جو يو امين
آخري سرگرمي:
‏3 ڊسمبر 2019
شموليت:
‏2 مارچ 2017
تحريرون:
11
ورتل پسنديدگيون:
6
ايوارڊ جون پوائينٽون:
53

ٻين سان ساٿ 1

ساٿ نڀائيندڙ 1

جنس:
مرد
ماڳ:
اختر ڪالوني، ڪراچي
ڌنڌو:
ريسرچ ايسوسيئيٽ ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي

هن صفحي کي مشهور ڪريو

جو يو امين

فعال رڪن
, مرد, ماڳ: اختر ڪالوني، ڪراچي

بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛ وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛ ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو. ‏18 آڪٽوبر 2019

آخري دفعو جو يو امين کي ڏٺو ويو:
‏3 ڊسمبر 2019
    1. جو يو امين
      جو يو امين
      بَھادُرَ گَڏِيا بَھادُرين، کَڙڳَ کِلۡوِلِ ڪَنِّ؛ وِجَھنِ ڌَڙَ ڌَڙَنِ تي، ھاڪارِينِ ھڻَنِّ؛ ڪِرَن، ڪَنڌَ نَچَنِّ، رِڻُ گَجِيو، راڙو ٿِيو.
      1. سارنگ جويو هيء پسند ڪيو آهي.
    2. جو يو امين
      جو يو امين
      سنڌ سلامت ، ساٿ سلامت ۽ حق موجود
    3. جو يو امين
      جو يو امين
      سنڌ سلامت ۽ حق موجود
    4. جو يو امين
      جو يو امين
      امين جويو هاري حَقُ رَکيجُ، سَنڀاران ساهَڙَ جو، خُوابَ، خِيال، خَطرا، تِن کي ترڪ ڏيجُ، اُنهيءَ راههَ رَميج ته مُشاهدو ماڻين. (شاهه لطيف)
    5. جو يو امين
      جو يو امين
      تتي ٿَڌي ڪاهَ ڪانهي، ويلَ ويهَڻ جي، مَتان ٿِئي اونداههَ پيرُ نهَ لَهين پِرين جو
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي...
  • بابت

    جنس:
    مرد
    ماڳ:
    اختر ڪالوني، ڪراچي
    ڌنڌو:
    ريسرچ ايسوسيئيٽ ، سنڌ اڀياس اڪيڊمي
    مخدوم ساهڙ لنجار

    (مقبرو، مسجد ۽ قديم ماڳُ)


    امين جويو


    ريسرچ ايسوسيئيٽ (سنڌ اڀياس اڪيڊمي)


    تَتُ


    مُنهنجي هن تحقيقي مضمون لکڻ جو مقصد رُڳو اِهو آهي ته سنڌ ۾ موجود ماڳن ۽ مڪانن تي جيڪي تاريخي شخصيتن جا مُقبرا آهن، انهن جي حقيقي تاريخ ۽ اهميت عام هئڻ بجاءِ، اُتي عقيدي ۽ ڏند ڪٿائن جي بُنياد تي ٻَڌل ڳالهيون، وڌيڪ مشهور آهن جنهن سان ٻه وڏا اهم نقصان ٿي رهيا آهن، هڪڙو اهو ته تاريخي حوالي سان اُن ماڳ جي اهميت جي خبر ئي ڪا نه ٿي پوي، ۽ ٻيو هيءُ ته جيڪڏهن اُتي ڪا تاريخي، سماجي يا انقلابي شخصيت دفن ٿيل آهي ته اُن جي اصل ڪردار، ڪيل ڪمن ۽ ڪارنامن تي پاڻي ڦِري ٿو وڃي.

    تنهن ڪري هران ماڳ تي سائنسي ۽ تحقيقي انداز سان لکڻ جي ضرورت آهي جتي اهڙيون شخصيتون دفن ٿيل آهن. ۽ هيءُ مضمون به اهڙي ئي تحقيقي ڪم ڪرڻ جي سلسلي جي هڪ ڪَڙي آهي. ان سان گڏ هن مضمون ۾ مون، مختلف حوالن جي ذريعي اهو به ثابت ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي آهي ته هي اهو ئي ميدان جنگ آهي، جتي 1592 ۾ اڪبر بادشاه جي هڪ سپهه سالار، خان خانان ۽ سنڌ جي ميرزا جاني بيگ جي وچ ۾ هڪ وڏي خوفناڪ جنگ لڳي هئي، جنهن ۾ هزارين ماڻهون اجل جو شڪار ٿيا هئا.


    ساهڙ لنجار جو تعارُفُ، ڪَمَ ۽ آخري آرمگاهه




    مخدوم ساهڙ لنجار جي زندگيءَ بابت تحقيق ڪندي نظر سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽريءَ تي پئي، جنهن ۾ سيد حاڪم علي شاهه بُخاري مخدوم ساهڙ لنجار بابت هن ريت لکيو آهي ته؛ ”مخدوم ساهڙ لنجار عُرف مخدوم صالح ولد مُعز الدين 980 هجري ۾ وفات ڪئي. پاڻ مخدوم بلاول باغبان واري جو وڏو خليفو هو ۽ بلاولي تحريڪ جو سرگرم ڪارڪن هو. مخدوم بلاول جي شهادت 931 هجري ۾ ٿي، مخدوم صاحب جي وفات کان پوءِ به ساهڙ لنجار 50 سال کن حيات رهيو ۽ بلاولي تحريڪ لاءِ اهم ڪم ڪيائين.“ (بخاري، 2008)

    مخدوم ساهڙ جي پرهيزگاري ۽ قوم پرستي جو پڙاڏو پري پري تائين ٻڌڻ ۾ ٿي آيو. سندس استاد شهيد مخدوم بلاول هو. جنهن جي صحبت ۾ رهي پاڻ علم، ادب ۽ پرهيزگاري سان گڏ انقلابي فلسفي کي پڙهيو ۽ سمجهيو. ۽ پاڻ انقلابي فلسفي ۾ رچي ريٽو ٿيو. جڏهن شهيد مخدوم بلاول ارغونن خلاف جهاد شروع ڪيو ته مخدوم ساهڙ لنجار پڻ ارغونن جي قبضي، ظلم، ڏاڍ، ڏمر ۽ ڏهڪاءُ خلاف جهاد جو علم بلند ڪيو ۽ ارغون ظالمن خلاف عوام کي سجاڳ ڪيو. هُن ارغونن جي ظلم، ڏاڍ ۽ بدڪارين کي عوام آڏو وائکو ڪيو. ان سان گڏ وڏن وڏن عالمن ۽ مشائخن سان ملاقاتون ڪري کانئن شهيد مخدوم بلاول سان ساٿ ڏيڻ جو وچن پڻ وٺندو رهيو. هڪ روايت آهي ته سندن شاهه عبدالڪريم بلڙي واري سان پڻ ملاقات ٿي هئي. مخدوم ساهڙ اڪثر پنهنجي مرشد شهيد مخدوم بلاول جي صحبت ۾ رهندو هو. جڏهن ارغونن مقامي غدار طبقي سان گڏجي بلاولي تحريڪ کي سختي سان ڪچليو ته ، هو في الحال پنهنجي اباڻي شهر ۾ رهڻ لڳو. پر جڏهن شهيد مخدوم بلاول کي ارغونن ڪوڙي فتويٰ ڏياري گهاڻي ۾ پيڙائي شهيد ڪيو ته ان وقت مخدوم ساهڙ لنجار ساڻس گڏ هو. مخدوم بلاول جي شهادت کانپوءِ پاڻ وري اچي پنهنجي اباڻي شهر(اُنڙ پور) ۾ رهڻ لڳو ۽ اتي به بلاولي تحريڪ کي منظم ۽ مضبوط ڪندو رهيو.

    جڏهن مخدوم ساهڙ لنجار جي پٽ، ارغونن کان قاضي جو عهدو قبول ڪيو ته مخدوم ساهڙ پنهنجي پٽ جي مفاد پرستي ۽ غداري کي سنڌ سان غداري سمجهيو، ۽ ان کي سنڌ ڌرتي ۽ ان جي نجات واري هلچل ۽ پنهنجي مرشد ۽ رهنما شهيد مخدوم بلاول جي خون سان غداري سمجهيو. ان نه صرف پنهنجي پٽ سان سماجي لاڳاپا ختم ڪيا. پر اها وصيعت به ڪيائين ته منهنجي پٽ کي انهيءَ قبرستان ۾ دفن نه ڪجو، جنهن ۾ مون کي دفن ڪيو وڃي، ڇو ته آءُ اهو برداشت نه ڪندس ته ڪنهن غدار ۽ ظالم سان گڏ منهنجي قبر هجي، پوءِ اهو غدار منهنجو پٽ ئي ڇو نه هجي. اتفاق سان مخدوم ساهڙ جي جيئري ئي سندس پٽ وفات ڪري ويو. ۽ پاڻ پنهنجي پٽ کي پنهنجي قبرستان کان تمام پري دفن ڪرايائين. خليفن ۽ مريدن کيس گهڻيون ئي منٿون ڪيون ته اهو تنهنجو پٽ آهي. مئلن سان ڪهڙا ليکا.......، پر مخدوم ساهڙ حب الوطني ۽ وطن سان محبت جو اعليٰ مثال قائم ڪري ڏيکاريو، ۽ کيس پنهنجي قبرستان ۾ دفن ٿيڻ نه ڏنائين. مخدوم ساهڙ 73 سالن جي ڄمار ۾ وفات ڪري ويو.(سولنگي،2014)


    ماڳَ جو هَنڌُ ۽ مُفاصلا


    مخدوم ساهڙ لنجار جي آخري آرامگاهه اُنڙ پورُ ريلوي اسٽيشن جي اولهه ۾ تعلقي ڪوٽڙي ۽ ضلعي ڄامشوري ۾ واقع آهي. سندس مُقبرو ڄامشوري کان اُتر اوڀر ۾ 20 ڪلوميٽرن جي مُفاصلي تي آهي، يا جڏهن اسان انڊس هاءِ وي تي سفر ڪندي پيٽارو وارو ٽول پلازا پار ڪريون ٿا، هيُ مقبرو اُن کان پوءِ انڊس هاءِ وي کان 5 ڪلوميٽر پري اوڀر ۾ واقع آهي. هڪ ننڍو لنڪ روڊ اوسيتائين ٺهيل آهي.




    مُقبري جي اڏاوت


    محترم حاڪم علي شاهه بُخاري پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ۾ مُقبري جي اڏاوت بابت هن ريت لکيو آهي ته، ”هيءُ مُقبرو هڪ سڌي ٽَڪريءَ تي ٺهيل آهي، رِٿَ ۾ چوڪُنڊو آهي ۽ مَٿان گُنبذُ ٺهيل اَٿَسُ. دروازو ڏکڻ طرف اَٿَس، جنهن تي ڪاٺَ جي اُڪَرَ جو خوبصورت ڪم ٿيل آهي. مُقبري ۾ اندر ٻه قبرون آهن، جنهن مان ڇَٽيءَ واري قبر مخدوم ساهڙ لنجار جي آهي. مقامي رِوايتُن موجب اِهو مُقبرو مَلَڪ بُولا خان پاران جُوڙايل آهي، جنهن اِها سوين ايڪڙ زمين درگاههَ جي خرچ پَکي لاءِ خيرات ۾ ڏئي ڇڏي هُئي.“ (بخاري، 2008).


    قديم قبرستان ۽ جنگ لڳڻ جون شاهديون


    هڪ ڏينهن 1601ع ۾ لکيل تاريخ معصومي پڙهندي اکيون ۽ ذهن هنن جُملن تي اچي اَٽڪي بيهي رهيو، جنهن ۾ ليکڪ مير معصوم بکري هن ريت لکيو آهي ته، ”جاني بيگ (سيوهڻ واري) جنگ جي ميدان کان ويهه ڪوهه پري اُنڙ پُور ۾اچي هڪ قلعڙو ٺاهي مضبوط ٿي ويٺو، بادشاهي خيرخواهه به اُتي وڃي پُهتا ۽ مُحاسرو ڪيائُون، ٿورن ڏينهن کان پوءِ نواب خان خانان پڻ اُتي پُهچي مورچا تيار ڪرايا. هرروز لڙائي ٿيندي رهي ۽ ٻنهي طرفن کان گهڻا ماڻهو ڪُسندا رهيا ۽ مِٽيءَ جا ڍير وڃي کاهيءَ سان لڳا ۽ جاني بيگ حاضر ٿي صُلح لاءِ آماده ٿيو.“(بکري، 1985)

    اُن کان علاوه سنڌ جي تاريخ تي لکيل پُراڻي ڪتاب تاريخ طاهري ۾طاهر نسيانوي اُنڙ پُور واري جنگ جو واري هن ريت نقشو چٽيو آهي ته، ”جڏهن پهرين سَٽَ ۾ مرزا جاني بيگ کي ڀاڳَ نه ڀِڙايو ۽ خان خانان هٿان هارَ کائي، ٻيڙيءَ ۾ چڙهي موت جي مُنهن مان نڪري وِچيئن مهل اُنڙ پُور پُهتو ۽ کاهيون کڻائي مورچابند ٿي ويهي رهيو. خان خانان جيڪو ميرزا جاني بيگ جي ڳولها ۾ مينهن واءُ هڪ ڪندو ٿي آيو، سو به نيٺ اچي ميرزا جاني بيگ تائين رسيو ۽ اُنڙ پُور ۾ سندس دوبدو کاهيون کوٽائي توبن ۽ تفنگن جي جنگ شروع ڪري ڏنائين. اُنهيءَ جنگ اهڙو ته خطرناڪ رُخ اختيار ڪيو، جو ميرزا جاني بيگ جو ڪو به سپاهي اندران ٻاهر يا ٻاهران اندر اچي ۽ وڃي نه ٿي سگهيو ۽ سندس راهون ئي رد ٿي ويون.“ (نسيانوي، 1995)

    هن جنگ بابت ڊاڪٽر نبي بخش بلوچ پنهنجي ڪتاب ’جنگ ناما‘ ۾ وڌيڪ تفصيل سان لکي ٿو ته، ”اڪبر بادشاهه مُلتان ۾ منزل انداز ٿيو ته ٻيا سڀ صوبا (صوبن جا عملدار) سندس سلاميءَ تي ويا پر ٺٽي جو حُڪمران ميرزا جاني بيگ نه ويو، تنهن تي اڪبر بادشاهه خان خانان کي ٺٽي تي ڪاهڻ جو حُڪم ڏنو. ميرزا جاني بيگ به لشڪر وٺي خان خانان سان اُنڙ پُور وٽ اچي سامهون ٿيو. ميرزا جاني بيگ اعلان ڪيو ته جيڪو به سورهيه، دُشمن جو سِرُ آڻيندو تنهن کي انعام ملندو. اُنهيءَ اعلان تي تمام سخت جنگ لڳي ۽ ٻنهي طرفن جا هزارين سپاهي مارجي ويا پرفتح ۽ شڪست جو ڪو به نتيجو ڪو نه نڪتو.“ (بلوچ، 2007)

    اُنڙ پُور واري اُنهيءَ جنگ جو احوال عبدالڪريم ’ تُراب‘ پنهنجي هڪ ڊگهي نظم ۾ ڏنو آهي، جيڪو به جنگ نامي ۾ ڏنل آهي ۽ اسان سڀني کي اهو نظم ضرور پڙهڻ گھُرجي، پرجيئن ته اهو نظم تمام ڊگهو آهي، تنهن ڪري هن تحقيقي مضمون ۾شامل نه ٿو ڪري سگهان.

    آئون هڪ تاريخ ۽ تحقيق جي شاگرد هُجڻ جي حيثيت ۾سئو سيڪڙو دعويٰ ته نه ٿو ڪريان ته هيءُ اُهو ئي ماڳُ آهي، جتي اُها جنگ لڳي هُئي، پر مُنهنجي هڪ نماڻي گُذارش اها آهي ته هن ماڳَ تي وڌيڪ ۽ گهڻ رُخي تحقيق ٿيڻ گُهرجي ته جيئن نيون حقيقتون نروار ٿي سگهن.




    مُشاهدا ۽ جاگرافيائي بيهڪ


    آئون ڪو آرڪيالاجيءَ يا جاگرافيءَ جو ماهر يا ڪنهن به اداري ۾ ڪو فني ڄاڻ رکندڙ ماڻهو ناهيان پر آئون تاريخ ۽ تحقيق سان دلچسپي رکندڙ هڪ ادنيٰ شاگرد آهيان. بس هڪڙي اُڪير آهي يا ايئن کڻي چئجي ته هڪڙي ڇِڪَ آهي، هڪڙو دلي لڳاءُ آهي، جيڪو مون کي اهڙن ماڳن ۽ مڪانن تي وٺي وڃي ٿو. اُتي پُهچڻ کان پوءِ تمام گهڻو سُڪون ۽ راحت ملي ٿي، تنهنڪري موڪل وارن ڏينهن ۾ ڦيٿ ۽ ڪئميرا کڻي نڪري پوندو آهيان ۽ اُتي پُهچي ماڳَ جو اَڀياسُ ڪري، ڪُجهه ماپُون وٺي، اُتي موجود ماڻهن کان ڪُجهه حال احوال وٺي پَنا ڪارا ڪري واپس موٽي ايندو آهيان. گهر اچي اُنهيءَ ماڳَ سان لاڳاپيل مواد جي ڪمپيوٽر تي مختلف ويب سائيٽن ذريعي ڳولها ڪندو آهيان ۽ اُن سان گڏ پاڻ وٽ موجود ڪتابن جي ذخيري مان پڻ مدد وٺندو آهيان.

    جيئن ته آئون سورنهن سال کن ڄامشوري ۾ سنڌو درياءَ جي ساڄي ڪَپَ ڀرسان رهيو آهيان، اُتي رهڻ دوران ڄامشوري ضلعي جو شايد ئي ڪو تاريخي يا ثقافتي ماڳُ اهڙو هُجي، جتي آئون نه ويو هُجان. بحرحال جيئن ئي مون کي ساهڙ لنجار جي تاريخي مُقبري ۽ ماڳَ جي خبر پئي ته هڪدم اوڏانهن وڃڻ لاءِ دل چيو.

    مخدوم ساهڙ لنجار جي مُقبري ۽ ماڳَ تي لکڻ کان اڳ ان جي جاگرافيائي اهميت ۽ بيهڪ کي سمجهڻ تمام ضروري آهي. هن مُقبري جي اوڀر ۾ سنڌو درياءُ پنهنجي آب وتاب سان وهي رهيو آهي، ۽ اولهه ۾ لڪي جابلو سلسلي جون هلڪيون هلڪيون ڇاڙهون اَٿَس، جڏهن ته ڏکڻ ۽ اُتر ۾ سنئون پَٽ ۽ زرعي زمين آهي. مقامي آبادي 3000 کان مٿي ڪانه اَٿَس ۽ هڪ ننڍڙي ڳوٺڙي جي صورت ۾ موجود آهي. هن جي ڏکڻ ۾ اُنڙ پور ريلوي اسٽيشن آهي، جتي اڄ ڪلهه ورلي ئي ڪا ريل بيهندي هُجي.

    ساهڙ لنجار جو مُقبرو ۽ مسجد ۽ هڪ مٿانهين ٽَڪريءَ تي آهي، جتي پُهچڻ کان اڳُ هڪ اُونهي کاهيءَ منجهان چڙهي پار ٿيڻو پوندو هو، پر هاڻي اُنهيءَ کاهيءَ جي گهڻي حد تائين ڀَرائي ٿي چُڪي آهي ۽ روڊ مُقبري تائين ٺهيل آهي.

    جيئن ئي آئون آڪٽوبر 2015ع جي هڪ شام جو پنهنجي موٽر سائيڪل ياترا ذريعي اُتي پهتس ته عجيب رنگ لڳا پيا هُئا ۽ ماڻهو ڏاڍي آزاديءَ سان پئي گُهميا ڦريا. اُهي سڀئي ڪم اُتي سر عام ٿي رهيا هئا جيڪي ڪنهن مهذب معاشري ۾ ٻي ڪنهن جاءِ تي ٿي نه ٿا سگھن.....

    آئون به هڪ مئخاني ۾ ’يا علي مدد‘ چئي هڪڙي ڪُنڊ وٺي ويهي رهيسُ، اُتي ويٺل ويهارو کن ماڻهن جواب ۾ هڪ ئي وقت گڏجي ’مولا علي مدد‘ وارو نعرو هنيو ۽ بغير ڪنهن پُڇ پُڇان جي هڪ چيني پيالي ۾ ڪاڙهي چُڪو اچي ڏنائُون. جيڪو مُون 10 منٽن ۾ پي پورو ڪيو ته وري ٺڪر جي پاٽوڙي ۾ تازا رڌل چانور کڻي اچي پيش ڪيائُون، جيڪي مون ڏاڍي چاهه سان کاڌا ۽ کائي ڏاڍي واکاڻ ڪيم. ڪجهه دير واءٌ سواءٌ وٺڻ کان پوءِ اُتي موجود سڀني کان جُهوني شخص جو پاسو وڃي ورتمُ ۽ حال احوال وٺڻ ۽ ڏيڻ کان پوءِ کانئُس ساهڙ لنجار جي باري ۾ پُڇا ڪرڻ لڳس. پهريان ته هو لنوائڻ لڳو ۽ ورندي ڏيندي چيائين ته، آئون رُڳو هتي ايندڙن جي خدمت چاڪري ڪندو آهيان ۽ ننگر پاڻيءَ جو بندوبست ڪندو آهيان، باقي ٻي ڪابه خبر ڪانهي ڪا.

    پر مُنهنجي گهڻي زور ڀرڻ ۽ منٿن ميڙن ڪرڻ کان پوءِ نيٺ چاچو راضي ٿيو ۽ پوءِ ڳالهين ۾ اچي کُليو ۽ مون کي ٻڌائڻ لڳو ته، سائين بلاولي شاهه (ساهڙ لنجار) جون ڪرامتون ڪنهن کان ڳُجهيون ڪين آهن ۽ مون کي تقريبن ڏيڍ ڪلاڪ تائين سائينءَ جي مختلف ڪرامتن جا تفصيل ٻُڌائڻ لڳو. آخر ۾ ڪرامتون ٻُڌائيندي ٻُڌائيندي جڏهن، اوچتو چاچي جو بلڊ پريشر صفا وڌي ويو، تڏهن آئون اُن مئخاني مان نماز پڙهڻ جو بهانو ڪري اُٿيس ۽ مسجد ڏانهن روانو ٿيس. مسجد ۾ وڃي ٻه رڪعتون نماز پڙهيم ۽ ڪجهه دير اُتي ويهڻ کان پوءِ مسجد جي اڏاوت طرف غور ڪرڻ لڳس جنهن جو اظهار آئون هتي محترم حاڪم علي شاهه بُخاريءَ جي لفظن ۾ ڪرڻ پسند ڪندس، جنهن پنهنجي ڪتاب ’سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري‘ ۾ هن ريت لکيو آهي ته،”هيءَ مسجد ساهڙ لنجار جي ٺهرايل آهي ۽ سما دور جو يادگار آهي، هن جي مٿان گُنبذ ٺهيل آهي، جيڪا پوءِ جي اڏاوت لڳي ٿي. هن مسجد ۾ خُداآباد واري مسجد وانگر ڀتين ۾ تهه خانا ٺهيل آهن، جيڪي عبادت جو ڪم به ڏيندا هُئا ته دُشمن کان وقت سِر پناهه وٺڻ جو به ڪم ڏيندا هُئا.“ (بخاري، 2008)

    مسجد مان نڪرڻ کان پوءِ ٽَڪريءَ جي چئوڦير گُهمڻ جو ارادو ڪيم، ۽ گُهمڻ دوران قبرون به ڳڻيندو ويسُ. جڏهن 2500 کن قبرون ڳڻيم تڏهن صفا ٿڪجي پيس ۽ سج به موڪلائڻ لڳوهو...... ، تنهنڪري مون به گهر واپس وڃڻ جي ڪئي ۽ ٻئي ڏينهن تي اچي اهو رهيل ڪم پورو ڪرڻ جو فيصلو ڪيم.

    ٻئي ڏينهن تي صُبح جو سوير اُٿيس، نيرن ڪرڻ کان پوءِ پنهنجي دل گُهريي ۽ هم خيال دوست اسلم ملاح کي ساڻ کنيم ۽ هڪ ڀيرو ٻيهر نڪري پيس مخدوم ساهڙ لنجار جي مُقبري ۽ ماڳَ طرف. اُتي پُهچي ٽڪريءَ جي اولهه ۽ اُتر وارين قبرن جي ڳڻپ شروع ڪئي سين، ڪجهه ڪلاڪن جي محنت کان پوءِ ٿڪجي پياسين. سواُتي ئي ڪُجهه آرام ڪيوسين ۽ هڪ سنئين پوٺي تي منجهند جي ماني به کاڌيسين، جيڪا گهران ساڻ کڻي آيا هُئاسين. اڌ ڪلاڪ جي ساهي پٽڻ کان پوءِ وري ٻيهر قبرن جي ڳڻپ شروع ڪئي سين.

    جيئن ته ٽڪريون هموار يا سنئين پَٽَ تي ناهن، پر ٽڙيل پکڙيل آهن. سو قبرون به اهڙيءَ ئي طرح غير ترتيب طريقي سان هِتي ۽ هُتي، هيٺ ۽ مٿي ٽڪرين جي حساب سان ٺهيل آهن.

    بحرحال شام 5.30 وڳي ڌاري تائين همت جواب ڏئي وئي پر اسان اڄ 5000 قبرون ڳڻي ورتيون ۽ جيڪڏهن ڪالهوڪيون اڍائي هزار جوڙ ڪبيون ته ٽوٽل تعداد ساڍا ست هزار ٿيندو پر اڃا ساهڙ لنجار واري مُقبري واري پاسي، اوڀر ۽ ڏکڻ واري طرف جون قبرون ڳڻپ کان رهجي ويون، ان لاءِ هڪ ڀيرو ٻيهر هن ماڳ تي اچڻ جو وچن ڪيم.

    ۽ گهر واپس وڃڻ کان پهرين اُتي موجود مئخاني تان چانهن جو پيالو پيتوسين پوءِ واپس گهر روانا ٿياسين.

    هڪ ڀيرو وري سيپٽمبر 2016ع ۾ پنهنجي دل گھريي دوست سارنگ جويي کي ساڻ ڪري ساهڙ لنجار واري ماڳ تي ويس، هن ڀيري چڱيءَ ريت ماڳَ جو اڀياسُ ڪيوسين. هڪ دستاويزي فلم پڻ ٺاهيسين ۽ هن ماڳ تي موجود قديم آثارن، مُقبري، ۽ مسجد جون تصويرون پڻ ورتيوسين. پوءِ رهيل قبرن جي ڳڻپ شروع ڪئيسين ۽ شام تائين ڳڻيندا رهياسين. سج لهڻ کان اڳ اسان جي گڏيل ۽ محتاط اندازي موجب هن ماڳ تي ٽوٽل قبرن جو تعداد تقريبن ڏهه هزارن جي لڳ ڀڳ آهي.

    اهڙيءَ طرح قبرن جو ايڏي وڏي تعداد ۾ هُجڻ هن ميدان تي ڪنهن وڏي جنگ لڳڻ جي پڪي ثابتي آهي. جيئن ته قبرستان کي ڪا به چئوديواري نه آهي ۽ نه ئي ڪو سارسنڀال لهڻ وارو نظر آيو، سو ٿي سگهي ٿو ته گهڻيون قبرون ميسارجي به ويون هُجن. هڪ ٻن جاين تي ته اسان کي چئوڪنڊيون قبرون هُجڻ جو شڪ به پيو، پر اُتي چٽيل پٿر ڪو نه نظر آيا، تنهن ڪري پڪ سان ڪجهه به چئي نه ٿو سگهجي. ٿي سگهي ٿو ته مقامي ماڻهو اُهي چٽيل سِرون پَٽي پنهنجن پنهنجن گهرن ڏانهن کڻي ويا هُجن. ڪُجهه هنڌن تي اسان کي ڀڳل ٽُٽل حالت ۾ سرون نظر آيون جن تي اُڪر جو ڪم ٿيل هو پر اُهي ڪنهن قبر ۾ لڳل ڪو نه هُيون، بس ايئن ئي قبرستان ۾ ٽڙيون پکڙيون پيون هُيون، ان کان علاوه اسان کي اُن قبرستان ۾ قديم دور جو ٺڪراٺو پڻ ٽڙيل پکڙيل حالت ۾ نظر آيو، جنهن مان هن ماڳَ جي قدامت جو اندازو لڳائي سگهجي ٿو. اسان اُتي پنهنجي تحقيقي ڪم کي پورو ڪيو ۽ واپس گهر اچڻ کان پهرين اُتي موجود مئخاني تان چانهن جي چُسڪي ڀري گهر ڏانهن روانا ٿياسين.




    (Conclusion) آخري نتيجو

    هن تحقيقي مضمون مان اهو نتيجو نڪري ٿو ته هن ماڳ ۽ ساهڙ لنجار بابت جيڪي ڏند ڪٿائون يا روايتون هتي مشهور آهن، ساهڙ لنجار جي شخصيت اُنهن کان بلڪل مختلف آهي. جيئن آئون مٿي بيان ڪري آيو آهيان ته پاڻ بلاولي تحريڪ جو هڪ سرگرم ڪارڪن هو ۽ هن تحريڪ جي حوالي سان ڪافي اهم ڪم به سرانجام ڏنا هُئا. جن جي تفصيل تي وڌيڪ گهرائيءَ سان تحقيق جي ضرورت آهي ۽ ٻي اهم ڳالهه هن ميدانِ جنگ بابت آهي، جنهن جي باري ۾ مون ڪجهه تاريخي ڪتابن جا حوالا پڻ هن تحقيقي مضمون ۾ ڏنا آهن. هن ماڳ تي ايترين گهڻين قبرن جو تعداد ڏسي هڪ ڳالهه چٽيءَ طرح واضح ٿئي ٿي ته هتي ضرور ڪا وڏي جنگ لڳي هوندي.

    رايا ۽ تجويزون

    مُنهنجي خيال ۾ هن تاريخي ماڳَ جي حفاظت لاءِ هيٺيان اهم اُپاءَ وٺڻ تمام ضروري آهن ؛

    1.سڀ کان پهريان ته هن تاريخي ماڳَ کي چوڌاري حفاظتي ديوار ڏئي هڪ چوڪيدار کي مقرر ڪيو وڃي، ته جيئن هن ماڳ کي وڌيڪ ڊاهه ڊوهه کان بچائي سگهجي.

    2. سنڌ ثقافت کاتو هن ماڳَ بابت هڪ تفصيلي ۽ حقيقتن تي ٻَڌل معلوماتي بورڊ هڻائي، جيئن مڪلي ۽ ٻين محفوظ ڪيل ماڳن تي لڳل آهن.

    3. مُقبري ۽ ڪاٺ جي خوبصورت اُڪريل دروازي تي هر سال آئل پينٽ وارو رنگ ڏنو وڃي ٿو جنهن سان ڪاٺ جي خوبصورت اُڪر واري دروازي جي اصل خوبصورتي تباهه پئي ٿئي ۽ مقبري جي به اصل اڏاوت به مُتاثر ٿي چُڪي آهي، تنهن ڪري اُهو ڪم بند ٿيڻ کپي ته جيئن سوين سالن جي پُراڻي دروازي جي خوبصورت اُڪر ميسارجي نه وڃي ۽ مُقبرو به پنهنجي اصلي رنگ روپ ۾ قائم رهي.

    4. وڌيڪ تحقيق ۽ ڇنڊڇاڻ لاءِ هن ماڳَ تان نمونا کڻي ليبارٽريءَ مان ٽيسٽ ڪرايا وڃن ته جيئن هن ماڳ جي اصل تاريخ بابت خبر پئجي سگهي.



    حوالا

    بُخاري، حاڪم علي شاهه.(2008). سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ص.150.

    ساڳيو

    بُخاري، حاڪم علي شاهه.(2008). سنڌ جي قديم آثارن جي ڊائريڪٽري، سنڌي لئنگئيج اٿارٽي، حيدرآباد، ص.151.

    بکري، مير معصوم شاهه.(1985). تاريخ معصومي، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،ص.303.304.

    بلوچ،نبي بخش.(2007). جنگ ناما، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،ص.92.

    نسيانوي،طاهر.(1995).تاريخ طاهري، سنڌي ادبي بورڊ ڄامشورو،ص.196.197.

    www.sindhsalamat.com سولنگي، محمد عرس(2014)، سنڌ سلامت ڊاٽ ڪام​