زبان پنهنجي اهائي ساڳي، متان تون سمجهين ٺري وئي آ. ايوب کوسو

'تعارف' فورم ۾ sarmadjosh طرفان آندل موضوعَ ‏15 مارچ 2019۔

  1. sarmadjosh

    sarmadjosh
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏17 اپريل 2015
    تحريرون:
    29
    ورتل پسنديدگيون:
    39
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    113
    ماڳ:
    جيڪب آباد
    زبان پنهنجي اهائي ساڳي،
    متان تون سمجهين ٺري وئي آ،
    اڃا ته دل آ اها ئي چنچل ،
    متان تون ليکين مري وئي آ،
    ڀلي تون ڀيلي گلاب تازا،
    سڀئي جنازن مٿي رکي ڇڏ،
    ڀلي اسان کان لڪائي تارا،
    ستم اسان تي سٿي رکي ڇڏ،
    نه فرق ايندو،نه فرق پوندو،
    اهو تون دل تي لکي رکي ڇڏ،
    نه عشق پنهنجو ڪڏھن جهڪيو آ،
    نه عشق پنهنجو ڪڏھن جهڪندو،
    ڀلي زبانون وڍائي ڇڏ تون،
    تڏھن به پنهنجو نگاهون چونديون،
    جهڪڻ اسان جو اصول ناهي،
    هي بيحسي ۽ ذلالتن جو،
    نظام تنهنجو قبول ناهي،
    اسان ته سچ جا پڪا پوڄاري،
    اسان جو سچ کي سلام آھي،
    سچ ئي اسان جو امام آھي.
    ايوب کوسو
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو