حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم بلا شڪ شبهي جي الله تبارڪ و تعالي جي طرفان سڀني جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيا خاص طور انسانن جي لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو وجود ھڪ اھڙي نعمت آهي جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو گهٽ آهي ڇو ته ان نعمت جو ذڪر الله تبارڪ و تعالي انسانن کي بطور احسان ڳڻايو...