س

پروفائيل جون تحريرون نواڻ تحريرون بابت

  • رمضان المبارڪ
    رمضان سال جو سينگار آھي . رمضان مھينن جو سردار آھي .
    رمضان برڪتن جو ڀنڊار آھي . رمضان رحمتن جي وسڪار آهي .
    الله جي رحمت عنايت سخاوت جا سڀ دروازا رمضان ۾ کلي پوندا آھن . رمضان جو ھر ڏينھن بابرڪت ۽ ھر رات باعظمت آھي . هي اهو مهينو آهي جنهن ۾ شرير شيطان قيد ڪيا ويندا آهن . جنت جا دروازا کوليا ويندا آهن . جهنم جا دروازا بند ڪيا ويندا آهن . رمضان ۾ مؤمنن جي روزي ڪشادي ڪئي ويندي آهي . رمضان جو پھريون ڏھو رحمت آھي ٻيو ڏھو مغفرت آھي ٽيون ڏھون جھنم جي باھه کان آزادي آھي .
    رمضان جنھن ۾ قرآن نازل ٿيو . رمضان جنھن ۾ جنگِ بدر جو ” يوم الفرقان “ آيو . رمضان جنهن ۾ مڪو پاڪ فتح ٿيو .
    ڪنھن قوم کي ۽ ڪنھن نبيءَ جي امت کي رمضان ڪونه مليو جيڪو سھڻي سردار  جي صدقي اسان کي عنايت ٿيو آھي .
    خوشبخت آھن اُھي ، جن کي رمضان جي قدر سڃاڻڻ جي توفيق ملي .
    رمضان لفظ رمضاءَ مان ورتل آھي . سخت گرمي ۾ جڏهن پٿريون گرم ٿينديون آهن ان کي رمضاءَ سڏيو ويندو آهي .
    اڪتساب مواعظ حسنة
    لۡکندڙ: صاحبزاده محمد ڪرم الله الاهي المعروف دلبر سائين ماتلي وارا
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
  • لوڊنگ ٿي رهي آهي…
Back
Top