نه دردن جي ڪائي دوا ٿي سگهي آ
نه منهنجي حق ۾ دعا ٿي سگهي آ.
اڃا زندگي مرض وانگر هلي پئي
حياتي نه مون لاءِ شفا ٿي سگهي آ.
عذابن کي ڪائي ڪٿي جهل به ايندي
نه پوري دُکن جي ڪٿا ٿي سگهي آ.
هتي رات جي ڪا پڄاڻي ئي ناهي
نه ئي ڌنڌ اوندهه قضا ٿي سگهي آ.
وري ياد بيروت آهي بڻايو
گهڙي ڪا نه سک جي روا ٿي سگهي آ.
توهين آزاد آهيو اسان کي مذهب جي آڙ ۾ گمراهه ڪرڻ لاءِ،
توهين آزاد آهيو اسان جي تعليم تباهه ڪرڻ لاءِ،
توهين آزاد آهيو مدرسن ۾ انتهاپسند تيار ڪرڻ لاءِ،
توهين آزاد آهيو اسان کي ڪافر ڪوٺڻ لاءِ،
توهين آزاد آهيو هندن کي مسلمان ڪرڻ وارن جي پُٺڀرائي ڪرڻ لاءِ،
توهين آزاد آهيو سنڌي مهاجر فساد ڪرائڻ لاءِ،...