ادا مانوارا جيڪر اوهان وٽ ٽائم آهي ته ڪجه گهڙي اسڪائپ تي ڏيو ، مهرباني ٿيندي مان اسڪائپ تي پڻ آن لائن آهيان
يار هي ڇاهي ظلم ته نه ڪريو آءُ ڪيترا دفعا خفو ڪري ڪجھه شيون موڪليان ٿو ڪهڙيءَ کڏ ۾ ٿيون وڃن مون کي ته ٻڌايو منهنجو ڪافي وقت لڳو آهي انهن جي حاصل ڪرڻ لاءِ يار پاڻ ۾ آهيون ائين ته نه ڪريو جگر جاني
ادا مانوارا ڀٽائي واري مضمون تي وضاحتي نوٽ آڻڻ پيو چاهيان پر اوهان اڃان مضمون واپس نه رکيو آهي هيڏانهن ٿورو توجه ڪيو مهرباني
هيڏي امپارٽنٽ سائنسي مضمون ۾ اڃا تائين نه دوستن دلچسپي ڏيکاري آهي نه سنڌ سلامت جي مُک ايڊمنسٽريشن ڪنٽرول ڪرڻ وارن۔ جنهن مان لڳي ٿو ته اسان جي قوم کي اڃا به صديون لڳنديون تعليمي ۽ علمي ميدان ۾ اڳتي وڏڻ لا۔ ها باقي جي ڪنهن شوشي ۽ ڊرامي يا اهڙي چٽپٽي شعبي تي لکون ها يا ذڪر ئي ڪريون ها يا ڪا سهڻي من موهيندڙن تصوير ڏيکاريون ها، يا ڪا ڳائڻ وڄائڻ جي منظر ڪشي ڪريون ها ته اهي سڀ سنڌي سڄڻ ۽ سڳورا ائين لامرا ڏئي ڦرن ها جيئن گند تي مکيون ڀون ڀون ڪنديون آهن، لاش يا گوشت تي لامارا هڻيندڙ سرڻيون يا جي بهتر لفظ استعمال ڪجن ته جيئن ماکي جي ڇتي تي ماکي جو مکيون۔ ران روند، کل مشڪري، ٻيون وندر به ضروري پر علم جو اندر ۾ وڃڻ به ضروري، نه ته هي ڏکيا مرحلا ڪيئن گُذرندا هن ڀنڀور ۾ پو رُڳو واڪا مون وس!
السلام عليڪم، سائين، سنڌ سلامت ڪئلينڊر ڇپجي چڪو آهي يا اڃان ڇپائي جي مرحلي ۾ آهي؟ توهان شايد 5 تاريخ ٻڌائي هئي.
مان وارا سائين عبدالرشيد صاحب “محمد رمضان منڌري صاحب” جي ٿريڊ ۾ مون عرض رکيو هيو ته منهجو نالو انگريزي مان مٽائي سنڌي ۾ آڻيو وڃي پر ڪو کڙ تيل اڃان نه نڪتو آهي۔اوهان کي هن عرضنامي سان ٻيهر ياد ڌهاني ڪرائي ٿي وڃي اميد آهي ته مسئلو حل ڪندا مهرباني۔