رمضان المبارڪ
رمضان سال جو سينگار آھي . رمضان مھينن جو سردار آھي .
رمضان برڪتن جو ڀنڊار آھي . رمضان رحمتن جي وسڪار آهي .
الله جي رحمت عنايت سخاوت جا سڀ دروازا رمضان ۾ کلي پوندا آھن . رمضان جو ھر ڏينھن بابرڪت ۽ ھر رات باعظمت آھي . هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ شرير شيطان قيد ڪيا ويندا آهن . جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن . جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن . رمضان ۾ مؤمنن جي روزي ڪشادي ڪئي ويندي آهي . رمضان جو پھريون ڏھو رحمت آھي ٻيو ڏھو مغفرت آھي ٽيون ڏھون جھنم جي باھه کان آزادي آھي .
رمضان جنھن ۾ قرآن نازل ٿيو . رمضان جنھن ۾ جنگِ بدر جو ” يوم الفرقان “ آيو . رمضان جنهن ۾ مڪو پاڪ فتح ٿيو .
ڪنھن قوم کي ۽ ڪنھن نبيءَ جي امت کي رمضان ڪونه مليو جيڪو سھڻي سردار جي صدقي اسان کي عنايت ٿيو آھي .
خوشبخت آھن اُھي ، جن کي رمضان جي قدر سڃاڻڻ جي توفيق ملي .
رمضان لفظ رمضاءَ مان ورتل آھي . سخت گرمي ۾ جڏهن پٿريون گرم ٿينديون آهن ان کي رمضاءَ سڏيو ويندو آهي .
اڪتساب مواعظ حسنة
لۡکندڙ: صاحبزاده محمد ڪرم الله الاهي المعروف دلبر سائين ماتلي وارا