۽ ميڊيا جي هر شعبي سان تعلق رکندڙ ن جي ڊونيشن سان ٿئي ٿي، جيڪي هن وقت دنيا جي هر حصي ۾ سنڌي يا اُردو چينلن تان پنهنجي پرفارمنس ڏين پيا ۽ ڊونيشن ڏين پيا .

    ساليوُوڊ (سنڌي ميڊيا)جو حقيقي مقصد آهي اُنهن سنڌي ميڊيا جي ٽيلنٽس کي گلوبل ميڊيا ۽ ٻاهر رهندڙ سنڌين سان متعارف ڪرائڻ، ۽ کين اپ ڊيٽ ڪرڻ، سان گڏ ، لاچار ۽ بي آسرا فنڪارن جي ڀلائيءَ وارن ڪمن ۾ ”سندن پاڻ مدد اُصول تي“ ڪم ڪرڻ، چينلن طرفان سندن اُجوري جي گھوٻيءَ تي نوٽيس وٺي سندن حلال اُجرت ڪيٽاگيريءَ جو تحفظ وٺڻ، فيصلا وٺي سهڪار ڪرڻ جي ڪوشش ڪرڻ ۽ زيادتيءَ ۽ نه ملڻ جي صورت ۾ مجبورن، بيريسٽر ۽ پيپلز ليگل ايڊ ڪميٽيءَ جي عبدالجبار ميمڻ جي صلاح ۽ سهڪار سان مفتل ليبر ايڪٽ 162 تحت ليبر ڪورٽس ۾، قانوني مدد فراهم ڪرڻ. (فقط رجسٽرڊ ميمبرن لاءِ) جيئن غريب، بيوس، لاچار، اٻوجھ سنڌي فنڪار ، ڪنهن چئنل يا ان جي پروگرام مئنيجر جي چالبازي ۽ چالاڪيءَ سان پنهنجي پورهي جي ڪمائيءَ کان محروم نه رهجي وڃن.


    مان پنهنجي اسڪول جي زماني کان ئي سوشل ايڪٽوٽيز ۾ رهيو آهيان ۽ پنهنجي شهر ۽ اسڪول ۾ سپاف يعني سنڌ پيپلز اسٽوڊنٽس فيڊريشن جو صدر رهيو آهيان (1965 کان 1968ع) تائين. مان يونائيٽيد ميمڻ جماعت آف پاڪستان نيوسعيد آباد برانچ ۽ مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو جو آرگنائيزر ۽ جنرل سيڪريٽري رهيو آهيان.

    مان سنڌ گريجوئيٽس ايسوسيئشن (سگا) حيدرآباد جي پهرئين ٽيڪنيڪل اداري حيدرآباد ٽيڪنيڪل انسٽيٽيوٽ حيدرآباد جو وائيس پرنسپال جڏنهن اُهولطيف آباد ۾ قائم هو هو ۽ پرنسپال جڏنهن اُهو لطيف آباد کان هيرآباد شفٽ ٿي ويو(1980 _ 1984) رهيو آهيان. سگا جو هي ادارو شام جي وقت ۾ هلندو هو ۽ اُن وقت مان مهراڻ انجنيئرنگ يونيورسٽيءَ جو اسٽوڊنٽس هوس ۽ هانرري ڀور تي خدمت ڪندو هوس (شام جي اداري ۾) هن اداري جا سرپرست هُئا، سائين اعجاز قريشي صاحب، سائين مرحوم ڊاڪٽر شريف ميمڻ صاحب، سائين ڊاڪٽر سليمان صاحب، سائين چُوهاڻ صاحب سري گھاٽ وارا ۽ ٻيا گھڻائي.

    مون پنهنجي فني زندگيءَ جو آغاز1967ع ۾ نيو سعيدآباد شهر جي اسڪولن ۽ اسٽيج ڊرامن تان هڪ پرفارمر، ليکڪ ۽ ڊائريڪٽر جي حيثيت ۾ ڪيو ۽ 1972 کان ڪراچي ريڊيو پاڪستان جي چئنل2 تان سنڌي پروگرامن ۾صداڪاري ۽ نوجوانن جي پروگرامن ”نهين ٽهي“ سان ڪئي، منهنجا اُن وقت جا ساٿي هُئا، پي ٽي ويءَ جو بادل جمالي (رٽائرڊ پروڊيسر) ۽ قربان چنه ۽ اسرا يونيورسٽيءَ جي ايم بي اي شعبي جو پوفيسر ، جنهن گھونگھٽ لاه ڪنوار ۾ گھوٽ جو ڪردار ادا ڪيو ۽ نصرپور جو رهڻ وارو جناب علي احمد پانڌياڻي هو، جن پڻ مون سان گڏ پنهنجي ڪيريئر جو آغاز ڪيو هو. ريڊيو پاڪستان ڪراچيءَ تي منهنجو پهريون مذاحيه ڊرامون هو ”گُلدستو “ جنهن ۾ مونسان گڏ ٻيا فنڪار هُئا قربان جيلاني، غزاله رفيق، اي آر بلوچ، قربان چنه .

    هڪ ليکڪ جي حيثيت م منهجي پهرين ڪهاڻي هئي (مامتا ۽ موت) جيڪا غالبن 72يا 1973 ۾ هلال پاڪستان ۾ ادي فهميده ميمڻ جي صفحي ۾ ڇپي. منهنجا لکيل ۽ ڪيل اسٽيج ڊراما هُئا، غريبن جي جھوپڙي، وامق عذرا، ”عمر ماروي“، ”انسپيڪٽر ٿري ناٽ ٿري“ ۽ ٻيا گھڻائي (1965_ 1968) .

    مون ٽي وي تي ڪي ٽي اين جي مذاحيه پلي (لش) جي سترهين قسط کا آغاز ڪيو اهڙي طرح فريد نواز بلوچ جي ٻئي فرزند دانش نواز مونکي متعارف ڪرايو ۽ مون گهڻي ڀاڱي هن جي ئي سنڌي توڙي اُڙدو ڊرامن سيريلس ۾ ڪم ڪيو جنهن ۾ ڪي ٽي اين تي آهن،لش، فن هائوس، قيامت، ۽ ٻيا ڪيترائي ۽ انڊس ٽي وي تي، داني ديوانه، ميرانام محبت،ياهُو ڪلينڪ، ۽ ٻيا ڪيترائي. اسلم ڀُٽي جي سازش، ڪائنات، ٻيون ڪيتريوئي ۽ اڪبر پٺاڻ جي ڏُهاڳڻ، گُناه، رشتن جي ڪهاڻي ۽ ٻين ڪيترين ئي سيريلس ۾ ڪم ڪيو

    اسڪرپٽ ڊراما رائيٽر جي حيثيت ۾ ، ڪي ٽي اين تي جيڪي مُهنجا پلي هليا اُنهن ۾ ”چوڙيون“ هر شخص ڪهاڻيءَ ۾، جنهن جو ڊائريڪٽي ايوب گاد هو. مزاحيه ٻه عيد پليز ” شادي خانا آبادي”، جنهن جو ڊائريڪٽر عاشق شاه هو ڌرتي ٽي وي تي (تضاد) جنهنجو ڊائريڪٽر ڪي. ڪي هو، ۽ ليکڪ ).

    منهنجا الاهي عيد پلي سنڌ ٽي وي تي به هليا جن مان ڪي آهن، سرڪاري قرباني جنهن کي منظور دانش ڊائريڪٽ ڪيو ۽ عيد عجُوءَ جي، جنهن کي رشيد شوري ڊائريڪٽ ڪيو ۽ نوڪر تابيدار ۽ سولوپلي ڦُلي وغيره. جنهن کي ڪي.ڪي ڊائريڪٽ ڪيو. ڪن ۾ مون ايڪٽر طور به ڪم ڪيو .

    مون سال 2000ع کان الاهين سيريلن ۾ ڪو ڊائريڪٽر ۽ ايسوسيئيٽ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ، جنهن ۾ ڪي ٽي اين لاءِ مرحوم امداد شاه راشديءَ جون اوکا پنڌ، اڌُورا ارمان ۽ دردونديءَ جو ديس. ۽ الاهن ڪي ٽي اين، ڌرتي، سنڌ ٽي وي، مهراڻ ۽ آواز ٽي وي جي پليز ۾ڊائريڪٽر ن ”خادم حُسين خاص خيلي” عرف ڪي.ڪي. ۽ حسين شاه راشديءَ (سرهاڙي وارو)ملي ڊائريڪِشن جو آغاز ڪيو سنڌ ٽي ويءَ جي لانگ پليز تان، جهڙوڪ قاتل، حوصلو ۽ اُڃايل آبشار سان جنهن ۾ مون ڪريڪٽر رول پڻ ڪيو.سنڌ ٽي وي تي اسانجون قيدياڻي ۽ ٻيون سيريلز پڻ هليون. آواز ٽي ۽ مهران ٽي وي تي به مون الاهين ڊرامن ۾ ايڪٽر ۽ سپورٽنگ ڊائريڪٽر طور ڪم ڪيو ۽ آواز ٽي وي تي ” آن رمانڊ سيريل جي پهرين ايپي سوڊ ۾ ”ماستر “ جو ڪريڪٽر ڪيو .

    مهراڻ تي رياست سيريل ، رياست جو پرومو مهراڻ جي ويب سائيٽ تي ڏنل آهي هن ۾ به منهنجو نه صرف مرڪزي ڪردار ” ڪمدار جو“ آهي پر هن جو مان ڪو ڊائريڪٽر به آهيان، ڊائريڪٽر حُسين شاه راشديءَ

    هڪ ٻي سيريل جنهن جو به مان ڪو ڊائريڪٽر آهيان، به هٿن ۾ آهي (ڪچي ڀت) جيڪا ڌرتي ٽي وي ٺهرائيڌرتيءَ سان ڳالهيون جاري آهن جي هُنن وري ته. هي اوڏن تي لکيل ڪهاڻي آهي، جنهن ۾ فلم اسٽار شهباز دُراني پڻ آهي.

    مون 1968 ۾ سنڌي ادبي سنگت سڪرنڊ ۽ سعيدآباد کان شاعريءَ جو سفر پڻ شروع ڪري 1974 ۾” بزم طالب مولي“ جيڪا سائين مخدوم محمد زمان جي سرپرستيءَ هيٺ هلندي هُئي ۽ سائين جن اُن ۾ هر مهني لازمي شريڪ ٿيندا هُئا، جتي مونکي اُن وقت جي عظيم شاعرن کان سکيا پڻ ملي ِ مُهنجي الف بي صحيح ٿي، جنهن ۾ بغدادي ڪراچي وارو، سائين محمد جمن حالو ۽ سندن فرزند اصغر حالو جيڪي چاندني بلڊنگ آتما رام پريتم داس تي رهندا هُئا ۽ اها محفل اُتي لڳندي هُئي.

    مون پهريون بي غلطيو مڪمل شعر حيدرآباد جي مسلم هاسٽل ۾ ٿيندڙ جيئي سنڌ جي تقريب ۾ پڙهيو جنهن جا چيف سائين جي ايم سيد هُئا. ۽ حاضرين ۽ سامعين کان داد ورتو، شعر جا ٻول هُئا:
    سُهڻي سنڌڙي تنهنجن مارُن کي سلام، سنڌي سٻاجھن، حُسن وارن جي يارن کي سلام’’’

    مون وٽ هن وقت منهنجي لکيل ۽ آڻ ڇپيل سولو پلي، ڊرامن، لانگ پلي، سيريل ۽ سوپ جو ڪافي تعداد آهي جيڪو جلد ڇپائبو، مُهنجا ڊراما رواجي ڊرامن کان مختلف هوندا آهن، جنهن م معاشرتي تنقيد سان گڏ اصلاحي پهلو به هوندا آهن، جنهن جو ٿيم آئون معاشري ۾ ٿيندڙ گھٽتائين ۽ واڌاين ۽ ڪرنٽ افيئرس مان ڪنسيو ڪندو آهيان. جهڙوڪ هيومن ٽريفڪ تي، لکيل سيريل اهي (وڪامندڙ وُجود)، وڏيرن جو ڳوٺانيو زالون ڇڏي يا هوندي شهر جي ماين سان شادي ڪرڻ ۽ اُن جا نيشنلزم تي اثر ( مامتا ۽ موت ۽ رت جا رشته) عورتن تي ظلم لاءِ ( نڀاڳي)، رٽائرڊ ملازمن تي ( ڦُلي جيڪو جلد ئي ڪنهن به ڇنڇر تي سنڌ ٽي وي تي هلندو، ڪي ڪي جي ڊائريڪشن، ٻه ڪردار رحمت الله ماڃوٽي ۽ ممتاز)، وتائي فقير تي نئين نسل کي وتايو ياد ڪرائڻ لاءِ (وتايو ان ڪراچي) وغيره وغيره.
    مان سنڌي ادب ۾ نواڻ جو قائل آهيان، اهڙي نواڻ جيڪا حالاتِ حاضره تي هُجي، حقيقي مسئلن تي هُجي، يعني ڪرنٽ افيئر کي ڊراماٽائيز ڪري پيش ڪرڻ.
    Edit