سڀ کان مشهور 4 ڦوٽو ايڊيٽنگ ايپليڪيشنز (ائنڊرائيڊ لاءِ)

عبيد ٿھيم

مُنتظم
انتظامي رڪن
سپر ايڊيٽر
اڄڪلهه اسان سڀئي پنهنجا سيلفي ڦوٽو ڇِڪي انهن کي سماجي رابطن جي ويبسائٽن جهڙوڪ فيسبوڪ ، انسٽا گرام، ٽوئيٽر تي موڪلڻ پسند ڪريون ٿا، پر انهن کي جيستائين ايڊٽ نٿا ڪريون ته اهي سهڻا نٿا لڳن. ۽ انهن کي ايڊٽ ڪرڻ لاءِ ايپليڪشن (يا سافٽويئر) لازمي هئڻ گهرجي ٿو، ان کان بغير ايڊٽ نٿا ڪري سگھون. توهان پنهنجو ليپٽاپ هميشه ساڻ ڪري ته نه هلندا هوندا ۽ نه ئي ان کي هروقت کولي ڦوٽو ايڊٽ ڪندا هوندا، پريشان نه ٿيو اهو ڪم توهان پنهنجي سمارٽ فون تي به ڪري سگهو ٿا. :)

سٺيون ايڊيٽنگ ايپليڪيشنز کي توهان پلي اسٽور تي آسانيءَ سان ملي سگهن ٿيون ۽ انهن مان کوڙ ساريون ايپليڪيشنز (جيڪي تمام بهترين هُجن ٿيون) انهن کي ڊائونلوڊ به ڪري سگهو ٿا. پر پلي اسٽور تي هزارين ايپليڪيشنز آهن ۽ توهان وٽ جيڪڏهن منصوبو هُجي ته پنهنجو قيمتي وقت بچائي سگهو ٿا. :)

اڄ آئون توهان کي ائنڊرائيڊ لاءِ 4 بهترين ڦوٽو ايڊيٽنگ ايپليڪيشنز بابت ٻڌايان ٿو جنهن سان توهان پنهنجي ائنڊرائيڊ موبائل تي پنهنجن تصويرن کي سهڻو بڻائي فيسبوڪ تي به موڪلي سگهو ٿا. :)

Autodesk-Pixlr.jpg
Autodesk Pixlr
پگزلر هڪ بهترين ۽ طاقتور ڦوٽو ايڊيٽر، جنهن ۾ توهان آسانيءَ سان تصوير کي ڪراپ، روٽيٽ ۽ سهڻو بڻائي سگهو ٿا. جيڪڏهن توهان اڳ ۾ ڦوٽو ايڊٽنگ ناهي ڪئي ته يقنن هن کي استعمال ڪرڻ کان پوءِ توهان ڪنهن ڦوٽو آرٽسٽ کان گهٽ نه هوندا.
pixlr.jpg



اڊاب لائٽ روم ،
Adobe Lightroom
(قيمت : مُفت ، پر سبسڪرپشن گھُري ٿو اڊاب ڪريئيٽو ڪلائوڊ ڦوٽوگرافي پلان جي. )
lr.jpg



پڪس آرٽ ڦوٽو اسٽوڊيو
PicsArt Photo Studio
(قيمت : مُفت)
تمام بهترين ايپليڪيشن آهي، جيڪا ٻه سئو ملين کان به وڌيڪ ڀيرا انسٽال ٿِي چُڪي آهي. هن ايپيلڪيشن ۾ توهان تصوير ايڊٽ ڪري ۽ ان کي شيئر به ڪري سگهو ٿا.
PicsArt1.jpg



سنيپ سيڊ
Snapseed
(قيمت : مُفت)

هيءُ ايپليڪشنز ڪنهن پروفيشنل ڦوٽو ايڊيٽنگ سافٽويئر کان گھٽ ناهي. هن ذريعي توهان پنهنجي ڦوٽو کي سهڻو بڻائي سگهو ٿا.
snapseed.jpg
 
Back
Top