معلم انسانيت صلي الله عليه وسلم

'مذهب' فورم ۾ عبدالفتاح شر طرفان آندل موضوعَ ‏18 مارچ 2022۔

  1. عبدالفتاح شر

    عبدالفتاح شر
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏23 فيبروري 2020
    تحريرون:
    1
    ورتل پسنديدگيون:
    0
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    51
    حضور اڪرم حضرت محمد صلي الله عليه وسلم بلا شڪ شبهي جي الله تبارڪ و تعالي جي طرفان سڀني جهانن لاءِ رحمت بڻجي آيا خاص طور انسانن جي لاءِ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جن جو وجود ھڪ اھڙي نعمت آهي جنهن جو جيترو شڪر ادا ڪجي اهو گهٽ آهي ڇو ته ان نعمت جو ذڪر الله تبارڪ و تعالي انسانن کي بطور احسان ڳڻايو آهي.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم کي الله تعالي انسانيت جي فلاح ۽ هدايت لاءِ هن دنيا ۾ موڪليو، جيئن انڌيرن ۾ وڪوڙيل انسانيت هدايت جي نور سان روشني حاصل ڪري سڌي واٽ هلي ۽ اهو مقصد سڃاڻي جنهن مقصد لاءِ الله پاڪ کيس هن دنيا ۾ موڪليو آهي، جيتوڻيڪ نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم انهن انسانن کي جيڪي جانورن واري زندگي گذاريندڙ هيا حقيقي انسان بڻايو.
    نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم جي نبوت کان اڳ اها ڪھڙي برائي آهي جيڪا عرب قوم ۾ موجود نه هئي جيتريون برايون هيون سي منجهن اتم درجي موجود هيون، جيئن حضرت جعفر طيار رضي الله عنه جن جي نجاشي بادشاھ جي درٻار ۾ ڪيل تقرير مان خبر پوي ٿي.
    حضرت جعفر طيار رضي الله عنه انهن ڳالهين جو ذڪر فرمائيندي نجاشي کي مخاطب ٿيو ته اي بادشاھ! اسان سڀئي جاهل ۽ اڻ واقف هياسي، بتن جي پوڄا ڪندڙ ۽ مردار کائيندڙ هياسي، پاڙيسرين سان بدسلوڪي ڪندڙ هياسي، اسان منجهان جيڪو ڏاڍو هوندو هو اهو چاهيندو هو ته ڪمزور کي کائي ڇڏي، انهيءَ حالت ۾ هياسي ته رب پاڪ اسان تي پنهنجو فضل فرمايو ۽ اسان منجهان ئي پنهنجو پيغمبر اسان ڏانهن اماڻيو، جنهن جو حسب، نسب، سچائي، امانت، پاڪ دامني ۽ عفت کي اسان چڱي ريت ڄاڻندا هياسي ان اسان کي الله پاڪ سڏيو ته اسان ان کي هڪ مڃيون ۽ هڪ سمجهون صرف انهيءَ جي عبادت ڪريون ۽ جن بتن ۽ پٿرن کي اسان پوڄيندا هياسي انهن کي هڪدم ڇڏي ڏيون، سچائي، امانت ۽ صله رحمي، پاڙيسرين سان سٺو ورتاء ۽ خونريزي ۽ حرام ڪمن کان بچڻ جو حڪم فرمايو ۽ سمورين بي حيائين، باطل ۽ ناحق ڳالھ ڪرڻ، يتيم جو مال کائڻ، پاڪدامن مٿان تهمت ھڻڻ کان اسان کي روڪيو، ۽ اهو حڪم ڪيو ته صرف الله جي عبادت ڪيو، ڪنهن کي به ان جو شريڪ نه بڻايو، نماز پڙهو زڪوات ڏيو ۽ روزو رکو. غرض جان ۽ مال کي الله جي راھ ۾ قربان ڪرڻ کان نه ڪيٻايو. "الؤلؤالمڪنون في سيرة النبي المأمون" جو مصنف لکي ٿو ته عرب اسلام کان پهريان اهڙا هيا جو سندن اخلاق سٺا نه هئا منجهن شراب ۽ جوا عام جام هئي انهن جون دليون سخت ۽ نفرت سان ڀريل هيون جو نياڻين کي ڄمڻ شرط ئي جيئرو دفن ڪري ڇڏيندا هيا. انهن جو ڪم ڌاڙا هڻڻ ۽ قافلن کي لٽڻ ۽ ڦرڻ هوندو هو.
    عورت جي حيثيت انهن جي نظر ۾ ايتري ته گهٽ هئي جو عورت کي مال متاع ۽ چوپائي مال وانگر وراثت ۾ ورهائيندا هيا، کائڻ جي شين ۾ ڪجھ شيون صرف مردن لاءِ خاص هونديون هيون، عورتن تي انهن شين جو کائڻ حرام هوندو هيو، مردن لاءِ شادي جي ڪا حد ڪو نه هئي جيترين عورتن سان چاهيندا هيا نڪاح ڪندا هيا.
    انهن جي قبيلائي عصبيت تمام گهڻي ۽ خون ريزي حد کان وڌيڪ هئي، جنگ انهن لاءِ تسلي جو سامان ۽ دلي چاهت هئي رت وهائڻ انهن لاءِ بلڪل سولو ڪم هيو چاليھن سالن تائين جنگ هلندي هين ۽ هزارين ماڻهو موت جو کاڄ بڻبا هيا.
    انهن ماڻهن تي الله پاڪ پنهنجي ٻاجھ ۽ فضل فرمايو جو انهن کي معلم انسانيت حضرت محمد صلي الله عليه وسلم جي صورت ۾ اهڙو روشن ۽ چمڪندڙ سج عطا فرمايو جنهن جهالت جي اونداهين کي ختم ڪري دنيا کي روشني ۽ هدايت سان ڀري ڇڏيو. جنهن جي نتيجي ۾ اهي انسان جيڪي پاڻ راھ کان ڀٽڪيل هيا سي ٻين جي لاءِ رھنما، ھادي ۽ بهترين نمونو بڻجي ويا تن جي سيرت تي عمل ڪرڻ وارن کي فلاح جي حصول جي خوشخبري ٻڌائي وئي. اهي جيڪي ھڪٻئي جي رت جا پياسا هئا سي ھڪٻئي لاءِ جان قربان ڪرڻ وارا بڻجي ويا پوءِ انهن موت جي گهڙي ۾ به ايثار ۽ قرباني جا اڻ مٽ مثال ڇڏيا جن کي ڏسي دنيا حيرت ۾ پئجي وئي. اهي انسان پنهنجي ٻچن کي بک تي سمهاري مهمان نوازي جو انوکو مثال قائم ڪري ويا جنهن جو ذڪر قرآن حڪيم اندر هن دنيا جي خاتمي تائين باقي رهندو.

    انهن انسانن ان مدرسي مان تعليم ورتي جنهن جو استاد معلم انسانيت صلي الله عليه وسلم جي عظيم لقب سان سڃاتو وڃي ٿو ان معلم انسانيت ﷺ انهن مٽيءَ جي جسمن کي گهڙي سون بڻائي ڇڏيو ۽ الله پاڪ کي انهن شاگردن جون ادائون ايتريون ته پسند آيون جو انهن لاءِ پنهنجي ڪلام مقدس جي اندر رضا مندي جو پروانو جاري ڪري ڇڏيو. انهن شاگردن جو ايمان وارو سبق ايترو ته پڪو ٿيو جو رب پاڪ انهن جي ايمان کي باقي امت لاءِ معيار ۽ ڪسوٽي قرار ڏئي ڇڏيو.
    انهن جي سبق جي پختگي جو اندازو انهن واقعن مان لڳائي سگھجي ٿو ته انهن نه مال جي قرباني ڏيڻ کان ڪيٻايو نه جان جي قرباني ڏيڻ تن لاءِ مشڪل هئي. بيشڪ اھڙين صفتن وارا انسان انهيءَ معلم انسانيت ﷺ جو ئي ڪارنامو آهي جنهن جو مثال ملڻ نه ان کان اڳ ممڪن آهي نه ان کان پوءِ قيامت تائين ڪا عورت اهڙو معلم ڄڻي سگهندي. اهو چوڻ غلط نه هوندو ته جيئن نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم مٿان نبوت ۽ رسالت ختم آهي ائين ئي معلم انسانيت هجڻ به نبي ڪريم صلي الله عليه وسلم تي ختم آهي.
    آخر ۾ ڌڻيءَ در دعا آهي ته الله سائين اسان کي معلم انسانيت ﷺ جي تعليمات تي عمل ڪرڻ جي توفيق عطا فرمائي. آمين بجاہ سيد المرسلين ﷺ
    مآخذ :سيرت المصطفي از مولانا ادريس ڪانڌلوي رح. الؤلؤالمڪنون في سيرة النبي المأمون.فضائل اعمال
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو