اصغر انور
آخري سرگرمي:
‏11 مارچ 2017
شموليت:
‏9 سيپٽمبر 2015
تحريرون:
0
ورتل پسنديدگيون:
0
ايوارڊ جون پوائينٽون:
50

ٻين سان ساٿ 1

جنس:
مرد
سالگراه:
‏15 فيبروري 1971 (عمر: 53)
ماڳ:
شهداد ڪوٽ
ڌنڌو:
ملازم

هن صفحي کي مشهور ڪريو

مالي سھائتا ڪندڙ

اصغر انور

فعال رڪن
, مرد, 53, ماڳ: شهداد ڪوٽ

گجرانوالا ‏1 مارچ 2017

آخري دفعو اصغر انور کي ڏٺو ويو:
‏11 مارچ 2017
    1. ڳسابيل
      ڳسابيل
      منهنجا پيارا دوست، اوھان کي ملن ٿا ڪري منهنجي نظر ايندو آهي Isabel هڪ سنگين تعلق کي ڳولي رهيو آهيان کان اڳ مهرباني ڪري مون کي منهنجي طرفان توهان آهن بس لاء منهنجي اي ميل ۾ پنهنجي تصوير ۽ توهان جي باري ۾ ڪجهه ٿورو خط مون کي موڪل خوش ٿيندو ڪڏهن به شادي ٿي وئي به اڪيلو آهيان هڪ وڌيڪ بحث (isabelgarang@walla.com)
    2. ڳسابيل
      ڳسابيل
      منهنجا پيارا دوست، اوھان کي ملن ٿا ڪري منهنجي نظر ايندو آهي Isabel هڪ سنگين تعلق کي ڳولي رهيو آهيان کان اڳ مهرباني ڪري مون کي منهنجي طرفان توهان آهن بس لاء منهنجي اي ميل ۾ پنهنجي تصوير ۽ توهان جي باري ۾ ڪجهه ٿورو خط مون کي موڪل خوش ٿيندو ڪڏهن به شادي ٿي وئي به اڪيلو آهيان هڪ وڌيڪ بحث (isabelgarang@walla.com)
    3. اصغر انور
    4. اصغر انور
    5. عبيد ٿھيم
      عبيد ٿھيم
      محترم اصغر انور سنڌ سلامت تي ڀليڪار.. ڪنهن ڏکيائي جي صورت ۾ رابطو ڪري سگهو ٿا. جلد ذاتي ڪچهري ۾ انتظاميه به توهان سان رابطو ڪندي. لک لائق
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • بابت

    جنس:
    مرد
    سالگراه:
    ‏15 فيبروري 1971 (عمر: 53)
    ماڳ:
    شهداد ڪوٽ
    ڌنڌو:
    ملازم
    اسان جي ويڙهي
    اسان جي ويڙهي
    هارايل جواري ! ڪا به پرواھ نه ۽ نه ئي وري ٻيهر هارائڻ جو ڀؤ. جياپو دريا جا وهڪرا ، ڪن يا ڪپر. هو ان سڀن هوند، اڻهوند ۽ سانتيڪي ساھ کڻڻ کان مٿانهون ٿيووقت ويلا پيو گذاري. کيس پرواھ ئي ناهي ته سندس ڪو سڱ سياپو آهي بس جي کيس نظر اچي پيو ته اجاڙ اجاڙ واڙ. جنهن جا لوڙها ۽ لنگھ، سندس ئي جيءَ جيان اڪارتا آهن.
    هي ساڳيو ماڻهو آهي، عام ۽ رواجي، جيئن ڪو به ٿي سگهي ٿو. چوڌار جي واس کان وانجهيل، ڪو به واس، ڪا به سڳنڌ نه. نه واعدا ۽ نه وري وفا شعاري، نه وفا جا پيمان ۽ نه جفا جا پيسيندڙ جنڊ، نه ڪرڙي اک رکندڙ ۽ نه ئي وري ڪوجهي جي ڪوڙاڻ پيئڻ وارو.هن لاءِ زندگي هڪ گاڏي آ، بس رڙهي پئي ۽ هلي پئي. نه سرائي ۽ ڦيٿن جي مک جي پرواھ ۽ نه ئي وري رينگٽ جو خوف.
    هي ڪهڙو ماڻهو آهي، جو زندگيءَ جو گاڏو ائين گهلي پيو. ويڙهاند جي آهي ته صرف پنهنجو پاڻ سان.جي پرواھ آهي ته هلندڙ پل ٽپائڻ جي. ڪا به اڳياڙي سوچ نه، پوئن پيرن ڏي منهن ورائڻ جو ته سوال ئي پيدا نه ٿو ٿئي. بس هڪ بوڇڻ آ، جو ڇنڊيو ڪلهي تي رکيو هلندو هلڻ، سو به اير مير جي پرواھ بغير.
    مون کي هو جڏهن به نظر ايندو آهي ته منهنجا لاه ڪڍي ڇڏيندو آهي. مهڪيل دل ٻهڪي پوڻ بجاءِ وڄ وراڪن ور چڙهي ويندي آهي. ماڻھن لاءِ هو هن ڌرتي جي سيني تي ٻوجھ هوندو آهي. سندس ساهن کڻڻ کي مرڻ تي ترجيح ڏني ويندي آهي. پر آءٌ به انوکو اڙٻنگ، ڄڻ دنيا جهان جا سور مون کي تاتڻا هجن. مٿس جي نظر پوندي آهي ته هنيانءُ جھري پوندو آهي، اندر ۾ وڍ پوندا اٿم، سنڌ سنڌ چڪنا چور ٿي پوندو آهي. پڪ ڄاڻو ته منهنجو ساڻس ڪو به رشتو نه آهي. هو نه ئي منهنجو مامو آهي ۽ نه ئي مامي جو پٽ. تنهن هوندي به آءٌ وڏي واڪ چوندس ته هو مون کي ڏاڍو پيارو آهي. سندس سور منهنجا سور آهن، سندس کالي ٽهڪ مون لاءِ جياپو آهن، سندس جهڪيل نطرون منهنجي لاء ڳاٽ اوچو ڪري هلڻ جو سبب آهن، سندس اٻاڻڪو منهن منهنجي لاءِ جياپي جي گس جو ڏس آهن.
    هو مون کي هميشه باسندو آهي. جتي ۽ جڏهن به ملندو آهي ته آءٌ موتيي جي واس سان واسجي ويندو آهيان. ناسون ڦونڊارجي وينديون اٿم، واڇون وڃي ڪنن سان لڳنديون اٿم. ٻانهون پاڻ مرادو ڄڻ ڪنهن ونيءَ لاءِ کڄي وينديون اٿم ۽ کيس ڀيڪوڙي ڀاڪر ۾ وجهندو آهيان. هو به ٻکين پئجي ويندو آهي. ائين ڀاسندو آهي، ڄڻ ورهين جو وڇوڙو هو،جنهن جو پل ۾ پوراؤ ڪرڻو هوندو آهي. هو ڪڏهن اسڪول ويو هو به يا نه، مان نه ڄاڻان ۽ نه ئي کانئس ان باري ۾ ڪڏهن پڇيو اٿمانس. منهنجي لاءِ اهوئي ڪافي آ ته جو پنهنجن، پاڙي وارن ۽ دنيا لاءِ اميو ۽ ڀونءِ مٿان بار آهي، سو مون لاءِ ياراڻو ۽ ياراڻي جو ڳاراڻو آهي.
    اسان جي لئون جو جڙاءُ، سمجهڻ کان مٿڀرو آهي. ظاهري، ڪو به ميڙ نه. نه ذهني هم آهنگي ۽ نه وري گڏيل لوڀ يا سوڀ جو سوال. ان ڪري مان اڪثر پنهنجو پاڻ سان چڙي به پوندو آهيان ۽ پاڻ تي چٿرون ڪرڻ لڳندو آهيان. مون کي خبر نه آهي ته منهنجا ڪهڙا سور آهن، جن جو هو ويڄ هجي. بس ايترو سو ضرور ڄاڻان ته مون سان گڏ گوڏي ويهي چانهن جون ٻه سرڪيون ڀرڻ ساڻس لاء، ڄڻ جنت جو دروازو ٽپڻ هجي ۽ منهنجي لاءِ هي چانهن ڄڻڪه نينهن چڪيون هجن.
    اڄ به هو مون کي اچانڪه، اسان جي گهٽيءَ مان، اسان جي گهر سامهون لنگهندي نظر اچي ويو. هو دنيا کان اکيون ٻوٽيو، پنهنجيءَ ۾ گم، وائڙن جيان وک وک وچڙندو رهيو هو.“سانوڻ”، مون کان رڙ نڪري ويئي ۽ کانئس ڇرڪ نڪري ويو. ان کان اڳ جو هو ڪنڌ ورائي مون کي ڏسي سگهي. مون کيس ڀاڪر ۾ ڀيڪوڙي ورتو. هو هميشه جيان نٻاڻو، وياڪل ۽ هيڪل هيڪاند سرس ٿي ويو. جيئن ئي چيتو هنڌ آيس ته منهن تي مرڪ تري آيس، اکين جي جوت وراڪو کاڌس ۽ سندس ساڻن سنڌن ۾ ساه پيڻ شروع ٿيس.
    “تون ....تون ڪڏهن آيو آن؟ ٻه ڏينهن اڳ به مان تنھنجي در تان چڪر هڻي ويو هوس. مون کي ته ڪاڪي وريام ٻڌايو هو ته کيس تنهنجي ڪا به خبر چار نه آهي؟” هن ڄڻڪه منهنجي ڪنن ۾ ڀڻڪيو هو. هاڻ ته سندس آواز به ساٿ ڏيڻ ڇڏي ڏنو هو.
    “تون ياد ڪرين ۽ آءٌ نه پهچان.” ڇا اهو ممڪن آهي.“پر! يار اڄ ته تون هتان ائين پئي لنگهيو وئين ڄڻ پنهنجي ڄاڻ سڃاڻ ئي نه هجي. سو تون ڪيئن ٿو اسان کي ياد ڪرين” مون کيس چيڙائڻ جس سگھ ساري هئي. مون کي خبر هئي ته سندس رساما به ٻاراڻا هئا. مون سان ته هو پل ۾ ئي پرچي پوندو هو. ها چوندو هو،“ ياريءَ ۾ ڪهڙا ليکا،” نه ڄاڻان کيس ان جي ڪل هئي به يا ڪا نه. مون سان پرچاءَ ۾ ڪو به حساب ڪتاب نه ڪيو اٿائين.