بيت

'سنڌي شاعري' فورم ۾ شاعر محمد صادق خاصخيلي طرفان آندل موضوعَ ‏4 مئي 2014۔

  1. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جَتَ ڇڏي ويا گڏي مونکي منجه گوندر
    سيج سٽيان پوان پٺيان وڃي ويجهو ٿيان وَر
    (1)
    آڌي اُٿيا ڪين ڪُڏيا چڙهي ننڊ نڀاڳي
    نڪي ڏير هُيَنِ پير ويتر ٿيس ويراڳي
    ڪري سَڏُ ڪَيمُ گڏ سڄو پاڙو هيڪر
    (2)
    هِتِ ڇاهي ڪيچ ڪاهي وڃين ڏوري ڏسندس
    لڳن لکون توڙي بکون ته به رڙهي رسندس
    سڄو هاڙو ڪري راڙهو پئي پٺيان تِن لُرَ
    (3)
    ڇڏي ڇوري ڪري زوري ڏئي سور ويَڙا
    لکئي لوڙيان وِندُر ووڙيان پيا ڪرم پنڌڙا
    هجي جَسُ ڏنو ڏَسُ بي وَسِ کي ڏونگرَ
    (4)
    هِتان هليا نه ڪنهن جهليا ويا صادق ڏئي سور
    خاصخيلي ٿيس اڪيلي پَوَنِ پنهل سندا پُورَ
    سورن سٽون ڏنم جهٽون اچي کالي کائڻ گهر
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏4 مئي 2014
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جيڪر محب ملن ته ويهي سليان سور
    ويهي سليان سور ويهي سليان سور
    (1)
    جِنِ سان پيچ مون پاتو تِنِ لا آهيان مان آتو
    روئان ڏينهن ۽ راتو ناهي ساهه کي سرور
    (2)
    ڇاکئون هِتِ ويا گوندر منجهه گڏي ويا
    لائي نينهن لڏي ويا ويتر ٿيس وهلور
    (3)
    دِلڙ داهون ڪري پئي ڳڻتين منجهه ڳري پئي
    اندر آگ ٻري چاڪن ڪئي دِلِ چور
    (4)
    ڪڏه صادق ساڻ ڪندا روهه رِهاڻِ
    تَنَ ۾ تِنِ جي تاڻ جهوري ڪيڙو جهور​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    انت تنهنجي جي اي مالڪ ڪانهَ پئي ڪنهن کي خبر،
    جن ڏٺو دل جي اکين سان، تن کي آئين تون نظر۔

    (1)
    ڪِن ڳولهيو مسجد ۾ توکي، ڪِن وڃي مندر ڏٺا،
    پر نه آهين تون لِڪل، هر ڪنهن جي آهين دل اندر۔

    (2)
    ڪِن کي ماڙيون محل بنگلا، تو ڪيا آهن عطا،
    ڪي ڪکاون جهوپڙين، ۾ پو به ڪن تنهنجا شُڪرَ۔

    (3)
    منهنجي زاري توبهه زاري، تون ئي ڄاڻين تنهنجو ڪم،
    ٿو ڊڄان تنهنجو مٿان، منهنجي نه ٿئي ڪنهن مهل ڏمر۔

    (4)
    تون ئي ڏيندڙ تون ونڊيندڙ، تون ئي رازق تون رحيم،
    تون ئي صادق کي سنڀالج، تون ئي ٿيندي ڇانوَ ڇپر۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دل کي سڪون ملندو الله جي ذڪر ۾،
    انسان ٿي انسان جو احساس رک اندر ۾۔
    (1)
    نوڙت ۾ سر جهڪائي هستي کي ڇڏ مٽائي،
    دنيا ۾ ٿي ديوانو اڳيان جي رهه فڪر ۾۔
    (2)
    هي محل ماڙيون بنگلا، مايا مڙئي ڇڏيندي،
    ڪانڌي ڪلهو ڏئي توکي، ڪابو ڪندا قبر ۾۔
    (3)
    دنيا ۾ هوش سان هل، آخر فنا ٿئي فاني،
    سڀ ڪجهه هتي ڇڏيندي، جيڪي اٿئي نظر ۾،
    (4)
    صادق نه ٿي اياڻو، ٿيندئي اڳيان پڇاڻو،
    قاطب ڪندا حساب تنهنجو اڳيان هشر ۾۔
    (محمد صادق خاصخيلي)

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  5. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    نعت
    ڪيو رب شان ڪيڏو آ، محمد مير منور جو،
    پڙهو صلوات سيد تي، مٿس ٿيو راز رهبر جو،
    (1)
    آيو جبرائل جانب وٽ ڪاهي براق عرش تان،
    هلو هيئر ئي ٿيو هسوار، حڪم مونکي آ پرور جو،
    (2)
    ويو ميراج تي مرسل، فلق جا ٿيا ملڪ جاني،
    هورن پرين اچي ڪيو اڳيان سلام سرور جو۔
    (3)
    سوا لک هئا نبي ليڪن ملي سرداري سيد کي،
    ٻڌم هر جاءِ هر هنڌ هو، قصو ڪونين دلبر جو.
    (4)
    پکين ٻوليون مٺيون لاتون، جڏهن ايندي ڏٺئون عربي،
    نمي سجدو وڻن ڪيڙو، ڏسي رتبو پيغمبر جو۔
    (5)
    آهي پڪ پاڪ مهشر ۾، اچي هامي ٿيندو هيڻن،
    رهان ٻانهون ٿي صادق مان، عمر ساري تنهن در جو۔

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  6. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    عمر منهنجون اباڻن ۾ ادا پل پل پچارون ڏس،
    روئن سرتيون ڀريو سڏڪا، کنيو هٿڙا ويچاريون ڏس۔
    (1)
    لُلر لوڻڪ چِڀڙ ڇاهيون، گزارو جن جو کاهڙ ۾،
    پٽيو کائن پڪا پيرو، ڪيو سلهٽ سنگهاريون ڏس۔
    (2)
    پلنگ پينگهن کٽولن کي، ڇڏن سانگي منهنجا ساڙي،
    پکيڙيل پن پڌر تي تون پهوارن جون پاٿاريون ڏس۔
    (3)
    صبح ساجهر منهنجا مارون، وڃن ٿا مال سان پهريو،
    وچيئن وارِن وٿاڻن ڏي، ڌنارن جون جهونگارون ڏس،
    (4)
    وسن ميهڙا ولهارن تي، خوشي ۾ خاصخيلي هُتِ،
    ٿين سانگي سَرَهَا صادق، هلي ڀٽن بهارون ڏس۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  7. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ لا خوبصورت ڪلام
    اجرڪ پٽڪو ٽوپي پائي سنڌ گهمي ڏس ساري،
    هر سنڌي توکي مان ڏيندو، مسڪين هجي کڻي هاري،
    گهر ڪکاون ڇپرن ۾ ڏس ڪيڏو آ ايمان،
    وڃي ڏس تن جي تڏي ،


    لاڙ اتر ٿر ڪارونهجر کان، منڇر تي ڏس ميلا،
    ڪيئن گهمن پيا ڪينجهر ۾ ڏس قرب وارن جا ٽولا،
    ڏسندي توکي خوش پيا ٿيندا، شاهي ڏيندئي شان،
    وڃي ڏس تن جي تڏي۔


    سنڌ جا سنڌي سهڻا ماڻهو لکن ۾ ڏس پڌرا،
    نوڙت نياز نزاڪت ۾ هر قوم کان آهن اڳرا،
    جنهن مهل ويندي جنهن جي تڏي، گهوريندا پيا جان،
    وڃي ڏس تن جي تڏي۔

    سنڌ سدا آباد هجي، هي ويڙهيچن جي وستي،
    لڏندي ليڪين ٻڏندي نه، ماروئڙن جي بستي،
    جنهن ۾ قلندر گهوٽ ڀٽائي، جهڙا رهن جوان،
    وڃي ڏس تن جي تڏي۔


    صادق ويندي جنهن جي اًڱڻ تون، ڀاڪر پائي ملندئي،
    حال حقيقت خاصخيلي،سڀ پيار مان ويهي پڇندئي،
    هر هر توتان گهور پيا ٿيندا،آيو اڄ مهمان ،
    وڃين ڏس تن جي تڏي.

     
    10 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  8. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سنڌ لا انقلابي ڪلام
    سنڌ آهي سنڌين جو نگڙو،سنڌ آهي سنڌين جو نگڙو،
    ڳالهائي نه ٿي تون تڪڙو،سنڌ آهي سنڌين جو ننگڙو،
    (1)
    هت ڏاڍ نه تنهنجي هلندي هت چال نه تنهنجي چلندي،
    هت ماءُ اسان کي سڏيندي، سڏُ سڏَ سان ڏبو اُٿي سڏڙو
    (2)
    هت سنڌ ۾ رهن ٿا جوڌا ،هت هوشو ۽ هيمون دودا
    هت هيڏو نه بڪ بيهودا، هت ڏاڍو ٿيندي تون بڇڙو
    (3)
    هت خون جون نديون وهنديون، هت مائرون پتن کان ٽٽنديون
    هت رت جو هوليون به ٿينديون،اهو ٻوڙي ماريندئي رتڙو،
    (4)
    هت ڌار ٿيندا سر ڌڙ کئون، نه ڍڃندا تنهنجي لشڪر کئون،
    آواز ايندو هر گهر کئون، هت ڀانئه نه سنڌي تون هڪڙو،
    (5)
    ٻئي پاسا سنڌو جا ڪنارا،جٿ مارو رهن موچارا
    هڻي صادق سنڌ جا نعرا،ڪند توکي لولو ۽ لنگڙو،

     
    8 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  9. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    چـــريءَ کـــي چــــوري ويـــا، ڏئـــي ڏير ڏکــڙا
    ويــا ويــــل ڪهــــڙي ڪاهـــي ڪيچ اٺـــڙا۔
    (1)
    صبح جـــــــو اٿـــي جــــي ساجهــــر سويــرو،
    نڪــي ڏيــر ڏاگهـــا نه ڏٺئيــن تــن جــو پيرو،
    پئــي پنڌ پٺيان تـــن ڪري پيـــادي پنـــــڌڙا۔
    (2)
    جهڪـــــون جهـــولا گرميون، تپـــي تيز واري،
    پنهون ڪــــاڻ پيادل وڃـــي پئــي ويچــــاري
    چڙهيــــــو چوٽ ڏونگر، ڪــــري ڪيچ سڏڙا۔
    (3)
    وِنگـــــا ور وڪـــــڙ ۽، ڏونگــــر کـــــي ڏارون،
    چــڏي کــــــي جبل ۾ پنهــــل جون پچـــارون،
    پڇــــــي پئــــــي مِرن کان،گورن جــا گســـــڙا،
    (4)
    رکـــــي هــوت مـــن ۾، آيـــــــا ڪــا مـــدائــــي،
    سڙي سان صادق چئي نه ڪيئون ڪا چڱائي،
    لـــوڙي پئـــــي لَڪَنِ ۾، لکيو ڪرم انگـــــــڙا۔

     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  10. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    دل کسي اڄ دلبر منهنجي
    جيئري جان جلائي ويو
    (1)
    ناهي اکين آرام ڪو مونکي
    نيڻي ننڊ فٽائي ويو
    (2)
    ڏوهه بِنا محبوب ڇڏي
    مون کان منهڙو محب مٽائي ويو
    (3)
    مست ڪري مونکي محبت ۾
    هِتِ رولي رِڻن ۾ رُلائي ويو
    (4)
    سورن جا اڄ صادق کي
    سڀ ساري سبق وڙهائي ويو​
     
    6 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  11. شاعر محمد صادق خاصخيلي

    شاعر محمد صادق خاصخيلي
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏4 مئي 2014
    تحريرون:
    13
    ورتل پسنديدگيون:
    86
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    جِنِ کي درد دل ۾ سي ڪيئن سُکَ سمهن
    روئيو روئيو راتيون لالڻ لالڇَن
    (1)
    سانگو سِر جو لاهيو وڃنِ پِرِ ڏي ڪاهيو
    قسمت قلم وهايو لکئي ڪين ڪُڇَنِ
    (2)
    نيڻن ننڊ وَيَنِ سمهڻ سور ٿين
    اهڙي لئون ڪا لڳنِ وڍيو پيا وڍن
    (3)
    ڏاتر وٽان ڏات ملين سور سوگهات
    اڏي اڳيان ڪات ڪڏيو ڪنڌ رکنِ
    (4)
    صادق سِڪ اندر ۾ اٿنِ جَل جِگر ۾
    فٽيا منجهه فِڪر ۾ سڙيو سور سڙنِ
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو