ڪجه ڏينهن جي انتظار کان بعد نيٺ اڄ سنڌ سلامت فورم آنلائن ٿيو آهي... خوشي جي ڳاله آهي ته فورم جي ڪاميابي سان ڪلائوڊ هوسٽنگ تي منتقلي ٿي آهي. جيڪڏهن ڪجه تفصيل ٻڌايا وڄن ته بهتر رهندو ته ڪيئن نئين ڪلائوڊ تي منتقل ٿيڻ سان ڪهڙا فائدا ٿيندا.. باقي فورم جي سائيڊ پينل تي نظر ايندڙ فعال موضوع نظر ڪون پيا...
دوستن جي ٻڌايل طريقي مطابق اي پب بوڪ تيار ڪري ڏٺو آهي جيڪو انتهائي آسان آهي. منهنجي@محمد سليمان وساڻ جن کي گذارش آهي ته سنڌ سلامت ڪتاب گهر ۾ موجود ڪتابن کي به اي پب فارميٽ ۾ به منتقل ڪيو وڃي ته بهتر ٿيندو. جيڪڏهن منهنجي مدد جي ضرورت هجي ته مان حاضر آهيان.
يار سمجه نٿو اچي ته آخر هي ڇا جو چڪر آهي. اڄ ٽوئيٽر تي (مهراڻ) لفظ لکي سرچ ڪيم ته (م) صحيح نظر آيو. جڏهن ته پروفائيل تي (م) جي جڳه تي خالي باڪس ڏيکاري ٿو.
تون ڪاله به هوئين ارعونن سان، ترخانن سان غدارن سان،
مون ڪاله به سوري سينگاري هئي، هوشو هيمون پارن سان،
تو حاصل هئا القاب ڪيا، ڪئين ڪاله به ڀاڙيا ڀاڙي تي،
تون ڪاله به تن سان ڪٺي هئين، جي ڌاريا آيا ڌاڙي تي،
مون ڪاله به ساٿ ڏنو هو سوچي، سنڌو جي سچارن سان.
تو ڪاله به ڳاڙها لال اسان جا، ڪونڌر...
اڄ پنهنجي ليپ ٽاپ تان گوگل ڪروم برائوزر تي جڏهن ٽويٽر استعمال ڪيو ته سنڌي اکرن ۾ هي مسئلو نظر آيو. گوگل ڪروم ٽويٽر تي سنڌي اکر (م) جي جگه تي خالي باڪس ڏيکاري ٿو. ياد رهي ته هي مسئلو صرف ٽويٽر تي نظر آيو. ڪنهن دوست کي خبر هجي ته مسئلي جو حل ٻڌائي.
هيٺ اسڪرين شاٽ ڏجن ٿا.
عبيدالله ”عبيد“...
رسالو ڊائونلوڊ ڪري ڏٺو آهي. اوهان جي ڪاوش ۽ محنت کي ساراهجي ٿو.
رسالي ۾ صرف بيتن جي سمجهاڻي ڏنل آهي. ڏکين لفظن جي معني موجود نه آهي.ڀلو ٿئي ها جيڪر اها معلومات به ڏيو ها ته رسالي ۾ ڏنل بيتن جي سمجهاڻي ڪنهن جي لکيل آهي.
هڪ وضاحت ته شاھ جي رسالي جو پهريون اي بڪ ايڊيشن ماجد ڀرڳڙي ۽ سندس ساٿين جي...