دل کي سڪون ملندو الله جي ذڪر ۾،
انسان ٿي انسان جو احساس رک اندر ۾۔
(1)
نوڙت ۾ سر جهڪائي هستي کي ڇڏ مٽائي،
دنيا ۾ ٿي ديوانو اڳيان جي رهه فڪر ۾۔
(2)
هي محل ماڙيون بنگلا، مايا مڙئي ڇڏيندي،
ڪانڌي ڪلهو ڏئي توکي، ڪابو ڪندا قبر ۾۔
(3)
دنيا ۾ هوش سان هل، آخر فنا ٿئي فاني،
سڀ ڪجهه هتي ڇڏيندي، جيڪي...
انت تنهنجي جي اي مالڪ ڪانهَ پئي ڪنهن کي خبر،
جن ڏٺو دل جي اکين سان، تن کي آئين تون نظر۔
(1)
ڪِن ڳولهيو مسجد ۾ توکي، ڪِن وڃي مندر ڏٺا،
پر نه آهين تون لِڪل، هر ڪنهن جي آهين دل اندر۔
(2)
ڪِن کي ماڙيون محل بنگلا، تو ڪيا آهن عطا،
ڪي ڪکاون جهوپڙين، ۾ پو به ڪن تنهنجا شُڪرَ۔
(3)
منهنجي زاري توبهه...