امن باغي
آخري سرگرمي:
‏17 آڪٽوبر 2015
شموليت:
‏25 سيپٽمبر 2015
تحريرون:
1
ورتل پسنديدگيون:
10
ايوارڊ جون پوائينٽون:
0

ٻين سان ساٿ 1

جنس:
مرد
سالگراه:
‏27 فيبروري 1993 (عمر: 27)
ماڳ:
امن آبــــــــــــــــــــــاد

هن صفحي کي مشهور ڪريو

امن باغي

نئون رڪن
, مرد, 27, ماڳ: امن آبــــــــــــــــــــــاد

سنگت ھاٹی ڈیو پنھنجی عشق جون خبرون چارون ‏28 سيپٽمبر 2015

آخري دفعو امن باغي کي ڏٺو ويو:
‏17 آڪٽوبر 2015
    1. امن باغي
      امن باغي
      سنگت ھاٹی ڈیو پنھنجی عشق جون خبرون چارون
    2. امن باغي
      امن باغي
      سنڌ سلامت جي سڄي سٿ مذهبي عيد مبارڪ
      1. 2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
    3. امن باغي
      امن باغي
      عبدالله عبيد ٿهيم سنڌ سلامت تي ڀليڪار چوڻ لاءِ لک لائق
      1. 1 person likes this.
    4. عبيد ٿهيم
      عبيد ٿهيم
      محترم امن باغي سنڌ سلامت تي ڀليڪار.. ڪنهن ڏکيائي جي صورت ۾ رابطو ڪري سگهو ٿا. جلد ذاتي ڪچهري ۾ انتظاميه به توهان سان رابطو ڪندي. لک لائق
      1. 1 person likes this.
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • بابت

    جنس:
    مرد
    سالگراه:
    ‏27 فيبروري 1993 (عمر: 27)
    ماڳ:
    امن آبــــــــــــــــــــــاد
    هن کي اڃان ننگر جي ڪولهين ۽ سوڍن تي ناول لکڻو هو:
    خالد ڪنڀار

    ڪنڊي جو اهو وڻ اڄ به اتي ئي بيٺو آهي . جنهن تي ڪئين سال اڳ پهريون ڀيرو مٽيندي مون ڪنهن ٿر جي وڻ تي ڳاڙهو ڪهاڙو وارو جهنڊو ڏٺو هو. تڏهن هئين ڇڪ کاڌي هئي ته هن سان وڃي ملجي. پر اها ڇڪ بس ڇڪ ئي هئي. جيڪا پوءِ سدائين اندر ۾ رهي . هن سان ڪيتريون ڪچهريون هيون . جن اندر ئي ڳاڙهو ڪري ڇڏيو.اڄ اها ڪنڊي جو وڻ اتي ئي بيٺو آهي . ڪجهه ٽار هاڻ انهي جا سڪي ويا آهن . ڳاڙهو ڪهاڙي وارو جهنڊو اتي ئي ڦڙڪي پيو. پر هن جي ڦڙڪڻ سان هاڻ الاهي ڇو دل نٿي ڦڙڪي. انهي ئي ڪنڊيءِ جي وڻ کان ٿورڙو چنڊ قدم اڳيان هو مدفون آهي. جنهن جي قبر چونٿا ته هنن دولهـ درياخان واري قبر جهڙي ٺهرائي آهي. هاڻ جڏهن به انهي قبر تي سندس ئي چيل اهي سٽون ته “ مون کي پر امن غلامي کان وڌيڪ خطرن سان ڀريل آزادي سان محبت آهي” پڙهجن ٿيون جن سٽن تي اياز جهڙي پهاڙ جي اندر ۾ لوڏو آيو هو. تڏهن اکين ڀرجي نٿيون اچن پر روح جي تارن ۾ ٿر ٿر مچي ٿي ۽ استاد غالب ٿو يا اچي .
    يه نه ٿي هماري قسمت ڪي وصال اي يار هوتا
    ڪچهه اور جي ليتي تو يي هي انتظار هوتا
    يه مصائل اي تصوف يه تيرا بيان غالب
    هم تمهين ولي ڪهتي جو نه بادا خوار هوتا .
    هو مٽي ۾ مدفون آهي يا ڌرتي جو عشق هٿن سان مٽي ۾ ٻوري آيا آهيون . اهو فيصلو تاريخ تي ڇڏيون ٿا. پر هن جي ڪچي ڪوٺي واري اوطاق هاڻ اڪيلي ضرور آهي. جتي ڌرتي لفظن ۾ سمائجي ويندي هئي. هن سان پيار جي پنڌ ۾ ڌرتي سان عشق ڪندڙ جو قافلو ڪيترو وڏو هو اهو بحث ناهي بس عشق اڪيلو ئي جڳ کان ڏاڍو آهي. انهي پنڌ ۾ ڪجهه وکون جيڪي هليا. ڪي ٿڙيا ڪي ٿاٻڙيا ڪي آٿڙڪيا. ڪي منهن ڀر ڪريا . پر ثابت قدم وکن واري هن جي هڪڙي ساٿي هن سان پيار جي پنڌ ۾ وطن سان وفا واري واٽ تي جيڪي چار وکون کئيون هيون . انهي وکن تي جئين هن انهي کي محسوس ڪيو هو . اهو هن هڪڙي ڪتابي شڪل ۾ سهيڙيو آهي. عاشق کي محبوب جي هڪ نگاه ئي ڀيٽا هوندي آهي . پر هي ڌرتي جو عاشق هو. انهي کي ڪتابن سان ئي ڀيٽا ڏئي سگهجي ٿي. اهو ڪتاب اسان جي پياري نواز خان زئور جو آهي. جنهن ڪتاب جو نالو به هن انهي جي ئي نالي سان رکيو آهي. اسين جيڪي ٿريا آهيون . اهي لاڙي مينهن لئه سڪندا آهيون . ڇو جو لاڙي مينهن وسڻ تي ايندو آهي ته اوڪامڻ جي ناهي ڪندو. لاڙي ماڻهو جو ساٿ وري ڀاڳن واري کي ملندو آهي. جي لاڙي ماڻهو پيار ڪرڻ ۽ ڀائڻ تي اچي ته بس ناهي ڪندو. سو نواز به لاڙي آهي . لاڙ جيڪا سمنڊ ، درياءِ ۽ ٿر سان گڏ رڻ جي به ڇيڙي تي آهي . فطرت هن خطي کي ڀاڪرن ۾ ڀريو رکيو آهي. مرشد لطيف جي ڪيترن ئي ڪردارن جا پيرا لاڙ واري سر زمين تي کٽن ٿا . لاڙي جت مرشد جي ٻولي سان رڳون رباب ڪندا اچن . هن اسان واري نواز خان زئنور جو ڳوٺ لاڙ وري پڪي زمين تي بٺوري کي صفا ويجهو آهي. ڳوٺ احمد خان زئنور هن ڳوٺ جا ڪيترا ئي ڇوڪرا سر ڦريا ڌرتي جا عاشق آهن . اها ونڊ هنن کي ڪٿان ملي اها پاڻ کي پڪي خبر ناهي . پر غلام نبي زئنور جو ڀائڻ اڄ به ڪڏهن ڪڏهن هيڪلائي ۾ ياد ايندو آهي.
    نواز انهي ڪتاب جو نالو “ عبدالواحد آريسر ” رکيو آهي. آئون هن ڪتاب کي يڪ ساهي هڪڙي ويهڪ ۾ پڙهي ويو آهيان . ڪٿي پاڻي جو ڍڪ ۽ ويساهين ويساهين سان چانهه پيتي اٿم نه ته سگريٽ تي سگريت دکايا اٿم . پڙهڻ کانپوءِ سوچيم ته ڇا هي منهنجو آريسر سان عشق هو يا نواز خان جي آريسر سان عشق مان سرڪيون پئي ڀريم. هن جي لاڙي لهجي واري ٻولي جو ڪمال هو . يا هن ور ور ڏئي سائين آريسر صاحب جي لفظن تشبيهن ۽ عشق وارين ڳالهين جو ڪمال هو. نواز خان پاڻ لکي ٿو ته هي ڪتاب ڇڙ وڇر ڪيفيتن ۾ لکيل ڪتاب آهي . پر هي ڪتاب پڙهندڙ کي ڪٿي به ڇڙ وڇڙ ۽ بي ترتيب نٿو لڳي . عشق بي ترتيب ٿيندو آهي . هن ڪتاب جا سماچار مونکي نواز آريسر وٽان ملندا رهيا ته سائين تي نواز خان ڪتاب لکي پيو . جيڪو سائين جي چاليهي تي اچي ويندو . اها منهنجي لئه نه سمجهه ۾ ايندڙ ڳالهه هئي . ته نهن هيڏي وڏي شخصيت تي ڪو ڪتاب اچي ۽ اهو صرف چاليهه ڏينهن ۾ لکجي به وڃي ۽ ڇپجي به وڃي . اهي چاليهي ڏينهن جنهن ۾ مسلسل سائين تي تعزيتي ميڙاڪا ٿيندا هجن . پر اهين ئي ٿيو. هي ڪتاب ڇڙ وڇڙ حالتن ۾ لکيل ڪتاب آهي. پر جيڪڏهن هو ٿانيڪو ٿي ڪٿي آريسر صاحب تي ڪتاب لکي ها ته شايد ڪو ڪمال ڪري ڇڏي ها. پر هن انهي ڏک واري حالت کي لفظن جو رنگ ڏنو ٿي سگهي ته هو. درد جو دم هلڪو ٿيڻ کانپوءِ نه لکي سگهي ها . ڪتاب جي شروعات ۾ هو پنهنجي پاران ۾ لکي ٿو ته مون سائين جي زندگي ۾ ئي سوچيو هو ته هن تي اهين لکان جئين شورش ڪاشميري عطاالله شاه بخاري تي ڪتاب لکيو هو. هن اها ڳالهه آريسر صاحب سان به ڪئي هئي . تڏهن“ آريسر صاحب نواز خان کي چيو هو ته نه آئون عطاالله شاه بخاري آهيان ۽ نه ئي وري تون شورش ڪاشميري آهين” . اڳتي وري هو شورش ڪاشميري جي هڪڙي ڳالهه کي ڪوڊ ڪري ٿو ته شورش سائين عطاالله شاه بخاري تي لکيل ڪتاب ۾ شورش لکي ٿو ته “ مولانا آزاد پنهنجي ذات کان ٻاهر لنئوڻون هڻي ڪونه ڏسندو هو ۽ شاه جي ( عطاالله شاه بخاري )ڪڏهن پاڻ کي ڏسڻ جي ڪوشش ئي نه ڪئي مولانا لاءِ نويڪلائي عيش ڀري صحبت هئي ۽ شاه جي لئه بيزاري ڪندڙ. مولانا ڪتابن جي رفاقت کانسواءِ زندگي جو تصور ئي نه ڪري سگهندو هو. شاه جي ڪڏهن ڪتابن تان ڪڏهن ڌوڙ ئي نه ڇنڊي ” نواز خان هن ڪتاب ۾ آريسر صاحب جي شخصيت هن جي خاندان علمي ادبي پورهئي کان ويندي باڪمال مقرر تائين جي سڀني پاسن تي لکڻ جي ڪوشش ڪئي آهي. لکڻ ۾ ڪمال ڪندي ڪٿي هو قلم سان اهين نڀائي ٿو وڃي جو جيڪي آريسر صاحب سان هجائتا ۽ ويجها رهيا هوندا اهي اهين محسوس ڪندا ڄڻ آريسر صاحب سان هن وقت گڏ ويٺا آهن . ڪٿي ڪٿي هو سٽ ڏئي ننڍي کنڊ جي انهن شخصيتن جو به مزو وٺرايو ٿو وڃي جيڪي سائين کي وڻنديون هيون . هو اهي ڳالهيون ڪري ٿو جيڪي هن سائين کي ويجهو رهندي سندس ڪچهري دوران ٻڌيون هيون . هن جي ساٿ مان جيڪا سرڪي ڀري هئائين . هو انهي ۾ سنڌ جي وطن پرست سياست ۾ هڪڙي ڌنار جي پٽ سان وڏن پانچن وارن سياستدانن سائين ڏي جي حياتي ۾ جيڪو ڪيو. هن کي پنهنجي اڳواڻي واري ڪرسي ڇڏڻي پئي . اهي ساروڻيون ۽ سنڌ جي قومپرست سياست جي پيچيدگين تي ڳالهائي ٿو. ته جنهن آريسر چيو هو اوهان کي نوجوان قيادت ٿو ڏيان . انهي ئي نوجوان قيادت ڪئين آريسر صاحب جي عشق کي ادولي ڇڏيو. انهن ڏينهن جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ آهي جڏهن ڀٽو آريسر صاحب سان جيل ۾ مليو هو . هن صوفي تي ويهي سگريٽ تي سگريٽ پئي ڇڪيو . پوءِ جيڪا اتي ڳالهه ٻولهه ٿي اها هن ڪتاب ۾ آهي. هو آريسر جي باڪمال مقرر لئه چئي ٿو ته سائين چاچي حفيظ قريشي کانپوءِ باڪمال مقرر هو. هو هڪڙي جلسي جو حوالو ڏي ٿو ته جلسو هليو پئي ته جنهن مهل سائين آريسر صاحب تقرير ڪرڻ آيو ته مينهن اچي ويو. ڪامريڊ مينهن جي ڇنڊون لڳڻ ڪري ٽڙ پکڙ ٿي ويا . تڏهن آريسر صاحب شروع ئي اتان تقرير ڪئي ته اوهين جيڪي مينهن جي ڇنڊن ۾ بيهه نٿا سگهو سو گولين جي سامهون ڇا بيهندا . هن سڃي ڪتاب کي مون ڪيترو ئي ليڪيو آهي . هن ڪتاب ۾ سائين جي ٽارچر سيل ۾ گهاريل گهڙين جي ڳالهه به آهي . هن جي اڳواڻي ۾ جئي سنڌ هلچل ڪئين هلي انهي جو ذڪر به هن ڪتاب ۾ آهي . هتي ڪجهـ ڳالهيون اڃان هيٺ لکانٿو.
    سائين آريسر صاحب ڪينجهر تي نوري جي مزار ڏانهن گهوري چيو مونکي ٽن شخصيتن جي وڃائجڻ جو ڏک آهي هڪ رسول بخش درس ، رسول بخش ٿيٻو ۽ پوءِ مزار ڏانهن منهن ڪري ڪنڌ هيٺ ڪري ٿو ۽ سناٽو ڇائجي ٿو وڃي.
    سائين آريسر صاحب چوندو هو ته مهاتما گانڌي وٽ عدم تشدد عقيدو هو ۽ سائين جي ايم سيد وٽ حڪمت عملي عقيدو مٽجي نٿو سگهي ۽ حڪمت عملي وقت ۽ حالتن مطابق تبديل ٿي سگهي ٿي .
    آريسر صاحب چوٿين دنيان جي وضاحت اهين ڪئي هئي ته هي اها دنيان آهي. جيڪا اڃان تائين قومي غلامي ۾ ڦاٿل آهي
    هن کي سهڻيون عورتون موهينديون هيون کيس سنڌ جا ڳاڙها ڳڀرو اهين ڪشش ڪندا هئا. جئين ڄام نطام سمون سنڌ جو سالار اعظم دولهه دريا خان تي موهت هو.
    اي سنڌ تون شاهد آهين . ته تنهنجي پئدائش کان وٺي مون ڪئيي مذهب مٽايا آهن . هڪ وقت آئون مظاهر فطرت جو پوڄاري هئس. ٻئي وقت آئون آتش پرست هئس. ٽين وقت آئون ٻوڌي هئس. چوٿين وقت آئون مسلمان هئس پر ڇا مون هر مذهب جي دعاءِ وارڻ وقت تنهنجي ٻولي ۽ لولي کي وساريو. مون انساني پئدائش کان ڪئين مذهب مٽايا آهن پر سنديت جو لباس ناهي لاٿو.
    ڪنهن مهاجر سائين کي چيو ته مهاجرن جو ذڪر قرآن ۾ آهي . سائين وري ورندي ڏيندي چيو ته قرآن ۾ سوئر جو ذڪر به آيو آهي .
    هڪڙي ليڊر چيو ته جئي سنڌ جي سڀني ڌڙن جي وچ ۾ اتحاد ٿئي. سائين چيو پاڻ پهرئين هڪڙي رلي کي ٽوڙي ڦاڙي ٽڪر ٽڪر ڪيو . هاڻ چيون ٿا اچو ته پنهنجا پنهنجا ڦاڙيل ٽڪر وڇائي گڏجي ويهون.
    سائين چوندو هو. مهاتما گانڌي جو هندستان ڳوٺاڻون هو. آزاد جو هندستان سيڪيولر ۽ نهرو جو هندستان سائنسي ۽ صنعتي هو.
    سنڌ اڄ جن حالتن ۾ آهي . انهي ۾ نوجوان جيستائين قلم کڻندو تـه هن جي مقدر ۾ ذلت آهي . جڏهن هو سياست ڪندو ته هن جي مقدر ۾ عزت به ايندي .
    آئون ڪنهن به عورت جي ارهن کي زور سان مهٽڻ کي به تشدد سمجهان ٿو.
    جيڪڏهن فرشتو به مونکي ڪن ۾ ٻڌائي ته سنڌي ۽ اردو ڳالهائيندڙن جي پاڻ ۾ وڙهڻ سان سنڌ کي فائدو ٿيندو ته به آئون انهي ڳالهه تي يقين نه ڪندس .
    آريسر صاحب جي هڪڙي وڏي خواهش ڪارونجهر جي سوڍن ۽ ڪولهين جي بغاوت تي ناول لکڻ جي هئي .
    برحال اوهان هي ڪتاب پڙهو اوهان کي مزو ڏيندو مون هن ڪتاب کي ڪيترو ئي ليڪيو آهي . باڪمال مقرر ۽ اسان جي سلڇڻي پڙهندڙ دوست نواز خان جو هي جنهن جي قيمت 200 روپيا آهي ۽ 144 صفحن تي مشتمل آهي .