سدا سهڻي سٻاجھي آهي هي سنڌي زبان منهنجي
نہ هرگز ڪو بہ ڪوسو واءُ سهندي زبان منهنجي
پئي ٻهڪندي ٻهڳڻ پئي ٽڙندي زبان منهنجي
خدا جو آ قسم هر دم پئي کلندي زبان منهنجي
هميشہ زندہ و جاويد پئي جينئدي زبان منهنجي
هي منهنجو پنهنجو گھر آهي هتي هلندي زبان منهنجي
اتر وچ لاڙ پئي ٻهڪي اها ٻولي اٿئي سنڌي...