آغا سليم جو انٽرويوز

'سنڌي ادب' فورم ۾ ممتاز علي وگهيو طرفان آندل موضوعَ ‏29 جنوري 2011۔

  1. ممتاز علي وگهيو

    ممتاز علي وگهيو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏14 فيبروري 2010
    تحريرون:
    4,176
    ورتل پسنديدگيون:
    4,397
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    Disbursement Officer
    ماڳ:
    سنڌ جي دل ڪراچي.
    آغا سليم جو انٽرويوز ​
    ۔

    [​IMG]
    ۔نصير مرزا
    سُڻي تنهنجو سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو!ارشد اسٽريٽ، لڳ واڌو واهه، قاسم آباد. 12هين جولاءِ 2008ع جو روشن ڏينهن ۽ اسين همعصر دوست، حميد سنڌي سائين جي بنگلي تي پهتا هئاسين. ڪير! ڪير؟ پيارو انعام شيخ، طارق عالم، علي دوست عاجز، هي آئون نصير ۽ سارنگا جو سمپادڪ اسحاق سميجو. ڪيسٽون ۽ ريڪارڊر اسان سان ساڻ هئا ۽ جنهن شخصيت عاليشان سان، ان هنڌ اسان کي ’سارنگا‘ لاءِ انٽرويو ڪرڻو هو، اُهو هو سنڌي ٻوليءَ جو محبوب ناول نگار،ڪهاڻيڪار، شاعر ۽ محقق ’آغا سليم صاحب!‘ ڏينهن اڳ سنڌي ادبي بورڊ ۾ بورڊ آف گورنرس جي غالباً ڪائي ميٽنگ ڪئي ۽ آغا صاحب معزز ميمبر جي حيثيت ۾ ان ميٽنگ ۾ شرڪت لاءِ ڪراچيءَ کان حيدرآباد آيل هئو ۽ حميد سنڌي صاحب جي رهائش گاهه تي، مهمان خاني ۾ ڊبل بيڊ جي پاسي کان وهاڻي کي ٽيڪ ڏيو، پنهنجي وڻندڙ ۽ مسڪرائيندڙ چهري سان هن طئي ٿيل انٽرويو جي سلسلي ۾ اسان لاءِ منتظر ويٺو هئو. آغا صاحب تي نظر پوندي ئي، مون ڄاتو ته سنڌي ليکڪن مان هي شاهاڻو وقار ته بس هن دؤر ۾ آغا سليم صاحب کي ئي سونهين ٿو.
    ها!ماضيءَ ۾ هڪڙو زمانو اهڙو به هئو ضرور، جڏهن اهڙي خُوءِ ۽ اهڙي ڏيا ۽ اهڙو Grandue سنڌ جي هڪڙي ٻي هستيءَ ۾ به نظر ايندو هو، ۽ اهو انسان هو سائين پير حسام الدين شاهه راشدي-۽ هتي اِها به حقيقت آهي ته آغا صاحب جي ادبي حيثيت پنهنجيءَ جاءِ تي، رڳو آغا صاحب کي پري کان ئي ڏسبو آهي ته دل ۾ پيو چئبو آهي ته ڪنهن به ’مرد‘ کي جي سهڻو هجڻ جڳائي ته اُن کي اهڙو ئي ته هجڻ گهرجي، جهڙو هي اسانجو آغا صاحب آهي. بهادر، ڦڙت، هڏ ڪاٺ ۾ مضبوط، Dashing ۽ گفتگوءَ ۾ To The point- ۽ ٻن آڱرين جي مُهڙ ۾ سگريٽ ڦٻائي هو هڪ ادا سان ڪش هڻي، همت ۽ هشمت سان جڏهن شڪارپوري لهجي ۾، پنهنجي ڀاري ڀرڪم آواز ۾ چوندو آهي ته: منَ!، خوش ته آن ني!، ته پڪ ڄاڻو طبيعت ۾ خوشگواري پنهنجو پاڻ محسوس ٿيڻ شروع ٿي ويندي آهي.
    سڀني جو خيال آهي ۽ مان به چوان پيو ته پري کان آغا صاحب پنهنجي اپيئرنس ۾، برابر ته هڪڙو ايروگينٽ قلمڪار لڳندو آهي، پر جڏهن اهڙي روبيسٽ انسان جي ويجهو وڃبو آهي ته، اهو ئي آغا صاحب، شڪارپور جي فالودي وانگر سرهو ۽ مٺو ڀاسڻ شروع ٿي ويندو آهي. ڪنهن زماني ۾ آغا صاحب، برابر ته سفاري ۽ ڪمپليٽ سوٽ پائيندو هو ۽ ريڊيو پاڪستان مان اسٽيشن ڊائريڪٽر جي اعليٰ عهدي تان ريٽائر ٿيڻ کان پوءِ، مون کين جتي ڏٺو، سدائين سفيد شلوار قميص ۾! پيرن ۾ نفيس سينڊل، اکين تي ريبن جو چشمو ۽ ڪلهن ۾ ڪاري ڪوٽي. ۽ ڪنهن دوست هڪ دفعي مون کان پڇيو هو، تنهنجي نظر ۾ ڊائمنڊ جي ڊيفينيشن ڇا!؟ ته وراڻيو هوم، جيڪا شيءَ هر پاسي کان ڊائمنڊ نظر اچي، اُن کي ئي ڊائمنڊ سڏي سگهجي ٿو ۽ اڄ مان انهيءَ پرک- ڪسوٽيءَ تي آغا سليم کي پرکيندي، کيس، ’سنڌي ادب جو ڊائمنڊ‘ پيو سڏيان ۽ ان ڏس ۾ هن جي ڪهاڻين، ناولن، سفرنامن، شاعري، لطيف شناسي، بابا فريد گنج شڪر ۽ ڀٽائي صاحب جي اردو ۽ انگريزي وارن ترجمن کي واکاڻيندي، هتي مان ٻيو ڇا لکان، سواءِ هي لکڻ جي ته:
    تنين سندي ڪاءِ، ڪري نه سگهان ڳالهڙي.​

    ۽ ٻارهين جولائي 2008ع تي، مون کي ياد آهي، اُن ڏينهن، ’سارنگا‘ لاءِ، هن انٽرويو کي رڪارڊ ڪرڻ لاءِ جڏهن اسحاق سميجي رڪارڊر کي آن ڪيو هو ته کانئس پهريون سوال به مون ئي ڪيو هو.
    -

    نصير: آغا صاحب، توهان مون سان ڪجهه سال اڳ ڳالهه ڪئي هئي ته تخليق، تحقيق ۽ ترجمي واري ڪم کان پوءِ توهان پير علي محمد راشدي صاحب جي ڪتاب:”اهي ڏينهن اهي شينهن“ جهڙي ڪنهن ڪتاب تي ڪم ڪندؤ، اوهين ڇاڪاڻ ته نهايت اعليٰ پايي جا نثرنگار آهيو، ان ڪري چاهيون ٿا ته، هاڻي اهڙو ڪتاب اوهين جلد لکو.
    آغا سليم: يعني توهانجو مقصد آهي ته آئون بايوگرافي لکان!؟
    نصير مرزا : جي بلڪل، اهوئي منهنجي سوال جو مقصد آهي.
    آغا سليم: اهڙي ڪتاب لکڻ لاءِ اسان جي دوست انعام شيخ به مون کي ڏاڍو Motivate ڪيو آهي ته جيڪر اهڙو ڪتاب آئون لکان، ته وراڻيومانس ته، ادا! مان زندگيءَ ۾، نه ڪنهن اهڙي موومينٽ ۾ رهيو آهيان جيڪا تاريخي هجي، نه مون وري ڪي اهڙا ڪارناما ئي سرانجام ڏنا آهن. جيڪي Worthwhile هجن، جن کي آئون پنهنجي نثر ۾ ورجايان ۽ ماڻهو پڙهي انهن مان ڪو لطف حاصل ڪن. مان ته من! Isolation ۾ رهڻ وارو آهيان ۽ مون ڪجهه به ناهي ڪيو، جنهن جا دفتر ويهي ڪارا ڪيان باقي پنهنجي وڏن تي ويهي داستان لکان ۽ ٻڌايان ته من! ماڻهن جو انهن سان ڪهڙو Interest!- باقي جيتري قدر پير علي محمد راشديءَ جو تعلق آهي ته اُهو واقعي هڪڙو وڏو تاريخي ماڻهو هو، وهڪرو هو وڏن ماڻهن جو، انهن سان گڏ هو هليو ۽ اٿيو ويٺو پئي... ڏٺائين، جاچيائين پئي انهن کي... ۽ هيڏانهن منهنجي حالت آهي جو ڪنهن وزير سان به هيلو هاءِ ڪانهي جو ٻڌائي سگهان ته فلاڻي سان گڏ اٿيو ويٺو آهيان . ان ڪري آئون سچ پڇو ته ڪنهن به طرح سان پاڻ کي ان جو اهل نٿو سمجهان ته ڪو مان پنهنجي بايوگرافي لکان.
    انعام شيخ: آغا صاحب منهنجي خيال ۾ سٺي بايوگرافي لکڻ لاءِ ضروري ناهي ته ماڻهو مشهور حلقن ۾ هليو هجي. ها، ايترو ضرور آهي ته جنهن اک سان هن مختلف دؤرن کي ڏٺو هجي ۽ وٽس ايڪسپريس ڪرڻ جي طاقت به هجي ته هو ان مان به دلچسپ آٽوبايوگرافي Create ڪري سگهي ٿو، ظاهر آهي ورهاڱو اوهان پنهنجي اکين سان ڏٺو هو، ۽ ان کان پوءِ وارا سٺ ٻاهٺ سال اوهان جي سامهون رهيا ته انهيءَ سموري دؤر کي سامهون رکي، توهين چاهيو ته هڪڙي شاندار بايوگرافي لکي سگهو ٿا.
    آغا سليم: انعام صاحب، هي جيڪي Creative writer هوندا آهن، اهي پنهنجي آٽو بايوگرافي، گهڻو ڪري پنهنجي ڪهاڻين ۽ ناولن ۾ لکي چڪا هوندا آهن. ۽ پنهنجي ڪردارن ۾ اظهاري ڇڏيندا آهن پاڻ کي. جيتري قدر منهنجو خيال آهي ته، مون هي جيڪو اترين (ناردرن) علائقن ۾ پنهنجي رهڻ دؤران، پنهنجو سفرنامو لکيو آهي: ”برف پنکڙيون ۽ چنڊ“ انهيءَ ۾ ڪافي بايوگرافي لکي ڇڏي آهي ته، اسان جا وڏا ڪيئن افغانستان مان قافلا ڪاهي هن ڌرتيءَ تي پهتا ۽ سنڌ شڪارپور ۾ ڪيئن اچي آباد ٿيا، تشه من! اِهي سڀ ڳالهيون مان ان سفرنامي ۾ لکي چڪو آهيان، باقي هاڻي ڪي ٻيا اهڙا واقعا به آهن ضرور، پر منهنجي خيال ۾ اُهي منهنجي لاءِ غيراهم آهن. مثال طور، هڪڙو ڪو اهڙو واقعو ٿيو جو، مون کي نه ڏيڻو نه وٺڻو، هرو ڀرو کڻي جيل ۾ وڌائون. ۽ اِها منهنجي گرفتاري اسلام آباد واري وقت دؤران ڪيائون. جنهن وقت اريسٽ ڪري وٺي پئي ويا ته دل ۾ سوچيم پئي ته هي سپاهي، رستي ۾ هاڻي مون کي ٿرڊ ڪلاس ماني کارائيندا... مطلب اهو ته ان دؤران ڪيئي تجربا ٿيا، پر دل بلڪل ئي نه چاهيو ته ان بابت آئون به ويهي لکان، قيديءَ جي ڊائري، قيدياڻيءَ جو روزنامچو (کلندي ) ظاهر آهي ته لکان ها ته اهڙو ئي بس لکان ها، ٻيو ڇا هجي ها.
    نصيرمرزا: نه آغا صاحب... توهان، توهان آهيو... زبردست لکو ها.
    آغا سليم: ٺيڪ آهي من! پر آئون ايڏو اهم ماڻهو ناهيان جنهن جي زندگيءَ ۾ ماڻهو وڏي دلچسپي وٺن. هي توهان سان هتي مان ڪنهن انڪساريءَ جي ڳالهه نٿو ڪريان, پر پنهنجي اندر جي سچائي پيو اوهان سان Share ڪريان، ته مان پاڻ کي پنهنجيءَ نظر ۾ ايڏو اهم نه ٿو سمجهان. باقي جيڪي ڪجهه مون لکيو آهي، نثر، شاعري، افسانه، ناول، سفرناما،انهن ۾I am very much there .
    نصيرمرزا: توهان هي ٻڌايو پئي ته توهان پنهنجي افسانوي تحريرن ۾ پنهنجي آٽوبايوگرافي لکي چُڪا آهيو. تڏهن پڇڻ چاهيندس ته توهان جي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ ۾ هي جيڪو شڪارپور سان تعلق رکندڙ هيرو سارنگ اوهان ڏيکاريو آهي ته ڇا، اِهو توهانجو پنهنجو ڪردار ته نه آهي؟
    آغا سليم: ’نه‘... بلڪل هوبهو ته نه... باقي ڏسو نه... جنهن ڪئريڪٽر کي ليکڪ هيرو ڪري ڏيکارڻ چاهيندو آهي، ان ۾ هن جو آئيڊيل ايگو ته هوندو آهي نه... يعني جيڪڏهن ان ڪردار کي ليکڪ جي ذات سمجهيو وڃي ته اهو هيئت سمجهجي ته جي ليکڪ پاڻ ائين ناهي، ته هن جي خواهش ضرور هوندي آهي ته هو اهڙو هجي ها. جيتري قدر ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي هيرو ’سارنگ‘ جو تعلق آهي ته اِن ڪردار ۾ منهنجو آئيڊيل ايگو De-pic ٿيل آهي جيڪو آئون پاڻ نه ٿي سگهيس. ان ڪري هتي منهنجي ان ڳالهه کي منهنجو اعتراف ڄاڻو ته مون جيئن زندگي گذارڻ چاهي ٿي، مون ائين ئي ناول ۾ انهن جي زندگي ڏيکاري آهي. جيتريقدر منهنجي بايوگرافيءَ بابت اوهان جو سوال آهي ته، اُها به جي آئون لکان ها ته ان ۾ به ضرور شڪارپور بابت، ان جي ڪلچر بابت ئي لکان ها ان ڏس ۾ به وضاحت ڪري ڇڏيان ته ان ناول ۾ سواءِ پنهنجي اصلي نالي ۽ پيءُ جي نالي لکڻ جي، شڪارپور بابت مون ان ۾ ٻيو گهڻو ڪجهه ته لکيو ئي آهي، پر ويندي هوڪا به شڪارپور جي ئي گهورڙين جا آهن. ته چوڻ جو مطلب هي آهي ته ساري بايوگرافي مان ان ناول ۾ جهڙوڪر لکي چڪو آهيان.
    نصير مرزا: ]کلندي[آغا صاحب ان وضاحت جو سولو مطلب اِهو ٿيو ته ڪو به اردو ناهي اوهانجو...ڪنهن ’اُهي ڏينهن اُهي شينهن‘ ٽائپ ڪتاب لکڻ جو...
    آغا سليم: ]ٽهڪ ڏيندي[ مان زندگيءَ ۾ نه ڪڏهن ڪنهن شينهن سان مليو هان من! ۽ نه ڪي مون اهڙا ڏينهن ئي گذاريا آهن، جن بابت هاڻي تذڪرو ويهي لکان: اُهي ڏينهن اُهي شينهن.
    طارق عالم: آغا صاحب ڀلا توهان جي ناول ’اڻ پورو انسان‘ بابت ڇا چوندا؟
    آغا سليم: من-..! ان ۾ به منهنجا بايوگرافيڪل نوٽس آهن...
    اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان جو هي جيڪو سفرنامو آهي، برف پنکڙيون۽ چنڊ‘ تنهن کي پڙهبو آهي ته لڳندو آهي، ناول پيا پڙهون. توهان کي انهيءَ کي سفرنامو سڏڻ جي ضرورت ڇو پيش آئي...؟
    آغا سليم: اصل ۾ ان تحرير کي مون Real انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو،جو ناول وغيره ۾ ته فڪشن هوندو آهي مون ان کي حقيقي ۽ واقعاتي انداز ۾ لکڻ پئي چاهيو. ائين نه ڪريان ها ته پوءِ ان لاءِ اهڙن مشاهدن ۽ واقعن کي وري ناول جي ٽيڪنڪ ۾ آڻڻو پوي ها، جنهن کان مون Avoid ڪيو آهي.
    اسحاق سميجو: پر آغا صاحب ان تحرير ۾ جيڪا اوهان جي پريزنٽيشن آهي يا ڪردار نگاري...يا جيڪا توهان جي ٻولي آهي، اُها گهڻي حد تائين ته افسانوي ئي آهي...
    آغا سليم: ائين سفرنامي ۾ به ٿي سگهي ٿو ادا سائين... جو سفر ڪندي يا سفرنامو لکندي، اوهين ماڻهن سان ئي ته مڪالمو ڪريو ٿا... ۽ منهنجي ان سفرنامي ۾ به مون ائين ڪجهه ڪيو آهي.
    طارق عالم: آغا صاحب! ادبي افسانه نگار گوگول لاءِ چوندا آهن ته، هن جي جيڪا ڪهاڻي آهي، ’اوورڪوٽ‘ سمورو جديد ادب ان ’اوورڪوٽ‘ مان نڪتو آهي، توهان جو ڇا خيال آهي ته سنڌيءَ ۾ مختصر ڪهاڻي، ڪهڙي افسانه نگار جي ڪُک مان نڪتي آهي؟
    آغا سليم: من-! ڪنهن مان به نه. هر هڪ ڪهاڻيڪار شروع کان ئي پنهنجو پنهنجو تجربو ڪيو آهي، اهي به اجايون ڳالهيون آهن ته فلاڻي کي گولي لڳي ۽ ڪهاڻي مري ويئي. ڪهاڻي ڏٺو وڃي ته ڪنهن جي به ميراث ڪانهي، ڪنهن مخصوص ليکڪ جي ٺاهيل ٽيڪنڪ ڪانهي. بس ڪو ان کي لکي ٿو ۽ ان کي پنهنجو Expression ڏيڻ جي ڪوشش ڪري ٿو ۽ پنهنجو اسٽائيل ٺاهي ان ۾ لکي ٿو. مطلب ته منهنجي نگاهه ۾ ڪو به اهڙو ڪهاڻيڪار ڪونهي، جنهن لاءِ چئي سگهان ته ’ڪهاڻي‘ ان جي ڪُک مان نڪتي آهي.
    نصير مرزا: ڀلا ڊرامي جي فن لاءِ ڇا چوندئو؟
    آغا سليم: ڊرامي جا جيڪي بنيادي اصول ٺهيل هئا، ابتدا ۾، ته ان ۾ ٿورو Conflict هجي، ڪلائيمڪس ۽ اينٽي ڪلائمڪس...ته ان ڏس ۾ ٿورو چيخوف جا ڊراما ته پڙهي ڏسو. هن پهريون دفعو ٻڌايو آهي. ته جتي لفظ ختم ٿا ٿين ته اتي ڊرامي ۾ خاموشي ۽ Pause جي ڇا اهميت ۽ مفهوم آهي... ۽ هن ٻڌايو آهي ته توهان جا لفظ جتي ختم ٿا ٿين، اتان سائلينس شروع ٿو ٿئي ۽ اُها Expression آهي. سو من!... ڪنهن به صنف جي طئي ٿيل ٽيڪنڪ جو نالو ناهي ڊرامو يا ڪهاڻي.
    طارق عالم: توهان ڀلا ’ٽيڪنڪ‘ جي اهميت بابت ڇا چوڻ پسند ڪندا؟
    آغا سليم: پهرين ته بذات خود ليکڪ هجڻ جي اهميت آهي. ٽيڪنڪ ته پوءِ پيدا ٿيندي آهي، جنهن مهل ارسٽاٽل (ارسطو)ادب تي لکيو پئي ته، ان کان پهرين يوناني ادب ۾ ’هومر‘ کي هن ڏٺو هو ته هن ڪهڙي نموني لکيو آهي. پوءِ هن انهن لکتن کي ڏسي، ان جي اصولن کي متعين ڪيو، ته هن انداز سان به لکيو ويندو آهي. گرامر پڙهي منَ! ماڻهو نه لکندو آهي. ليکڪ کي پڙهي ٻڌي ماڻهو گرامر تيار ڪندا آهن. چوڻ جو مقصد اِهو ته هر ڪو سٺو ليکڪ پنهنجي ٽيڪنڪ پاڻ ايجاد ڪندو آهي.
    نصير مرزا: ظاهر آهي آغا صاحب... همعصرن ۾ اوهان جي انفراديت اوهان جي دلفريب اسٽائيل (اسلوب) جي ڪري ئي آهي ۽ ڪهاڻين جي مجموعي ’چنڊ جا تمنائي‘ کان وٺي ’همه اوست‘ تائين ان ۾ رومانيت ۽ تاريخيت آهي، ته پڇڻ چاهيندس ته اهڙي اسلوب اختيار ڪرڻ لاءِ توهان کي اتساهه ڪٿان مليو آهي؟
    آغا سليم: پهرين ته، مان ان کي نٿو مڃان ته مون فلاڻي کان اتساهه وٺي لکڻ شروع ڪيو هو يا فلاڻي جو اثر مون تي آهي، اِهو غلط آهي. منهنجيءَ نظر ۾ متاثر ٿيڻ جو عمل، هڪڙو ڊگهو پراسيس هوندو آهي. اول ته اوهين پنهنجي آس پاس جي ماڻهن ۽ ماحول کان متاثر ٿيو ٿا ۽ الائي ڪهڙن بي نام ۽ گمنام ليکڪن جي تحريرن کي پڙهو ٿا. ها! ذاتي طرح سان مون کي اعتراف آهي ته No Doubt جنهن ليکڪ جهڙو مون ٿيڻ چاهيو، پر ٿي نه سگهيو آهيان، اُهو آهي چيخوف يا دوستو وسڪي، ۽ ظاهر آهي ته انهن جهڙو مان ٿي نه سگهيو آهيان. ان ڏس ۾ سمرسيٽ ماهم هڪ هنڌ لکيو آهي ته:’Many are called, but few are select‘ ۽ من! اسان مان هرڪو ليکڪ يا جيڪو شاعر ٿيڻ چاهي ٿو نه ته، اُهو شاهه لطيف کان گهٽ نٿو ٿيڻ چاهي. Many are called ۽ ان دنيا ۾ گهڻن ئي کي سڏ ٿئي ٿو... پر ڪنهن ڪنهن کي ئي ائين چوڻ جو حوصلو ٿئي ٿو ته:
    ’سڻي تنهنجو سڏ، ڪُلهي پاتم ڪينرو.‘​

    ته من! ڪنهن ڪنهن ۾ ئي اِها قوت پيدا ٿيندي آهي جو هو ان جي سڏ کي ورجائڻ جي طاقت رکندو آهي، ۽ هاڻي سڏ ۾ وري ڇا ٿو ٿئي جو، جيئن ڀٽائي صاحب جو فرمان اهڙن ماڻهن لاءِ آهي ته:
    ’جنين سُک ناهه ڪو، چارڻ سي چئجن،
    رڃن راهه پڇن، مٿي ڪلهن ڪينرو​
    .‘
    ته لکڻ يا آرٽ جي دنيا ۾ نڪري پوڻ ته رڃ جو سفر آهي، سڃ جو... جڏهن وڃي ان ۾ ڪي هڙ حاصل ٿئي.
    نصير مرزا: ڀلا ان سفر ۾ ڀٽڪندي، شهرت کان سواءِ، ٻيو ڪي پلئه پيو اوهان کي، ڪا حاصلات... قدر، ڪو تمغو...؟
    آغا سليم: مَن! هاڻي، جيڪڏهن مون کي پرائيڊ آف پرفارمنس ملي ويو ۽ ان حوالي سان لک سوا... ته اِهو ته اتفاق آهي، باقي اهڙي پلاننگ سان ته مون ڪو نه لکيو آهي ته، ڪجهه ملي ته لکان، ور نه، نه!
    نصير مرزا: اڇا توهان جي اسلوب بابت شايد مراد علي مرزا صاحب اشارو ڪيو هو يا ٻيا به چوندا آهن ته ان تي قرة العين حيدر جو اثر رهيو آهي ته ڇا ائين هو ڇا؟
    آغا سليم: ها... اِهو ٿورو منهنجي ڪنهن تحرير تي اعتراض آهي ته ’مان قرت العين کان متاثر آهيان، خاص ڪري ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي ريفرنس ۾ اهڙو اعتراض اٿاريو ويو هو. هاڻي ٿورو ٻڌو. اڳي هي جيڪي مشاعرا ٿيندا هئا، انهن ۾ طرح مصرع ڏني ويندي هئي، ته ان ’طرح‘ جي بحر وزن تي، هِن کي به غزل لکڻو هوندو آهي ۽ هُن کي به. ته جيتري قدر منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جو تعلق آهي ته ان کي ائين سمجهو ته اُهو هڪڙو’طرحي ناول‘ آهي. ۽ اِها طرح ورجينا وولف جي ’همين چراغ همين پروانه‘ ۽ هرمن هيس جي ’سڌارٿا‘ کان شروع ٿي ٿئي. ائين اهڙي موضوع جي طرحي مصرع تي قرة العين حيدر به هڪ تمام سٺو ناول لکيو. انهن ٻنهي ناولن جو... يعني منهنجي ناول ’اونداهي ڌرتي‘ جو قرة العين حيدر جي ان ناول ’آگ ڪا دريا‘ کان متاثر ٿيڻ جو سوال ئي پيدا نٿو ٿئي جو، هن جو موضوع ۽ ماحول پنهنجو آهي ۽ منهنجي ناول جو پنهنجو آهي. هن جا مسئلا ٻيا ۽ منهنجا، منهنجي ڌرتي، تهذيب ۽ تمدن جا مامرا ئي ٻيا آهن. منهنجي ذهني نشونما سنڌ جي ماحول جي آهي، هوءَ هند ۾ پلي نپني آهي. هن وٽ، هن جي تحريرن۾ ان ڳالهه جو روئڻ آهي ته لکنؤ وارو ڪلچر زوال پذير آهي ۽ منهنجي لکڻين ۾ هيءَ جيڪا ميسڪيوليننٽي آهي، ۽ خيمن ۾ هي هڪڙو جهيڙيندڙ مرد نظر اچي ٿو، قرةالعين حيدر وٽ اهڙو ڪجهه ڪٿي آهي؟! باقي اِهو جيڪو توهان اعتراض اٿاريو، ان جو جواب هي آهي ته طرحي مصرع ۽ طرحي موضوع جي يڪسانيت کانسواءِ، ٻنهي ناولن ۾ ٻي ڪا به هڪجهڙائي بلڪل ئي ڪانهي.
    اسحاق سميجو: پر آخر ان ناول جي پهرين سٽ لکڻ لاءِ، Inspiration اوهان کي ڪٿان ملي ته ضرور هوندي؟
    آغا سليم: Naturally اِهڙو تحرڪ مون کي مليو ’آگ ڪا دريا‘ کان ئي هو، ۽ مون کي ياد آهي جڏهن مون اِهو ناول پڙهيو پئي، مان ’حيرت‘اخبار ۾ سنڌ جي تاريخ بابت، داستان لکندو هوس، تڏهن هيڏانهن اُهي لکندي ۽ ٻئي پاسي قرت العين حيدر جو ناول پڙهندي، سوچيندو هوس، هي اسان سنڌ وارن تاريخ جا ڪيڏا نه عذاب سٺا آهن ۽ قرت العين حيدر وارن ته ڪجهه ناهي سٺو. تڏهن مون سوچيو ته سنڌ جي پس منظر ۾ مان به ڇو نه اهڙو ناول لکان ۽ لکي پورو ڪيم.
    علي دوست عاجز: معنيٰ ته ان اعتراض کي اوهين يڪسر رد ٿا ڪريو!
    آغا سليم: جيتري قدر Source of inspiration جو سوال آهي ته ان حد تائين ڳالهه ڪنهن حد تائين درست آهي، ته مون کي ان جي مطالعي مان اتساهه مليو هوندو، پر جيتري قدر منهنجي ناول تي، هن جي ناول جي ’اثر‘ جو تعلق آهي ته ان اعتراض کي مان رد ٿو ڪريان. مان چوان ٿو اوهان اهو ڏسو نه ته مان پنهنجي ان ناول ۾ ڪٿي آهيان به يا نه، يعني طرحي سٽ تي لکيل غزل ۾ منهنجو تخليقي رويو نظر اچي ٿو يا نه. ظاهر آهي ته”مان اُن ۾ آهيان“، ۽ اهو فرق ان ڪري به واضح آهي ته منهنجو پنهنجو Perspective آهي ۽ هن جو پنهنجو.’آگ ڪا دريا‘ جي آخر ۾ ڪراچي مائيگريٽ ڪري آيل مهاجرن لاءِ هوءَ روئي ٿي ته هتي انهن لاءِ جهڳيون ڇو آهن!؟ اڙي بابا، هتي اسين ماروئڙا، جهانگيئڙا رهندا ئي جهڳين ۾ آهيون، جهڳيون اسان جي ثقافت جو مرڪ آهن، ۽ اسان جي دعائن جو مرڪز ته ’الا جَهري م شال غريبن جي جهوپڙي‘آهي. معنيٰ ته اسان جي شاعري اتان ٿي شروع ٿئي: اسين ماروئڙا، اسين سانگيئڙا...
    نصير مرزا: ڪيڏو نه سٺو ٿئي جو انهن شهرن جي ٽئبلن ۽ گهرن جو ذڪر به ڪندا هلون، جتي اوهان اِهو پنهنجو اهم ناول ويهي لکيو هو.
    آغا سليم: مَن! ريڊيو ۾ نوڪري ڪندي، ڪراچيءَ ۾ ايڪسٽرنل سروس واري آفيس ۾ ويهي مون لکيو هو. ڪجهه چيپٽر مون ان جا ان وقت به لکيا هئا، جڏهن مان ريڊيو حيدرآباد تي هوس.
    نصير مرزا: آغا صاحب، تاريخ جي پس منظر ۾ جيڪي ناول اوهان لکيا آهن، مثال طور اونداهي ڌرتي... يا ’همه اوست‘ ته ڇا ان لاءِ لکڻ کان اڳ ان موضوع بابت اوهان هوم ورڪ به ڪندا هيا؟
    آغا سليم: مون اوهان کي عرض ڪيو ته، اڃا مون ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ شروع نه ڪيو هو ته، مان ’حريت اخبار‘ ۾ سنڌ جي تاريخ جي باري ۾ آرٽيڪل لکندو هوس. اهڙي ئي مطالعي ۽ پنهنجي تاريخ جي Roots ۾ لهندي، مون محسوس ڪيو ته، اسان سنڌ وارن ڪيڏا نه ظلم سٺا ۽ عذاب ڀوڳيا آهن ۽ عرض ڪريان ته اهڙي آرٽيڪل لکڻ کان پهرين ان رخ سان مون مطالعو ڪو نه ڪيو هو. جڏهن ڪيم ته سوچيم، ڇو نه ان پسمنظر ۾ آئون به هڪڙو ناول لکان. ائين ’همه اوست‘ شروع ڪيم ته ان جي پس منظر ۾ شاهه لطيف ۽ شاهه عنايت شهيد، جي دؤر جون تاريخون اٿلايم پٿلايم... ظاهر آهي ته تاريخ جي پس منظر ۾ ڪجهه به لکڻ کان اڳ اهڙو مطالعو نهايت ضروري به هوندو آهي.
    اسحاق سميجو: آغا صاحب توهان کان سواءِ، سراج صاحب پنهنجي ناول ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۾، يا محمد عثمان ڏيپلائي صاحب به پنهنجي ناول ’سانگهڙ‘ ۾ سنڌ کي ڊسڪس ڪيو آهي، اوهين ٻڌايو ته توهان پنهنجي ناولن کي انهن کان ڪيئن ٿا، مختلف ڀانئيو؟
    آغا سليم: هاڻي ڳالهه ٻڌ اسحاق- هي جيڪو نئون سنڌ ۾ ماڊرنٽي جو جيڪو دؤر آيو آهي نه مَن! جيئن انڊيا ۾ ان جو پيروڪار لعل پشپ آهي ۽ سنڌ ۾ اسان وٽ ماڻڪ يا مشتاق شورو يا انهن جو جيڪو گروپ هو ۽ انهن سڀني جو آئيڊيل به اِهو لعل پشپ ئي هو يا موهن ڪلپنا... پر مَن! تنهنجي مٿئين سوال جي جواب کان اڳ چوڻ چاهيندس اسان کي ان تي به سيمينار ڪرائڻ گهرجي ته اِها ماڊرنٽي آهي ڇا!؟ ته ٻڌ... هڪڙي ته آهي تاريخ اسلام ’محمد بن قاسم، الله اڪبر... نعره تڪبير‘ ۽ اِها به تاريخ آهي، پر هڪڙو طريقو ٻيو آهي ۽ اهو هي ته اوهين تاريخ کي انٽرپريٽ ڪيو. ۽ اِها آهي ماڊرنٽي. مثال طور منهنجو لکيل اسٽيج ناٽڪ آهي، دودي چنيسر بابت ’گل ڇنو گرنار جو‘. ان جو ڪردار رڳو ڪاسٽيوم ۾ دودو ڏيکاريل آهي، گيٽ اپ ۾ دودو آهي، پران جي لفظن ۽ ڊائلاگس ۾ مون جديد سنڌ جي حالتن کي بيان ڪيو آهي. ظاهر آهي مان علاءُالدين خلجيءَ يا ڪلهوڙن جي دؤر جو ماڻهو ناهيان ۽ ماڊرن سينسيبلٽي جو ماڻهو آهيان. مون، ان ڏس ۾ جيڪڏهن شاهه تي تحقيق ڪئي آهي ته ان ئي پس منظر ۾ ڪئي آهي. مثال طور ڀٽائي صاحب جي سِٽ آهي:
    بندر جان ڀئي، ته سکاڻئان م سمهو.
    ته ان ۾ بظاهر ته ڪنهن به قسم جي ’سنڌيت‘ يا ’مزاحمت‘ ڪا نه ٿي نظر اچي. هاڻي ان جي ٻئي حصي ۾ ڀٽائي صاحب چوي ٿو:
    ’ڪپر ٿو ڪن ڪري، جئن ماٽيءَ منجهه مهي،
    پئو سڀ سمهي، مُعلم سندي آسري.‘​

    معنيٰ ته ڀٽائي صاحب ناکئن کي چوي پيو ته معلم جي آسري تي ٻيڙا ڇڏي وڃي، سمهي آرام ڪريو. هاڻي ڏسو ته ان شعر ۾ ڀٽائي صاحب پهرين ته خوف ٿو ڏياري، ڊيڄاري ٿو ۽ پوءِ وري ائين ٻيڙا معلم جي آسري ڇڏي، فرمائي ٿو ته وڃي سمهي به رهو. معنيٰ ته اِها ٿي ڀٽائي صاحب جي Spirituality، جو پهريان ته هو خوف ٿو ڏياري ته بندر تي ڀئي اٿوَ. پوءِ ڏڍ ٿو ڏئي ته ’نه‘ توهان جنهن معلم (رسول پاڪ) جي آسري آهيو، ته ان جي ڏڍ تي، هاڻي آرام سان سمهي رهو. هاڻي ڏسو ته اِها ٿي شاهه صاحب جي Perception، پر مان ان شعر کي ايئن انٽرپريٽ ٿو ڪريان ته، سنڌ جي هيءَ جيڪا سياسي صورتحال سامهون آئي آهي، ان ۾ اصل ئي ناهي سمهڻو. ۽ ڀٽائي صاحب ان سٽ ۾، اسان کي موجوده صورتحال کي نظر ۾ رکي چيو آهي ته:
    ’بندرجان ڀئي ته سکاڻئان م سمهو.‘
    ته مَن! سمجهئو نه... ته منهنجو لکڻ جو، منهنجي ماڊرنٽي جو متو اِهو آهي ته ناولن ۾ تاريخيت کي پنهنجي دؤر جي تناظر ۾ انٽرپريٽ ڪرڻو آهي.
    اسحاق سميجو: تڏهن توهان سراج صاحب جي ناولن ’پڙاڏو سوئي سڏ‘ ۽ ’مرڻ مون سين آءُ‘ بابت ڇا چوندؤ؟
    آغا سليم: ها... هاڻي اچون ٿا سراج جي ناولن تي. منهنجو خيال آهي ته اهو ماڊرن ناهي. ان لاءِ هيئن چوان ته ليکڪ ڪڏهن ڪڏهن ٽيڪنڪ کي قربان ڪري ڇڏيندو آهي، ته سراج به پنهنجي ناول ۾ ٽيڪنڪ کي قربان ڪيو آهي، ۽ سڌي پيغام کي اوليت ڏني آهي. مَن، ڇا آهي ته اسين بنيادي طرح هڪڙي ڊپريسيڊ قوم جا فرد آهيون ۽ جيڪا صورتحال هوندي آهي، اُها به ڊٽرمين ٿي ڪري ماڻهوءَ کي. علامه اقبال کي ڏسو، اُهو جي هن دؤر ۽ حالتن ۾ پيدا ٿي ها ته اهڙو ٿوروئي لکي ها، جهڙو هن لکيو آهي. هو پنهنجيءَ ذات ۾ هڪڙو وڏو شاعر هو. ايڏو وڏو شاعر هو، جنهن جي ڪا حد ڪانهي، پر اهڙي شاعر کي ان دؤر ۾ مسلمانن جي جيڪا صورتحال نصيب ۾ ملي، ته هن کي اهڙي قسم جو شاعر ٺاهي ڇڏيو.نصير مرزا: مطلب ته توهين سراج صاحب جي ناولن بنسبت پنهنجي ناولن کي وڌيڪ جديد پيا سمجهو.
    آغا سليم: نه... انهن کي مان ٽيڪنڪ وائيز نه صرف ائپروچ وائيز، الڳ سمجهان ٿو يا ائين سمجهه ته پريزيٽيشن وائيز مان انهن کي ڌار ٿو سمجهان، معنيٰ ته منهنجو جيڪو انداز آهي، اهو اسلامي تاريخي ناولن جهڙو ناهي. جنگين ۽ هنگامن جي بيانن تي ٻڌل به ناهي، جيئن سراج يا ڏيپلائي صاحب جي ناولن جو آهي. ڏيپلائي صاحب ويچاري جو وڏو مسئلو هي هئو جو هُو هند جي زيادتين جو شڪار هو. جن کي هو، ’ڪافر‘ پيو سڏي ۽ سمجهي ۽ ان ڪري هو مسلمانن جي ماضيءَ واري عظمت واري تاريخ کي، پنهنجي ناولن ۾ تلاش ڪرڻ لڳو هو، ۽ ان جي مقابلي ۾ اسان ڳوليو آهي ناولن ۾ سنڌ جي عظمت کي، سنڌ وطن جي درد کي...
    طارق عالم: آغا صاحب اوهان جنهن جدت پسنديءَ جي ڳالهه ڪريو پيا، ان جي ٿوري وضاحت به ڪريو ته ان جو ڇا مفهوم آهي اوهان جي نظر ۾؟
    آغا سليم: مثال طور، پهرين پهرين ڳالهه آهي پنهنجي دؤر لاءِ لکڻ. اِهو ’جديديت‘ آهي. تاريخ جي باري ۾ اوهان جا رويا ڪهڙا آهن، ڇا اهي ڏيپلائي صاحب جهڙا آهن، ’شان اسلام‘ ۽ ’نعره تڪبير‘ وغيره جهڙا؟. ها جي توهين انهن کي به ماڊرن ٽائيمز وانگر انٽرپريٽ ٿا ڪريو ته ان کي به جدت چئي سگهو ٿا.
    علي دوست عاجز: ڀلا شاهه کي اوهين ڪهڙي نڪتئه نظر تحت پڙهندا آهيو.
    آغا سليم: سڀاوَن جي تضاد مطابق شاهه منهنجي سينسيبلٽيءَ جو شاعر ناهي. چوي ٿو:’هو چَوَنئي، تون م چئو‘
    يا هو جيڪا آئيڊيل عشق جي ڳالهه ٻڌائي ٿو ته عاشق کي سوليءَ تي چڙهي وڃڻ گهرجي ۽ منهنجو جواب آهي ته، عشق ۾ مان ناهيان چڙهي سگهندو. معنيٰ اِهو منهنجو آئيڊيلزم ئي ناهي ته عاشق سوليءَ تي چڙهي. جئن هاڻي ٿورو ٿورو هڪڙو ماڊرن شعر پيو ذهن ۾ اچيم، جنهن جو مفهوم هئو ته ”مون سان عذاب هي آهي ته مان، Hate به ڪريان ٿو ۽ Love به.“ ته مان به انهن ٻن ڪيفيتن جو شڪار آهيان. ظاهر آهي ته انهيءَ نظم وارو اِهو خيال به ماڊرن آهي... جديد. ماڻهوءَ کي عشق ۾ جان ڏيئي ڇڏڻ گهرجي، اِهو ماڊرن ناهي، اِهو ڪلاسڪ آهي. ۽ ان حوالي سان شاهه جو عشق به ڪلاسڪ آهي. چوي ٿو:
    تماچيءَ جي تن، ڳالهه ڪيس ڳجهڙي
    يعني Body talking to body هيءَ ته ڊي ايڇ لارنس واري ٿيوري آهي. اسين ته سمجهندا هئاسين ته ڊي ايڇ جي ناول ’ليڊي چيٽرليز لو‘ ۾ پورنو گرافي آهي، هي آهي ، هو آهي. اِها ته وڏي ڊسٽينس جي ڳالهه آهي. مثال طور ڪلاسز آهن. مٿيون ڪلاس Crippled آهي، هيٺئين ڪلاس جو ماڻهو سيڪسيوئلي Potent (طاقتور) آهي. انهيءَ کان پوءِ ان ناول ۾ جيڪي ڊائلاگ آهن، هڪڙي عورت جيڪا عام سوشل گپ شپ ۾ ٿي چوي ته اسين جڏهن هڪ ٻئي سان ڳالهايون ٿا، تيڏي مهل خيالن جي ڏي وٺ ڪندا آهيون، بلڪل ان طرح سان جنسي عمل ۾ به Body talking to body وارو عمل ٿيندو آهي... ڀلا سينسيشنس هڪ ٻئي سان ڇو نه ٿا Exchange ڪري سگهؤن. ته Exchange of Senses... اهو آهي Sex - مرد ۽ عورت پاڻ ۾ آئيڊياز ايڪسچينج ڪري سگهن ٿا ته پوءِ Sensations به ڇو نه ٿا ڪري سگهن، ته چوڻ جو مطلب اِهو ته اهي آهن هڪڙا محبت جا ماڊرن رويا. ڀٽائي صاحب فرمائي ٿو ته: ’عشق نانگ نپٽ، خبر کاڌن کي پوي‘ اِهو پيار جو ماڊرن تصور آهي.
    چڱو هتي هڪڙي وري ٻي ڳالهه ٿا ڪريون... ۽ هڪڙي نئين ٿيوري آئي آهي دنيا ۾ Death of the earth ان ۾ هو چون ٿا ته ليکڪ جنهن مهل لکي ٿو، ان مهل ان جو موت اچي ويو، ختم! ۽ ان کان پوءِ جيڪا لکڻي آهي توهان جي، ان کي Autonomy (خود مختياري) آهي يعني ان جو پنهنجو وجود آهي. ان ڏانهن ئي ڏسو ۽ ان جي ليکڪ کي وساري ڇڏيو. ڏسو ته اُها اوهان سان ڪيئن ٿي ڳالهائي- سو مَن! شاهه سائينءَ کي به بس جنهن مهل پڙهان ٿو. تنهن مهل ڀٽ تي ويٺل شاهه کي مان ڪو نه پڙهندو آهيان. تنهن مهل ان جي ڪردارن ۾ ان کي پڙهندو آهيان ته اُهي ڪيئن ٿا مون سان ڳالهائين...
    طارق عالم: ڀٽائي صاحب جا ڪهڙا اهڙا بيت يا سٽون آهن، جن کي اوهين پنهنجي تنهائيءَ ۾ ياد ڪندا ۽ لطف ماڻيند رهندا آهيو؟
    آغا سليم: ]بي ساخته چوندي[ مَن! اها سٽ اجهو هي اٿئي:
    ’ سڄڻ سُتا ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور‘
    ڇا ته رومانس آهي سائينءَ وٽ... هي ان بيت جي ٻي سٽ ڏسو:
    ’اڀر چنڊ! پس پرين، تو اوڏا، مون ڏور‘
    هاڻي جيڪو محبوب ولهه ۾ چوٽا ڀري ڪپور، چانڊوڪي ۽ ولهه ۾ ستو پيو هجي ته اهڙو نفيس خيال بس لطيف ئي بيان ڪري سگهي ٿو.
    نصير مرزا: ]کلندي پڇي ٿو[ ڀلا توهان لاءِ به ڪڏهن ڪٿي ولهه ۾، چوٽا ڀري ڪپور... ڪنهن انتظار ڪيو. ]۽ ان سوال تي آغا صاحب بي ساخته ٽهڪ ڏيئي ۽ ڪيئي سيڪنڊن تائين دل کولي کلندو رهيو).
    آغا سليم: من-! هاڻي اِهي ڳالهيون به ڪي پڇڻ ۽ ٻڌائڻ جون آهن جو توکي مان ٻڌايان. چڱو هي ڪئيسٽ رڪارڊر بند ڪر ته ٻڌايانءِ ٿو ]۽ رڪارڊر بند ٿو ڪريان.[
    نصير مرزا: آغا صاحب، چون ٿا ته مير تقي مير وٽ عشق جو صرف هڪڙو تجربو هو ۽ ان تي هن سڄا سارا شاعريءَ جا ڇهه ديوان سرجيا. توهان بنيادي طرح سان هڪڙا رومينٽڪ افسانه نگار آهيو ته اوهان جيڪي ڪيئي رومانوي افسانه لکيا آهن. اُهي ڪنهن هڪ ئي تجربي تي آڌارڪ آهن يا هر افساني لاءِ توهان کي نئون تجربو ٿيو.
    آغا سليم: وحدانيت رڳو الله جو مَرڪ آهي من! ٻيا ته ان کان آجا ئي هوندا آهن، سو مون کان منهنجي عشقن جو تعداد نه پڇو، نه ئي مان ڪو ٻڌائيندس به. ۽ نه ئي ان کان وڌيڪ مان توکي ٻڌائي سگهندس.
    طارق عالم: آغا صاحب، اوهان ڀٽائي صاحب کي اردو ۽ انگريزيءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي ته اِهو ڇا سوچي ڪيو اٿو؟
    آغا سليم: من-! ٻه ٽي ڳالهيون منهنجي سامهون هيون. هڪ ته شاهه لطيف منهنجو Heritage آهي. بنيادي ڳالهه ته اِها ئي آهي، ته مون اردو وارن کي اردو ترجمي ۾ ٻڌائڻ چاهيو آهي ته هي ڏسو! منهنجو سائين ڪيڏو وڏو شاعر آهي. ٻيو سائينءَ کي مون پنهنجي پر ۾ ... منهنجو خيال آهي ته مون ڊسڪور ڪيو آهي. ان اينگل سان سچ ٻڌايانَو ته مون کان اڳ هن کي ائين ڪنهن به تلاش نه ڪيو آهي. مثال طور، مون سوچيو هئو ته سسئي تي اردو ۾ ڪو ڪتاب لکان: ’دشت وجود ڪي مسافت‘ ائين مون ان ۾ ڄاڻائڻ ٿي چاهيو ته، سسئي جي جيڪا مسافري آ، اُها وجود جي دشت جي مسافري آ، پنهنجو پاڻ کي Discover ڪرڻ جي مسافري آ، جنهن جي آخر ۾ سسئي چوي ٿي ته ’پنهون پاڻ ٿياس‘ ته ايئن مون تازو سنڌيءَ ۾ به هڪڙو ڪتاب لکيو آهي:’شاهه لطيف وٽ غم جو فلسفو‘ ۽ ڀٽائي صاحب جو فلسفو آهي ته غم اوهان کي Purify ٿو ڪري جو Purify ڪرڻ کان پوءِ اوهان جڏهن اسٽرلائير ٿا ٿيو ته اوهان کي پنهنجو پاڻ مان، پنهنجو پاڻ نظر ٿو اچي ۽ اُهو پنهنجو پاڻ ڇا آهي؟ يعني ڪيچ وارو پنهون جيڪو آهي سو Irrelevant ٿو ٿي وڃي. سائين فرمائي ٿو:
    ڳولهيان ڳولهان مَ لهان، شال، مَ ملان هوت.
    اها ته بظاهر هڪ مريضانه سوچ آهي. ڀئي ڳولهيان ته پوءِ ڇو نه لهان.
    وري اڳتي چوي ٿو:
    من اندر جا لوڇ، مڇڻ ملڻ سان ماٺي ٿئي.
    ڀئي لوڇ ڪا اينڊ ان اٽ سيلف آهي ڇا، جيڪڏهن سوچ اينڊ اٽ سيلف آ، ته پوءِ ته اِها بيماري آ. پاڻ کي ايذاءُ ڏيئي ان مان لذت حاصل ڪرڻ وانگر آهي. No- يعني هن جو يعني سسئي جو جيڪو سفر هلي پيو، ان ۾ هو محسوس ڪري ٿي ته هاڻي
    پرتوو پنهونءُ جو، جئن جهڙ ۾ جهالا.
    ڏئي پيو ۽ هن کي اُهي جهالا ڏسڻ ۾ اچن ٿا ۽ ان جدوجهد ۾ هن کي جيڪو ايذاءُ رسيو آهي، غم نصيب ٿيو آهي، انهيءَ ۾ هن محسوس ڪيو ته پوءِ ٿي چوي پئي ته! ڳولهيان ڳولهيان مَ لها.
    ته متان هُن پنهون سان ملنديس ته اِها ڪيفيت، جيڪو درد آهي، اُهو متان ختم نه ٿي وڃي، ته منَ-! ان ڪتاب ڀٽائي جي غم جي فلسفي ۾ مون پنهنجي پر ۾ سسئي کي ڄڻ نئين سر Discover ڪيو. سائينءَ جو هي بيت ٻڌو:
    سدا هنيم سُور جي، اڳيان ڪوهيارو،
    جو نجس نيکاري، سو پنهون وڌم پاند ۾.
    يعني نجس، کي جيڪا شيءَ نيکاري، اُهو غم آهي، پور آهي، ڏات آهي. جيڪو پنهون منهنجي ڀتار پاند ۾ وڌو ته انهيءَ مون کي Purify ڪيو ۽ Purify ٿيڻ کان پوءِ مون پنهنجو پاڻ ۾ پنهون کي ڳولهي لڌو.
    طارق عالم: آغا صاحب، لڳي ٿو ڀٽائي صاحب اوهان کي پنهنجي سحر ۾ ايترو ته جڪڙي ڇڏيو آهي جو ’ڪهاڻي‘ هاڻي توهان لاءِ بي معنيٰ بنجي ويئي آهي.آغا سليم: Yes, توهان صحيح ٿا سمجهو، هاڻي منَ نه مون کي ڊرامو ٿو وڻي، نه اهو لکي ٿو سگهان، نه ڪهاڻي، نه ناول، ٽي ويءَ سان دلچسپي ختم ٿي ويئي اٿم، ۽ بس لطيف سائين ۾ گم رهڻ مون کي پسند اچي ويو آهي.طارق عالم: ڇا توهان مذهبي ماڻهو بنجي چڪا آهيو؟
    آغا سليم: نه مَن!مان ڪو مذهبي ماڻهو ناهيان. اُهي ئي Believes آهن منهنجا، جيڪي پهريان هيا.
    علي دوست عاجز: توهان چوندا آهيو ته سائين جو سهڻي سُر، ڏک جو سُر آهي، پر اوهان هتي گهڻا مثال سُرسسئي مان ڏنا ته سهڻي لاءِ ڇا چوندا؟
    آغا سليم: مون توهان کي ٻڌايو ته سائين جيڪو سُر سسئي چيو آهي، ته اهو ’دشت وجود ڪي مسافت‘ آهي يعني هوءَ جيڪو سفر ٿي ڪري، اُهو هو پنهنجي وجود ۾ ٿي ڪري يا جيڪو سورٺ راءِ ڏياچ سُر آهي، ان ۾ Practically ڏياچ ڪو پاڻ کي ڪو نه ٿو ماري، اها ته تمثيل آهي. يعني توهان هڪڙي ڪيفيت مان ٻي ڪيفيت ۾ اچو.يعني جڏهن توهان نابود ٿا ٿيو، تڏهين بود ۾ ٿا اچو. معنيٰ توهان جي جڏهن Transformation ٿئي ٿي، جئن مثال وٺون ته هڪڙو ماڻهو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ٿو ته مان آغا سليم آهيان، نه سائين لطيف ٿوچوي ته اِها ’بود‘ آهي، نابود ۾ ڪيئن ايندين؟ جڏهن تون سمجهندين ته مان ڪُل جو هڪڙو جز آهيان ۽ مان ڪل آهيان، وحدت الوجود جو به اِهو ئي ته تصور آهي ۽ هو جنهن مهل ڪل ۾ شامل ٿئي پيو ڏياچ، ته ان حالت مان مري ٿو وڃي، جنهن حالت ۾ ٻيجل هن سان ملي ٿو. تڏهن ڏياچ ٻيجل کي چوي ٿو ته:
    عجب اٿم ايءُ، رات منهنجو ري،
    ڪاٽيو تو ڪماچ سان.
    ائين ئي وري مومل راڻي ۾ ڏسو، راڻو بي معنيٰ، Irrelevant ٿي ٿو وڃي. مومل جڏهن چوي ٿي ته:
    ’ڪيڏانهن ڪاهيان ڪرهو، چوڏس چٽاڻو،
    راڻو ئي راڻو، ريءَ راڻي جي ناهي ڪي.‘
    ته ائين هو پنهنجو پاڻ کي Discover ٿي ڪري ۽ هاڻي ڇا جو راڻو ۽ ڇا جو ڪاڪ محل ۽ ڇاجي سومل! هر پاسي بس راڻو ئي راڻو... ته مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته لطيف سائين تمام وڏو شاعر آهي. هاڻي ڇا، آهي ته سڀ معاملو ڌيان جو آهي. جن ماڻهن رسالو Compile ڪيو آهي، انهن بلڪل وڏو ڪم ڪيو آهي، پر اُنهن ڇا ڪيو آهي جو ڇاپي جي Thought جي evolution ڪرڻ نه ڏني اٿن. مثال طور انهن وٽ سسئي پڙهو، ته ان جي Thought جي evolution نظر نٿي اچي. سسئي آبريءَ ۾ سائين سسئي کان چَورايو آهي ته: ’پنهون ٿيس پاڻ، معنيٰ ته ختم ٿي وئي نه، پر اڳتي وري چوي ٿي ته: ’قافلو ڪاهيندياس.‘ ۽ جيڪڏهن سسئي جاکوڙ ۾ رڌل هئي ته هي بيت ان سُر جو آخري بيت هجڻ گهرجي ها. جيئن شروع ۾ چوي ٿي:’الا اچن اوءِ، جن آئي من سرهو ٿئي‘ يعني هڪڙي تمنا آهي ته هو اچن، ۽ هاڻي جڏهن آيا ته انهن جي اچڻ سان ’نهن سين نيڻ ٺريام‘ ’ڪاجل ڪٺي آهيان‘، اِهو بيت اچڻ گهرجي ۽ جنهن مهل پنهونءَ جا ڀائر هن کي وٺيو هليا ٿا وڃن ته فراقيه بيت اچڻ گهرجن. پر رسالي ۾ ڏسو، ان جي ابتڙ آهي. ڪو بيت ڪٿي آهي ته ڪو وري ڪٿي!‘ ۽ ائين سرن ۾ بيتن جي ترتيب، بي ترتيب رکي ويئي آهي، ۽ انهن ۾ مفهوم جي تسلسل جو، ڪو به خيال نه رکيو ويوآهي.
    اسحاق سميجو: ته ڇا توهين ان خيال جا آهيو ته.رسالي جي ترتيب نئين سر ٿيڻ گهرجي؟
    آغا سليم: بلڪل مون جنهن به هنڌ تي تقرير ڪئي آهي، ان ڳالهه تي زورڏنو آهي ته شاهه سائين جي رسالي جي درست ترتيب تي ڌيان ڏنو وڃي، پر تحقيق جي ميدان ۾ اڌ پڙهيا عالم شاهه تي قابض آهن ۽ اهو ڪم اڃا اڌورو پيو آهي. آغا صاحب جو هي جواب به ڪجهه عجيب ٿو لڳي، ۽ ان مان اهيو ثابت ٿو ڪري ته پاڻ ئي صرف گهڻو پڙهيل آهي باقي هن جي سامهون ڪو به علم وارو نه آهي ۔۔۔ ممتاز علي وگهيو اسحاق سيمجو: منهنجي خيال ۾ ته شاهه صاحب تي ڪم ڪرڻ وارا تمام گهڻائي نه-تمام وڏن نالن وارا به آهن...
    آغا سليم: ] وچ ۾[ ها هوندا... ها، هوندا...
    اسحاق سميجو: جيئن قليچ صاحب آهي. ڊاڪٽر گربخشاڻي، علامه آءِ آءِ قاضي، ڪلياڻ آڏواڻي آهي، ڊاڪٽر بلوچ آهي ته اِهي سڀ ماڻهو پنهنجي پنهنجي شعبن جا Giants آهن.آغا سليم: برابر انهن پنهنجي پنهنجي شعبي ۾ شاهه سائين کي Discover ڪيو آهي، وڏي عظمت سان! پر..
    اسحاق سميجو: پر هتي توهان کان پڇڻ آئون هي چاهيندس ته توهان جي خيال ۾، شاهه جي ڪلام جو ’روح‘ يا ان جو بنيادي ’جوهر‘ ڇا آهي؟
    آغا سليم: ڀٽائي صاحب جي شاعريءَ جو روح ته آهي، ’وحدت الوجود‘، يعني مان ’پاڻ خدا آهيان‘، جيئن چيو اٿس: ’پُنهُون پاڻ ٿياس.‘ ڀٽائي صاحب ڇاڪاڻ ته هڪڙي وڏي ٺهراءَ وارو شاعر آهي ۽ ان ۾ جمال ئي جمال آهي، نه ڪي جلال... سچل سائين ٿو چوي: ”آهيان پاڻ الله“ ڀٽائي ته ائين علي الاعلان نٿو چوي، سائين ته وري ڪردارن جي وسيلي ٿو ڳالهائي. پاڻ نه ٿو چوي ته، ’مان ئي هان سڀ ڪجهه‘. سندس ڪردارن منجهان، جيئن سسئي ٿي چوي ته ’مان آهيان‘. مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘، مومل ٿي چوي ته ’مان آهيان‘ ۽ جيستائين توهان جي ڀٽائي صاحب جي ڪلام جي روح وارو سوال آهي ته ان ۾ وحدت الوجود کان سواءِ ٻي ڳالهه (فلاسفي) آهي ئي ڪانه. جيئن چيو اٿن ته: ’ناٿ ڏٺائون نانهن ۾‘ هاڻي اِن کان وڌيڪ، لطيف سائين توهان کي بابا! پنهنجي باري ۾، ڇا ٻڌائي، ته هُو ڇا آهي!؟اسحاق سميجو: آغا صاحب توهين بنيادي طرح سان ناول نويس، ڊراما نويس ۽ ڪهاڻيڪار هئا، پوءِ هي تصوف ۽ شاهه لطيف... طرف ڪيئن هليا ويا. ڇا توهان وٽ ان جو ڪو واضح ڪارڻ آهي؟
    آغا سليم: جيڪڏهن مان ڊراما نويس نه هجان ها، افسانه نگار يا ناول نويس نه هجان ها ته مان شاهه کي ائين سمجهي ۽ Express نه ڪري سگهان ها. معافي جو طلبگار آهيان، جيڪڏهن هتي چوان ته شاعر ۽ محقق کان به وڌيڪ، تخليقي نثر نگار جيڪو هوندو آهي، اُهو وڌيڪ Creative هوندو آهي. شاعر ته بس ائين آهي جو رستي تي هلندي ڪا مصرع ذهن ۾ آيس ۽ نوٽ ڪري ورتائين، پر نثر مَن! بس ۾ سفر ڪندي ماچيس تي نه لکي سگهبو آهي. اُهو ڌيان گهرندو آهي، وقت ڊمانڊ ڪندو آهي. ڪردار، ۽ ماحول ان لاءِ جوڙڻو ۽ گهڙڻو پوندو آهي. ڊرامن، ڪهاڻين، ناولن ۾ ڪردار ٺاهڻا پوندا آهن. انهن جي نفسيات... ۽ اهڙو عمل ليکڪ ۾ وڏي Creativity پيدا ڪندو آهي. سو مان سمجهان ٿو ته مان جي فڪشن رائيٽر يا ڪردارن جو گهڙيندڙ نه هجان ها ته لطيف سائين جي ڪردارن، انهن جي روين، احساسن ۽ تمثيلن کي سمجهي نه سگهان ها، جيئن محقق جي مقابلي ۾ مون انهن کي سمجهي، پنهنجي انداز سان Discover ڪيو آهي.
    علي دوست عاجز: آغا صاحب، توهان نثر لکندا آهيو ته لڳندو آهي شاعري ٿا ڪريو، ته ڇا بنيادي طرح توهان شاعر هئا ڇا!؟
    آغا سليم: منهنجي شايد ذهني گُرومنگ اهڙي ٿي آهي. ممڪن آهي ابتدا ۾ مون کي وڏا شاعر وڻندا هجن، جن جي مطالعي منهنجي نثر هيٺان شاعراڻي اڻت ڪري ڇڏي هجي، جنهن سبب اوهان کي منهنجو نثر شاعراڻو پيو محسوس ٿئي.
    نصير مرزا: آغا صاحب توهان ڏاڍو ڇرڪائيندڙ اعتراف ڪيو آهي ته، هاڻي توهان کي ڊرامو، افسانو يا فڪشن اٽريڪٽ نٿو ڪري، جڏهن ته توهان ڪنهن وقت مون کي هڪ اِنٽرويوءَ ۾ چيو هو ته، اوهان نِٽشي جي سپرمئن وانگر، سنڌ واسين کي هڪ آئيڊيل ڪردار پنهنجي ڪنهن ناول ۾ ڏيڻ چاهيو ٿا. ڇا اسين هاڻي توهان مان توقع نه رکون ته اهڙي ڪا شئي هاڻي اوهان ڪڏهن سنڌ واسين لاءِ لکندا؟
    آغا سليم: مَن! اهڙو واقعي، مون کي خيال آهي ته، هڪڙو اهڙو ناول لکندس، ۽ اهڙو ڪردار سپرمئن جهڙو تخليق ڪندس، جيڪو وڏيرن کي ماريندو، انصاف ڪندو. هاڻي اهڙي ڪنهن ناول جو اهڙو ٿورو انداز مون کي غلام نبي مغل ۾ نظر اچي ٿو، ۽ ان لاءِ فن جي قرباني البته ضرور ڏيڻي پوي ٿي. جئن مون ٻڌايو ته اقبال، مسلمانن جي وڌندڙ زوال کي ڏسي، انهن ۾ روح پيدا ڪرڻ جي لاءِ، پنهنجي شاعريءَ جي بنيادي روح کي قربان ڪري ڇڏيو يا جيئن سراج جهڙي تمام سٺي ليکڪ، ’سنڌيت‘ جو جذبو قوم ۾ پيدا ڪرڻ لاءِ پنهنجي ناول ’پڙاڏو سو سڏ‘ کي فلمي انداز ڏئي ڇڏيو ۽ فني جوهر جي قرباني ڏيئي ڇڏي. ان ئي ڏس ۾، مون به چاهيو پئي ته سنڌين کي هڪڙو شاونسٽڪ ڪئريڪٽر ڏيان، ’جنگجو هيرو!‘ جيڪو انهن کي سجاڳ ڪري، سو واقعي ماضيءَ ۾ اهڙو خيال هئو منهنجو، پر هاڻي جڏهن، ‘هلڻ هارا منهنجا سپرين‘ واري عمر ۾ اچي پهتو آهيان ته من! هاڻي ڪهڙو ناول... ڪهڙو ’سپرمئن‘...
    طارق عالم: ڇا ڪو اهڙو وقت يا خيال آيو ته پنهنجون افسانوي تحريرون ڦاڙي ڇڏڻ گهرجن جيئن روايت آهي ته، ڀٽائي صاحب پنهنجو رسالو ڪِراڙ ۾ اڇلي ڇڏيو هو؟
    آغا سليم: (کلندي) من! هينئر به منهنجو وس پڄي ته اُهي سارا ناول ڪهاڻيون ڦاڙي اُڇلي ڇڏيان، جو هاڻي انهن ڏانهن مڙي ڏسندو ئي ناهيان جو سوچيان ٿو ته انهن کي پڙهڻ سان ڇا محسوس ڪندس، انهيءَ ڪري شرم کان انهن کي پڙهندو ئي ناهيان. انهيءَ حوالي سان هتي هڪڙو مثال ڏيندو هلان، ته لتا منگيشڪر چون ٿا ته جڏهن پنهنجو گيت رڪارڊ ڪرائي وٺندي آهي ۽ جڏهن رڪارڊسٽ ان کي روائينڊ ڪري ٻڌڻ چاهيندا آهن ته، چوندي آهي، ته جڏهن مان هلي وڃان ته پوءِ ٻڌجو. سو مطلب آهي ڪو ماڻهو منهنجي ئي آڏو منهنجي ڪتاب کولي پڙهڻ لڳندو آهي ته منٿ ڪندو آهيانس: ادا! پوءِ پڙهجانءِ... گهر وڃي... منهنجي ’منهن تي ته نه پڙهه نه ادا‘.
    طارق عالم: ائين ڇو ڀلا؟
    آغا سليم: هڪڙي مشهور چوڻي آهي ته ماڻهو Being آهي. يعني، ڪا شئي Stagnant ناهي ۽ هر شيءِ ٿيندي رهڻ واري Process ۾ هوندي آهي. سو بهتريءَ جي هر شيءِ ۾ گنجائش رهندي آهي ۽ اهڙي سوچ منهنجي به ذهن ۾ هر وقت رھندي آهي ته هي جيڪو ڪجهه ٿيو آهي، يا ڪيو ويو آهي، اهُو ٿوري محنت سان،اڃا به وڌيڪ بهتر ٿي پئي سگهيو.
    طارق عالم: توهان تصوف کي پسند ڪريو ٿا ته ڇا اڳتي هلي ڪنهن صوفيءَ وانگر، زندگي گذارڻ جو ڪو ارادو آهي ڇا ؟
    آغا سليم: ٿورو پنهجي سڀاوَ جي باري ۾ ٻڌايانوَ ته مون ۾ Reasoning تمام گهڻي آهي ۽ Analytic attitude پڻ يعني سُپر نيچرل شيون... مثال ڪو اوچتو آواز ٿيو، ته مان ان کي analyze ڪندو آهيان ته اِهو ڇو ٿيو؟ ائين نه چوندس ته اِهو ڪوئي از غيبي آواز هو... ته مطلب ته باءِ نيچر، باءِ ٽيمپرامينٽ صوفي نٿو ٿي سگهان مان، جئن ماضيءَ وارا صوفي ٿي گذريا آهن. باقي انهن صوفين مون کي گهڙيو ڇِليو ضرور هوندو، جن کان مان متاثر رهيو آهيان.
    هتي ان ڏس ۾ من! هيءَ به وضاحت ڪريان ۽ جنهن کي منهنجي خود ثنائي بلڪل نه سمجهجؤ ته صوفين وانگر پئسي کي مون ڪا اهميت ڏني ئي ڪانهي پنهنجي زندگيءَ ۾. ۽ حوالي سان هي محاورو به ٻڌائيندو هلان ته، I posses so that I may not be possessed سو منهنجي دولت، پئسي ۽ مال جي سلسلي ۾ attitude ٿورو صوفياڻو (Mystical) آهي ۽ پيار، محبت ۽ هيومن رليشن شپ ۾ ئي منهنجو ويساهه آهي، پر توهان جنهن روايتي صوفيءَ کي خيال ۾ رکي مون کان سوال ڪيو آهي ته اُهڙو صوفي، مان ڪڏهن به ٿي نٿو سگهان. بلڪل ئي نه!
    طارق عالم: پوءِ ڇا آهيو هن وقت ۽ ڇا رهڻ چاهيو ٿا؟
    آغا سليم: دهريو ٻهريو ته مان ناهيان منَ! (۽ کلندي)الله سان بس ٿوري سنگت آهي منهنجي ضرور.
    نصير مرزا: آغا صاحب وري ٿورو افسانوي ادب جون ڳالهيون به ڪريون، جي اجازت ڏيو.
    آغا سليم: (خوش دليءَ سان) ها، ها ڇو نه، بسم الله، بسم الله. ان موضوع تي ضرور ڳالهايو جو فڪشن کي مان سڀني آرٽس ۾، تمام وڏو آرٽ سمجهندو آهيان ۽ شاعري ۽ مصوريءَ کان به ان کي وڌيڪ ڀائيندو آهيان. ۽ اها منهنجي پنهنجي ذاتي پرسپيشن آهي ۽ ممڪن آهي مان ان ۾ غلط به هجان.
    نصيرمرزا: آغا صاحب توهان 60 واري ڏهاڪي ۾، جڏهن سنڌ ۾ نيشنلسٽ تحريڪون پوري زور تي هيون، تڏهن توهان ۾ بطور ’فڪشن رائيٽر‘ پاڻ کي ڪيئن سرخرو ڪيو هو؟
    آغا سليم: مون وٽ as such نعرو ڪو به ڪو نه هو، منهنجو نڪتئه نظر هي هو ته ليکڪ پاران پڙهندڙن کي ڪلچرڊ بڻائڻ گهرجي. مان سمجهان ٿو ته ليکڪ جنهن مهل لکندو آهي ته، ڄڻ ڪيٿارسس پيو ڪندو آهي- سو فڪشن، لٽريچر يا بيوٽيفل شيءَ جيڪا آهي، اها پڙهندڙ جي شخصيت جي اسٽيٽسڪو کي ختم ٿي ڪري. يعني شخصيت جو جيڪو اسٽيٽسڪو يا توازن آهي، جيڪو هُو پاڻ سان کڻيو پيو گهمي، ان کي ڊسٽرب ٿو ڪري. بس اِهو ئي منهنجي تحرير جو پوشيده سلوگن آهي باقي ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون‘ يا ڪو ڪارل مارڪس، وغيره منهنجو سلوگن ناهي. ها! اِهي سڀ شيون منهنجي اندر ۾ برابر ته آهن، پر مون انهن کي پنهنجي انداز سان ئي ڏٺو ۽ بيان ڪيو آهي.
    طارق عالم: توهان پنهنجي لکيل ڪنهن ڪهاڻي يا ناول کي ڇا ڊس اون ڪيو ٿا؟
    آغا سليم: (کلندي) ڊِس اون ڪيئن ڪبو منَ! مون ته جيڪي گاريون ڏنيون آهن، مان اُهي به ’اون‘ ٿو ڪريان.
    طارق عالم: شيخ اياز صاحب چوندو هو ته هو پنهنجو تازو شايع ٿيل ڪتاب، شايع ٿيڻ بعد پڙهي، رکي، وساري ڇڏيندو آهي ۽ نئون ڪتاب لکڻ شروع ڪري ڏيندو آهي. توهان ٻڌايو ته توهان جو ڪو نئون ڪتاب ايندو آهي ته ان کي گهڻا ڀيرا پڙهندا آهيو؟
    آغا سليم: منَ، مان پڙهندو ئي ناهيان، ڊپ هوندو آهي ته، پڙهندس ته ان ۾ عيب ئي نظر ايندا. (کلندي) خير هڪڙو دفعو ته پڙهبو ئي آهي. ان ڳالهه تي هي لطيفو ٻڌو. هڪ ڀيري خلقڻهار آيو هيٺ، سک کان پڇيائين، تون ڪير آن، چيائين، مان مکڻي سنگهه آن پوءِ هن پڇيو تون ڪير آن؟ چيائين مان خلقڻهار! پڇيائين مکڻ سنگهه تون ڇا ڪندو آن؟ چيائين مان ڪنڀر هان، ٿانو ٺاهيندو آن. پوءِ هن پڇيو تون ڇا ڪندو آن. چيائين ماڻهو ٺاهيندو هان، تڏهن سک پنهنجيءَ شڪل ڏانهن اشارو ڪندي چيو: اي بنده بڻايئي... ۽ پوءِ پنهنجي ٿانون ڏانهن مُنهن ڪري چيائين: ڏس! هي منهنجا ٿانوَ، ڪيڏا نه خوبصورت آهن، (کِلندي) سو منَ! مقصد اِهو ته جنهن مهل پنهنجو لکيل پڙهبو آهي ته، دل ۾ پيو چئبو آهي: هي لکيو اٿم؟
    طارق عالم: ان کي ڇا توهان جي انڪساري سمجهون؟
    آغا سليم: نه- منَ! انڪساريءَ جي ڳالهه پنهنجيءَ جاءِ تي، پر مان هڪڙي سٺي رائيٽر جو جيڪو Concept آهي، مان ان تي پاڻ کي پورو لهندي نه ڀائيندو آهيان. ڳالهه اِها آهي، باقي ٻين سان پاڻ کي Compare ڪندي، ائين ڪو نه پيو چوان. اصل ۾ منهنجيءَ ذات ۾ ڪي آئيڊيل آهن، ته افسانو لکجي ته انهن جهڙو . لکجي. چيخوف ٿي لکجي، دوستو وسڪي ٿي لکجي.
    اسحاق سميجو: ڇا سنڌيءَ يا اردوءَ ۾ به ڪو آهي، جنهن کي پنهنجي اظهار ۾ ڊڪشن ۾ اوهين بهتر ڏسو ٿا!
    آغا سليم: سڀ سٺا آهن منَ! مان ڪنهن کي خراب چوان. شيخ اياز اسان وٽ سنڌيءَ ۾ جيڪي افسانه لکيا آهن، ڏاڍا سٺا آهن. جمال ابڙو آهي، ان سنڌي افساني کي هڪ نئون لهجو ڏنو آهي. نج نبار سنڌي ٻوليءَ ۾ هن اهڙا اهڙا نثر ۾ مونتاج ٺاهيا آهن، جو ڪهڙي ڳالهه ڪجي.
    طارق عالم: ڀلا ابتدائي جديد افسانه نگارن مان نادر بيگ مرزا؟
    آغا سليم: فرسٽ ڪلاس، ڏاڍو سٺو، ورهاڱي کان اڳ وارن افسانه نگارن ۾ نادر بيگ نئين Sensibility جو ماڻهو هو. هن جي افساني کي ماڊرن افسانو سڏي سگهجي ٿو. ان ڏس ۾ ان ئي دؤر ۾ ايم يو ملڪاڻي صاحب آهي، ائين ان جي لکيل ون ايڪٽ Plays ۾ به ڏاڍا سهڻا ۽ نوان تجربا آهن.
    طارق عالم: ڀلا نسيم کرل؟
    آغا سليم: بس ٺيڪ آ...ان پس منظر ۾ وري ٿو اِها ڳالهه ٻڌايانوَ ته علم کان سواءِ، ڪجهه ناهي. نسيم پڙهندو گهٽ هو ۽ بلونت سنگهه ۽ ’چور چاند اور رات‘ جهڙا ڪتاب پڙهي افسانه لکندڙ هو . ڪو شاعر هجي يا افسانه نگار.. هي آورد وارو زمانو ناهي منَ! پڙهي، وڏو مطالعيو ڪري ’لکڻ‘ وارو زمانو آهي. هر علم کي پاڻ ۾ داخل ڪري، پوءِ ان جي آڌار تي پاڻ کي اظهارڻ جو زمانو آهي.
    ڪنهن زماني ۾ هڪڙو فقيراڻو نعرو پيو ٻڌبو هو ته ’علمون! بس ڪرين وو يار...!‘ اِهو بلڪل هڪڙو غلط نعرو آهي. تصوف ۾ بو علي سينا چوندو هو ته خدا جيڪا پهرين پهرين شيءَ خلق ڪئي، اُهو هئو: عقل...! (الاس! ان جواب ڏيندي موبائيل تي آغا صاحب جو فون ۽ فون تي ڊگهي گفتگوءَ سبب اِهو سندس جواب اڌ ۾ ئي رهجي ويو)
    طارق عالم: ڇا توهان سمجهو ٿا ته سنڌي اديبن شاعرن ۾ مطالعي جي کوٽ آهي؟
    آغا سليم: ها! من! ڇا آهي ته پنهنجو ادب ان سطح تي نه پهتو آهي جتي چئون ته اُهو Assess پيو ٿئي . اِهو منهنجو ذاتي خيال آهي- ۽ ٻيو اهو ته ادب ۾ اسين سهل پسند آهيون. ڪنهن افسانو لکيو ته بس اُهو ان ڏينهن کان افسانه نگار ٿي ويو. جنهن جي طبيعت ۾ ڪا ٿورڙي موزونيت آهي ۽ فاعلاتن فاعلات ڪرڻ ان کي اچي ويو ته، شاعر ٿي ويو اُهو، پوءِ ادبي سنگت ۾ ويو ته اتي دانشور ٿي ويو ۽ منهنجو خيال آهي ته افسانه نگار يا شاعر، ڪنهن به طرح سان دانشور سڏرائڻ جو اهل ناهي هوندو، اهو يا افسانه نگار هوندو آهي يا شاعر . ڪو پاڻ کي ائين سڏرائي ٿو ته اِها نهايت ئي غلط ڳالهه آهي. هتي اِهو به واضح ڪندو هلان ته مان جي ڪنهن عمل جي negation ٿو ڪريان ته ان جو اِهو مقصد نه سمجهيو وڃي ته پنهنجي Assertion نه پيو ڪريان. رائيٽر لاءِ هن دؤر ۾ پڙهيو لکيو هجڻ تمام ضروري آهي ۽ جيڪڏهن ڪو فڪشن رائيٽر آهي ته پاڻ کي وڏو ولوڙڻو پوندو. اسان جو ڀٽائي، ان جو مثال آهي ۽ منهنجو اندازو آهي ته جنهن ابن عربي کي پڙهيو ۽ پرجهيو آهي، اهو ئي سمجهي سگهي ٿو ته اسان جي آئيڊيل شاهه لطيف جو مطالعو ڇا هو. سنڌ جي تصوف جي تاريخ جو وڏو ماڻهو مخدوم معين ٺٽوي ڀٽائي جو استاد هو. وحدت الوجود جو درس ڀٽائي صاحب کي ان ئي بزرگ وٽان پلئه پيو هو.
    سو منَ! ڳالهه چٽي آهي ته پاڻ وٽ هن دؤر ۾ سنڌي اديبن ۾ علميت ڪانهي.ڪو سٺو پڙهيو لکيو نقاد ڪونهي ۽ سچ پڇو ته هاڻي نه ڪو وڏو شاعر آهي، نه فڪشن رائيٽر... ان ڏس ۾ مقابلي طور ٿورو رڳو ’سارتر‘ کي ڏسو. ائين هجڻ گهرجي فڪشن رائيٽر کي، ايترو پڙهيو لکيو (کِلندي). هيڏانهن پاڻ وٽ حالت اِها آهي جو اسان وٽ جيڪو گهران رٺو... لکيائين ’جيجل ماءُ سنڌڙي مان توتان قربان‘ شعر ۾ لکيائين ’مرسون مرسون سنڌ نه ڏيسون...‘ شاعر ٿي پيو، وڏو اديب ٿي پيو... (جذباتي ٿيندي) اِهو ادب ناهي. I tell you ادب ان کان گهڻو اڳتي آهي.
    اسحاق سميجو: توهان سمجهو ٿا ته هند- توڙي سنڌ ۾ سنڌيءَ ۾ ڪو ’وڏو ناول‘ ڇو لکجي نه سگهيو آهي!؟
    آغا سليم: جيتريقدر ’هند‘ جي يا هند ۾ رهندڙ سنڌي ليکڪن جي ڳالهه آهي ته انهن جا ثقافتي، سياسي، اقتصادي مسئلا پنهنجا آهن. هو هتان ويا ته ڀڳل ڀريل هئا. هاڻي پيرن تي بيٺل آهن ته هنن جا مامرا ٻيا ٿي پيا آهن. ان ڏس ۾ مون هڪ دفعي نند جويري کي چيو ته ڪاوڙجي پيو، چيومانس ته هڪڙي ڳالهه مون کي سمجهه ۾ نٿي اچي ته اسين سنڌي مسلمان گهر، شهر، واهه ٽپي ٻاهر ٿا وڃون ته محسوس ٿا ڪريون ته پرديس ۾ پهچي ويا آهيون، توهان لنڪا...لنڪا ڪندا وڃي اتي ٿا پهچو (جئن هندو سنڌ ورڪين بابت شاه ڀٽائي صاحب اسان کي ٻڌايو آهي) توهان اسان جي مٽي ۽ آبهوا ساڳي آهي، پر ان جو مطلب مون کي سمجهه ۾ نٿو اچي ته، توهان وڃو لنڪا نڪرو، پاڻ کي پرديسي نٿا ڀانيو ۽ اسين سنڌي مسلمان واهه ٿا ٽپون ته، جهڙو ديس بدر ٿي وياسين. ٻيو اِهو ته اِهو الائي ڇا آهي جو، سنڌي هندن ۾ نه ڪو وڏو گويو پيدا ٿيو، نه وڏو ڪو شاعر جيڪڏهن ڪو ٿيو ته وڌ ۾ وڌ سامي... يا پوءِ جي دؤر ۾ نارائڻ شيام. ته مون چيو پئي ته سنڌ جي ڪلاسڪ ۾ رڳو شاهه آهي، سچل به نه.. اهو به بيشڪ شاعر آهي، ان کي به وڏو شاعر ڏيکارڻ لاءِ سليڪشن ڪرڻي پوندي ۽ سڀ ان جو به سٺو ناهي، ته خير ڳالهه اسان هند ۽ سنڌ ۾ وڏي ناول نه لکجڻ جي پئي ڪئي ته وڏو ناول سنڌ ۾ به ناهي لکيو ويو. ڇو ناهي لکيو ويو؟ مون کي سمجهه ۾ نه ٿو اچي. ها ايترو بلڪل چئي سگهان ٿو ته پنهنجي پاسي وڏو ناول، ناهي لکيل (ياد ڪندي) ها! مون اوهان کي ٻڌايو پئي ته نند جويريءَ کي مون چيو ته، توهان ڏي ته ليکڪ ڏاڍو پڙهيو لکيو آهي، پوءِ انهن ۾ ڪو وڏو ناول نگار ڇو پيدا ڪو نه ٿيو؟ موهن ڪلپنا ان ڏس ۾ سٺي ڳالهه ڪئي آهي ته اسان واڻين کي ورثي ۾ ادب نه، ’وٽ ۽ تارازي‘ ملي آهي، پر هيڏانهن ٿيندو ائين آهي ته، ادب ۾ جيڪو ’وٽ ۽ تارازيءَ‘ جو هنر ڄاڻي ٿو، اُهو ئي ماڊرن ۽ وڏو ادب لکي سگهي ٿو.
    علي دوست: سنڌي ٻوليءَ ۾ وڏو شاعر نه، پر وڏا شاعر پيدا ٿيا آهن، ڇا منهنجو اِهو سوال صحيح آهي!
    آغا سليم: (مُرڪندي) منَ! ٿيا هوندا، (۽ ان جواب تي آغا صاحب پاڻ ئي سواليه انداز ۾ ٽهڪ ڏيندي جواب ٿو ڏئي) ادا، هڪڙي ڳالهه منهنجي ياد ڪريو، ته جڏهن مان هتي ڪن شخصيتن جي Negation ٿو ڪيان ته پاڻ کي شامل نٿو ڪريان، جئن متان چئبو آهي ته، ٻين کي نٿو مڃي ۽ رڳو پاڻ کي پيو ٿو پڏائي-No... سو مَن! هوندا وڏا شاعر به...
    طارق عالم: واقعي آغا صاحب... لطيف سرڪار ته لطيف آهي، پر توهان اياز صاحب کي به ته وڏو ٽربيوٽ ڏيندا رهيا آهيو!؟
    آغا سليم: اياز برابر وڏو شاعر آهي. جڏهن لطيف سرڪار جي ڪلهوڙا دؤر مان اسين نڪرون ٿا ته اياز جي Sensiblity ۾ شامل ٿيو، ٿا وڃون. لطيف اسان جو ورثو آهي ۽ رهندو، جڏهن ته اسين جڏهن ماڊرن دؤرن ۾ اينداسين ته اسان کي اياز جو نالو کڻڻو پوندو. سندس هڪ شعر آهي:’چنگهندي چنگهندي آئي پٽي تي ٽرام‘ اِها اياز جي ماڊرن پوئٽري آهي ۽ اياز تمام وڏو شاعر آهي، اسين ۽ اسان جهڙا ته هن جي آڏو جيتامڙا ٻيتامڙا ويچارڙا آهيون. ]۽ ڊگهي وقت تائين هلندڙ انٽرويو دؤران آغا ڪئيسٽ هلندي ڏسي، چوي ٿو: مان کي ته ولوڙي ڇڏيو اٿو مَنَ![
    اسحاق سميجو: (ٽهڪ ڏيندي) توهان کي اڃا ته وڌيڪ ولوڙينداسين. اڃا ته جهڙوڪر ڪجهه ناهي پڇيو اسان اوهان کان!
    نصير مرزا: آغا صاحب! توهان شيخ اياز صاحب بابت هڪڙو ڪتاب لکيو آهي: ’صدين جي صدا‘ ان ۾ توهان اياز کي هڪڙي ڏاڍي نئين اينگل سان پرکيو آهي. ڇا اِن ڪتاب کي ڪا موٽ ملي آهي؟
    آغا سليم: ان ڪتاب کي پذيرائي ان ڪري نه ملي، جو هي دؤر تاج بلوچ جو دؤر آهي، انهيءَ جهڙي سوچ ۽ ليول جو دؤر آهي.
    اسحاق سميجو: ان حوالي سان مان هتي اِهو پڇڻ پيو چاهيان ته، هڪڙي پاسي توهين آهيو، جيڪي شيخ اياز کي ائين ڊسڪور ڪيو ٿا، دانشورانه ۽ فڪري انداز ۾ ۽ ٻئي پاسي، اهڙا ماڻهو آهن، جن ڏانهن توهان اشارو ڪيو ۽ جن جي هٿن ۾ اياز لاءِ پٿر ئي پٿر آهن،ته اهڙي سوچ رکندڙن بابت ڇا چوندؤ؟
    آغا سليم: اِهو ته طئي آهي ته ٻه گروپ آهن، ۽ اصل ڳالهه هيءَ آهي ته جيڪي ان جي negation ڪن ٿا، انهن جو به اياز ڏانهن علمي رويو ناهي. انهن جو نظريو هي آهي ته، هن کي ڊاهيون ۽ ڪيرايون، جئن اسان نمايان نظر اچون، انهيءَ ۾ امداد به ٿي سگهي ٿو ۽ شمشير به - ته من اياز جي سامهون اِهي ڏاڍا ننڍڙا شاعر آهن. هتي چٽائي ڪريان ته اياز منهنجو ڪو مائٽ ڪونهي، پر دل سان ٿو چوان ته، تمام وڏو شاعر آهي. ۽ ڇاڪاڻ ته اياز اڃا پورو اسان کان برداشت نٿو ٿئي، ان ڪري منهنجو ڪتاب ’صدين جي صدا‘ بقول اوهانجي، نئين اينگل سان لکيل ڪتاب، اڃا هر واسي نه ٿي سگهيو آهي. منهنجو خيال آهي ته، جڏهن اسان جي جيءَ ۾ شيخ اياز لاءِ جهروڪو کلندو ته، هو پوريءَ طرح سان Discover ٿي اسان جي سامهون ضرور اچي بيهندو.
    نصير مرزا: آغا صاحب، توهان جو هڪڙو شعر آهي ته: ’سورج بڻجي جرڪندا، ديوانن جا خواب.‘ ته توهان جي اندر جي ديواني شاعر جا ڪهڙا اهڙا خواه آهن جن جي لاءِ شاعر جي دل، خواهش ٿي ڪري ته اُهي سورج بڻجي جرڪن؟
    آغا سليم: منَ! 80 ۾ ڪراچيءَ ۾ جيڪو سچل انٽر نيشنل سيمينار ٿيو هو، ان ۾ مون هڪ نظم پڙهيو هيو، جنهن ۾ مون چيو هو ته:
    ڪو خواب شاهه عنايت جو
    ڪو خواب شاهه بلاول جو
    گهاڻي ۾ پيٺل ماس آ،
    ڌرتيءَ جو بنيو اتهاس آ.
    سو من!ان ديواني شاعر جا خواب اِهي ئي آهن، جيڪي خواب شاهه عنايت ڏٺا، جيڪي مخدوم بلاول ڏٺا ۽ اُهي ئي خواب آهن، جيڪي هاڻي تون ۽ مان ٿا ڏسون ۽ اِهي ئي خواب ... ديوانن جا اُهي خواب آهن، جيڪي هڪ ڏينهن ضرور سورج بنجي جرڪندا.
    نصير مرزا: توهان جهڙو نفيس رائيٽر ۽ ريڊيو آفيسر به، ٻڌؤ ٿئون ته ريڊيو حيدرآباد تان گرفتار ٿي، نارا جيل ۾ پهچايو ويو هو، ته اِهو ڇا قصو هو.
    آغا سليم: بس من! هرو ڀرو (کلندي ۽ ٽاريندي) ان ڪري موڪليو ويس ته، اُتي وڃي شاعري ٻاعري ڪريان، پڙهان.. لکان...
    اسحاق سميجو: وري به ڪجھه ته ٻڌايو...
    آغا سليم: بس ادا ريڊيو اسٽيشن تي هئا ڪي مهاجر، جن جي چُرچ ٿي ... واٽ ويندي ٻانڀڻ....
    [آغا صاحب جي ان، گول مول ۽ مبهم اعتراف تي اسين کلڻ ٿا لڳون]
    نصير مرزا: توهان هي جيڪا شاعري ڪئي آهي، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘ مجموعي واري اها ڪهڙي ماحول ۾ اوهان سِرجي هئي؟
    آغا سليم: سچ ٻڌايان ته، زندگيءَ ۾ جيڪو مون کي شديد شاڪ لڳو، اُهو ذوالفقار علي ڀٽي صاحب جي ڦاسيءَ واري خبر ٻڌي ٿيو هو. يعني ايڏو وڏو ماڻهو، ايڏي بيدرديءَ سان سوليءَ تي ٽنگي ڇڏيائون.
    ان شدت ۾ مون کان ڏاڍي شاعري لکجندي وئي. ان جو هڪڙو پس منظر اِهو به هو ته هڪڙي ايڏي وڏي ذهين سنڌي ماڻهوءَ کي ختم ڪيو ويو! ۽ ان حوالي سان هڪڙو ڊپ ۽ خوف مون کي محسوس ٿيو هو ۽ اِهي منهنجا پنهنجا fears هئا ته ڇا ايڏي آسانيءَ سان هو اسان سنڌ واسين کي به ختم ڪري ڇڏيندا. ان سانحي کان پوءِ ۽ هاڻي تائين جڏهن جڏهن به مون ڪو شعر لکيو آهي، ان ئي خوف ۽ ان ئي حوالي سان پئي لکيو آهي.
    نصير مرزا: چاهيون ٿا ته اڄ اعترف ڪريو ته اوهان جي رومانوي ڪهاڻين ۾ خواتين جا، جيڪي ڪردار آهن، اهي اوهان جا ڏٺل وائٺل آزمايل ڪردار آهن يا محض خيالي...
    آغا سليم: اِهي من (ڳالهه کي ٽاريندي) خيالي وڌيڪ آهن يا مشاهدن تي مشتمل آهن، جو ظاهر آهي ته ڏٺو هوندوسين ڪن نوجوانن کي عشق ڪندي.
    اسحاق سميجو: توهان به ڪڏهن اهڙا نوجوان رهيا آهيو ۽ توهان به ڪو عشق ڪيو هوندو..
    آغا سليم (زوردار ٽهڪ ڏيندي) ها من! ... ڪيو... هوندوسين، پاڻ به ڪڏهن ڪو عشقڙو ٻشقڙو ... جو ظاهر آهي هر ڪو ئي ٿو ڪري، اِها ڪا اهڙي نئين ڳالهه ته ڪانهي نه ادا!
    اسحاق سميجو: چڱو ڀلا، تفصيلن نه ئي سهي، اشارن ۾ ئي کڻي ٻڌايو.
    آغا سليم: منهنجو هڪڙو اردو شعر آهي ته:
    پياس سئ چٽخا هوا هئ تن بدن
    ٽوٽ ڪر برسئ ڀي اب ڪوئي گھٽا.
    هڪ دفعي فهميده رياض مون کان پڇيو هو ته اها ڪير!؟ ته وراڻيو مانس: زندگيءَ ۾ ڪو ماڻهو اهڙو ملندو آهي،جيڪو توهان کي بي پرواهه بنائي ڇڏيندو آهي،جيڪو توهان کي Librate ڪري ڇڏيندو آهي ۽ اهڙو سرشار ڪري ڇڏيندو آهي،جو پوءِ.. توهان کي ڪنهن جي پيار جي ضرورت ئي محسوس نه ٿيندي آهي. سو بس ڪٿان ڪنهن هستيءَ وٽان، اِها Libration مون کي به سچ ٻڌايانوَ ته ايتري ته ملي وئي جو... بس وڌيڪ جي ضرورت ئي نه پئي.
    نصير مرزا:چڱو وري توهانجي تحقيق ۽ترجمي واري ڪم ڏانهن ٿا هلون، ۽ پڇڻ ٿا چاهيون ته، ڀٽائي ته توهانجو پنهنجو سنڌ جو هو، جنهن کي اوهان اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو ۽ ان جي شاعريءَ ۾ غم جي فلسفي بابت ڪتاب لکيو. پر هي بابا فريد گنج شڪر جي پنجابيءَ ۾ لکيل بيتن جي سنڌي ترجمي ڪرڻ وارو خيال ڪيئن آيو؟
    آغا سليم: تصوف ۽ صوفي ازم ته منَ! منهنجي مزاج جو موضوع هو نه...ان تلاش ۾ خانقاهن ۾ ويهڻ وارن ماڻهن ڏانهن ته منهنجو ڌيان هو ئي. اهڙن عظيم صوفي انسانن جون سٽون، مطالعي ۾ آيون ته حيرت ٿي ته خانقاهن ۾ ويٺي ويٺي اهي عجيب ۽ اسرار جهڙا خيال ڪيئن ٿا اهڙن ذهنن ۾ اچن. مثال طور:
    ڪانگا سب تن کائيو اور چُن چن کيو ماس
    دو نينان مت کائيو، جنهي پيا ملن ڪي آس.

    ڪاگا چهوڙ نه پنجرا، بسي ته اڏر جا
    جس تن پيو بسي، تد دا ماس نه کا.
    يا جيئن شاهه سائين چيو آهي:
    جا ڀونءَ پيرين مون، سا ڀونءِ مٿي سڄڻين.
    بابا فريد گنج شڪر ان کان اڳ ئي مٽيءَ جي حوالي سان اهڙو ڪجهه چئي ويو هو: جيونديان پيران تلي، موُيان اُوپر هوءِ!
    ته چوڻ جو مطلب اِهو ته، هر وڏو تخليق ڪار، وڏو ماڻهو، رڳو هڪڙي ئي سٽ ٻڌائي چوندو آهي ته، پٽ! مان ئي آهيانءِ! ۽ تون ڪيترڙو آن. ۽ ائين هو پنهنجي محض هڪڙي سٽ سان Sharing ڪري ڇڏيندو آهي، پنهنجي وڏائي ۽ مهانتا جي.
    نصير مرزا: ڀلا بابا فريد جي ترجمي واري ڪم ڪيترو وقت ورتو اوهانجو؟
    آغا سليم: اصل ۾ اسلام آباد ۾ مقرر هجڻ ڪري، وقت ميسر ٿي ويو هو مون کي. ٻيو ته منهنجي دوستيءَ جو سرڪل اتي گهٽ هئو ۽ ڪم ڪرڻ لاءِ مون کي وقت ئي وقت هو. حيدرآباد ۾ هوندو هوس ته شام جو روز ڪانه ڪا مصروفيت هوندي هئي. پر اسلام آباد ۾ شامن جو واندڪائي جو ميسر ٿي، ته ٽئبل ليمپ ٻاري، ان ترجمي، تحقيق واري ڪم ۾ مصروف ٿي ويندو هوس.
    طارق عالم: ڀلا ڪا پذيرائي ملي ان ڪم جي ۽ ڇا همعصرن کان جيليسي محسوس ٿي ڪڏهن اوهان کي.
    آغا سليم: نه منَ! پذيرائي ڪانهي اهڙي ڪم جي (کلندي) پذيرائي ٿيندي آهي ’لڇوءَ‘ جهڙن ماڻهن جي، سچ ٿو ٻڌايانءِ... Sorry يار، قمر مون کان پڇو، آغا! امر جي فنڪشن ۾ وڃان يا نه؟ ته چيومانس، ضرور وڃ! ڇو!؟ ان ڪري جو ماڻهن جي مينٽل ليول اِها اٿئي ته نه ويندين ته چوندئي،امر سان جيليسي جي ڪري نه آيو. سچ ٿو ٻڌايانءِ مَن!سچ ٿو ٻڌايانءَ ته مان جيلسيز کان above آهيان، جو جيليس ماڻهو تڏهن ٿيندو آهي، جڏهن ڪو ماڻهو سُپيريئر هجي. هيڏانهن حالت اها آهي جو همعصرن تي منهنجي اک ئي ڪانه ۽ ٻڏندي آهي سو ڪنهن کان مان ڪهڙو جيلس ٿيندس (ان ڳالهه تي آغا صاحب ٽهڪ ڏيئي کلي ٿو) ۽ ڇو جيليس ٿيندس. بس لکن ويٺا ۽ پيا لکن ۽ من! مون کي جي جيليس ٿيڻو هجي، ته بابا! مان ته شاهه لطيف کان ٿيان، دوستو وسڪي کان ٿيان نه ته اِهي ائين ڪيئن ٿي ويا، مان ڇو نه ٿيس....؟ ۽ ٻيو ته ادب ۾ ڀاءُ مان casual way ۾ نه آيو هان. مان شاهه تي جيڪو پڙهان ويٺو ته sorry!! ان جي آڏو اِهي دائود پوٽڙا ڪجھه ڀي نه آهن، ڪجھه ڀي نه آهن، اسين نئين دؤر ۾ آيا آهيون. ساري دنيا جو علم ادب اسان هتي گڏ ڏٺو آهي ۽ هو ته من عربي ٻربي پڙهي، شمس العماء ٿي ويا. بس انهن ۾ قليچ، ماڊرن ماڻهو هو جنهن کي خبر هئي ته بيڪن ڇا هو، ڪير هو؟ ۽ ويچاري دائود پوٽي کي ته خبر ئي ڪانه هئي ته لارڊبيڪن ڪير هو، ڇا ڪندو هو( نوٽ اهيو خيال آغا صاحب جو عجيب ٿو لڳي، ۽ مون اهيو هت پاڻ ڏٺو آهي ته آغا پاڻ کي ٻين کان سُپيريئر يا مٿاهون سمجهندا آهن، ۽ آغا صاحب کي سنڌ جي محب بيباڪ فزند شمس العماء علامه ڊاڪٽرعمر بن محمد دائود پوٽي رح جهڙي ماياناز چوٽي جي عالم، اديب، محقق لاء ائين چوڻ مناسب نه ٿو لکي ۽ آغا صاحب جي انهيء جواب مان لڳي ٿو ته آغا صاحب علامه صاحب سان جيلسي پيا ڪن۔ جيڪا ڳالهه ڪا چڱي ڳالهه نه آهي جڏهن ته پاڻ مٿي اهيا هام به هڻي آيا آهن ته مان جيليسي کان مٿاهون ماڻهون آهيان۔۔ ۔۔۔۔ ۔۔۔۔ممتاز علي وگهيو )‌.
    اسحاق سميجو: توهان بحيثيت رائيٽر پنهنجي ڪهڙي ادبي ڪم کي پنهنجو اهم ادبي ڪنٽريبيوشن سمجهو ٿا، ته هي ڪم مون سٺو ڪيو آهي...
    آغا سليم: مان سمجهان ٿو ته، مان جيڪو شاهه سائينءَ تي ڪم ڪيو آهي يا ڪيان ٿو ويٺو، اهو سٺو پيو ٿئي. جيئن مون ڀٽائي صاحب کي Discover ڪيو آهي، اهو دراصل اهو ڪم آهي، جنهن لاءِ مون کي فخر محسوس ٿيندو آهي.
    اسحاق سميجو: آغا صاحب، پنهنجي ناولن لاءِ هي جيڪي ڪردار اوهان گهڙيا آهن. تاريخ ۾ ڪٿي ٽڪرايا آهن اوهان سان يا محض تصوراتي آهن؟
    آغا سليم: هڪڙا ته ڪئريڪٽرس اهڙا ٿيندا آهن، جيڪي توهان پنهنجي Life ۾ ڏسو ٿا، پوءِ توهان انهن مان ڪن کي آئيڊيلس ڪري انسان جي صورت ڏيئي ڇڏينداآهيو، پر منهنجي ناولن جا اِهي ڪردار جيئرا ڪردار ڪو نه آهن. اِهي منهنجي ذهن جي پيداوار آهن. منهنجا آئيڊيل ايگو جا پڙاڏا آهن. يعني اِهي منهنجا پنهنجا گهڙيل آهن. ڏٺل يا ڪٿي پڙهيل ڪردار ڪو نه آهن.
    طارق عالم: ڀلا توهانجو پنهنجي ناول ’اڻ پورو انسان‘ واري هيرو جي باري ۾ ڇا خيال آهي؟
    آغا سليم: Yes... اهو ڪردار محض تصوراتي، يا ذاتي گهڙيل ڪردار ناهي، اُهو منهنجي مشاهدي ۾ آيل ڪئريڪٽر آهي، جنهن کي مون پنهنجي انداز سان ٽريٽ ڪيو آهي.
    اسحاق سميجو: توهان ڪتابن جا اهڙا عنوان ڪيئن ٿا سوچيو. ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘، ’پن ڇڻ ۽ چنڊ‘. ’چنڊ جا تمنائي‘ ۽ منهنجي خيال ۾ اِهو پويون عنوان ته، ڪنهن اردو شاعر جي ڪنهن نظم تان کنيل آهي.
    آغا سليم: اِهو عنوان مون، ابِن انشا جي هڪ نظم جي عنوان تان کنيو هو، جو اِهو عنوان منهنجي هڪ افساني لاءِ بلڪل موزون هئو، ٻيو ته جنهن وقت آئون پنهنجي ڪنهن لکڻيءَ جو عنوان رکندو آهيان ته ڪو پڙهندڙ منهنجي ذهن ۾ ڪو نه هوندو آهي. مان ايگوئسٽ آهيان ۽ پنهنجيءَ پسند ۽ مواد سان ٺهڪندڙ ڪو عنوان تجويز ڪندو آهيان.
    اسحاق سميجو: لکڻ وقت اوهان جي ذهن ۾ ڪير هوندو آهي؟
    آغا سليم: منَ! ان وقت به، آئون ئي پنهنجي آڏو هوندو آهيان ۽ مان پنهنجو پاڻ سان هم ڪلام هوندو آهيان. ڇو ته پنهنجو وڏو نقاد به ان وقت آئون پاڻ هوندو آهيان.
    نصير مرزا: توهان کان منهنجو هڪڙو رومينٽڪ سوال آهي ته اوهان سوير فريد اکين بابت شعر پڙهيو، جنهن ۾ ڪانگ کي چيل هو ته اهي اکيون نه کائجان، جو انهن کي، ڪنهن کي ڏسڻ جي حسرت آهي. اوهان جي اکين ۾ بار بار ڪنهن کي ڏسڻ جي ڇا ڪا حسرت موجود آهي؟
    آغا سليم: ] آغا صاحب ان سوال تي گومگو جي ڪيفيت ۾ رهي، ڪي گهڙيون هيڏانهن هوڏانهن گهوريندو رهيو ۽ پوءِ چوڻ لڳو[ هاڻي منَ!... ]۽ ان کان پوءِ خاموش ٿي هٿن سان اشارن ئي اشارن ۾ ڄڻ چوڻ لڳو[: ”ڪو به نه!“
    نصير مرزا: ته... ان جو مطلب دنيا مان توهانجا معشوق محبوب سڀ ختم... فنش...] ۽ ان جواب تي آغا صاحب سان گڏجي ٽهڪ ڏيئي، اسين سڀ کِلندا ٿا رهون.[
    آغا سليم: ڏسو من، فلاسفيڪل چوڻي آهي ته:
    Every thing changes except law of change
    اقبال به چيو هوته:
    اڪ ثبات هئ تغير ڪو بس... سو ثبات صرف تغير (تبديليءَ) کي آهي ۽ هر شيءَ تبديل ٿيندي ٿي رهي، يعني اڄ جنهن جي مرڪ ماري ٿي، سڀاڻي ان جي مرڪ زهرلڳڻ شروع ٿي ويندي، ۽ سوچبو آهي ته هيءَ آهي اُها، جنهن لاءِ زندگي وڃائي سين پئي.
    نصير مرزا: ڀلا ڪو اهڙو دل گهريو دوست ’جيئن آئون طارق عالم کي ڏسندو آهيان ته خوش ٿيندو آهيان‘ اوهان جو به اهڙو دل گهريو آهي؟
    آغا سليم: منَ! منهنجي زندگيءَ ۾ ناڪاميءَ جو هڪڙو سبب هي به رهيو ته مان هيومن رليشنس ۾، marked adjustment جو شڪار رهيو آهيان، نه ته سچ ٿو ٻڌايانَو ته ڪڏهن ڪڏهن پاڻ پڏائڻ جي به موڪل هجي ته چوان ته:”مان پاڻ جهڙو گهٽ ۾ گهٽ سنڌ ۾ ڪنهن کي به ڪو نه ٿو ڏسان.“
    ٿورو وقت ٿيو جو مون ڪراچيءَ ۾ نثار ميمڻ کي به چيو هو ته، ائين به ناهي، ۽ پاڪستان ۾ ڪي هوندا مون جهڙا، پر شين جي باري ۾ جيئن منهنجا Views آهن شاهه صاحب جي باري ۾، ڪنهن وٽ به نه هوندا ۽ جهڙو مون شاهه تي ڪم ڪيو آهي، ڪنهن نه ڪيو هوندو.
    علي دوست عاجز: موسيقي سان به توهان جو عشق آهي، ان بابت ٿورو ڳالهايو ۽ سر سهڻيءَ بابت به ڪجهه ٻڌايو...
    آغا سليم: ڪو گويو مرندو آهي ته ٻيا گويا سُر سهڻي ڳائيندا آهن، خبر ناهي ان جو سبب ڇا آهي؟ جو هڪڙو ته سهڻي يا سريراڳ جڏهن ٻڌبو آهي، ته، انهن ۾ماتم جهڙي ڪيفيت محسوس ٿيندي آهي ۽ مان ڀانيان، ته اِهي ماتمي سُر آهن، ۽ ٻيو ته اها موسيقيءَ جي دنيا ۾ روايتس به آهي ته، وڏو گويو جڏهن مرندو آهي ته، سارنگي نواز سارنگيءَ تي ’سر سهڻي‘ وڄائيندا آهن. عجيب اتفاق آهي، ته شاهه صاحب به جڏهن وصال کان اڳ هجري ۾ وڃي ويٺا هئا ته فقراء کي چيائون ته ’سهڻي راڳ‘ ڳايو ۽ ان دؤران پاڻ وصال فرمايائون. ها! اِهو به ياد رکڻ کپي ته گويا، جيڪو وفات وقت سهڻي سر ڳائيندا آهن، ان ۾ سهڻي ميهار جي قصي جو ذڪر ڪو نه ڪندا آهن. اُهي رڳو راڳ سهڻي ڳائيندا آهن، ائين راڳ ’پِيلو‘ به اهڙيءَ صورتحال ۾ ڳائيندا آهن، ڳائڻ وارا.
    طارق عالم: توهان جي پسند جو ساز ڪهڙو آهي؟
    آغا سليم: ميوزڪ برابر ته منهنجو پسنديده سبجيڪٽ آهي، پر ڪنهن ساز بدران، منهنجو روح راڳ سان وڌيڪ ريڌل رهي ٿو ۽ ڪنهن ساز بدران راڳ مون کي ڏاڍو وڻندو آهي ۽ ڪوئي راڳي راڳ اڃا شروع مس ڪندو آهي ته مان مري پوندو هان ۽ جيڪو راڳ صفا ماري وجهندو آهي، اُهو آهي راڳ درٻاري!
    ان راڳ جي آروهي/امروهي ئي ڇا، اهڙي راڳ يا بندش جي خوشبوءِ ۾ رچيل، جيڪي گيت/ غزل آهن، مون کي اِهي به ڏاڍا وڻندا آهن. مثال طور ڪنهن پنجابي فلم ۾ نورجهان جو گيت آهي ’جدون هولي جَئي، ليندا ميرا نان، مين ٿان مرجاڻيان‘ يا جيئن مڪيش جو ڳايل فلمي گيت آهي، ’دل جلتا هئ تو جلني دي، آنسو نه ها، فرياد ڪر“ يا وري ”ڪيندي نئ نينان، ميرئ ڪو بهه نا“‘ ... سو مَن راڳ درٻاري ۾ جيڪو Granduer آ... ڪهڙي ڳالهه ڪريان مان اُن جي...
    طارق عالم: سُريا موسيقي ڇا آهي، اوهان جي نظر ۾؟
    آغا سليم: ميوزڪ به تصوف وانگر هڪڙو وڏو سبجيڪٽ آهي، وڏي فلاسافي آهي، وڏو علم آهي، ۽ اُهو محض، ’الو ميان‘ يڪتارو ۽ چپڙي ناهي، يا موسيقي چرس جو سوٽو ڪونهي. هندستان ۾ موجود گائڪن سان گڏ پرٽيڪيولرلي اسان جي لطيف سائين وٽ جيڪو موسيقيءَ جو وسيع علم آهي، ان سان به منهنجي وڏي دلچسپي آهي.
    نصير مرزا: اوهان جيترو ڪم ڪيو آهي، سمجهو ٿا ته ان جي اوهان کي اوتري موٽ به ملي آهي؟
    آغا سليم: مان Basically فڪشن رائيٽر آهيان، ۽ فڪشن رائيٽر طور مون کي جيڪا سنجيده حلقن وٽان مڃتا ملي آهي، سا ڀانئيان ٿو ته اهڙي سنڌ ۾ شايد ئي ڪنهن کي مليل هوندي. مان ان مان بلڪل ئي Satisfy آهي ۽ سنڌي قوم کان پنهنجي بي قدريءَ بابت ڪنهن به قسم جي ڪا ئي شڪايت ڪانهي مون کي، مان هميشه چوندو آهيان، ته سنڌي قوم جهڙو پنهنجي اديب جو قدر ڪري ٿي، ڪا به قوم دنيا ۾ ائين نٿي ڪري. مون ڪين جهڙي ماڻهوءَ جي لکيل ناول ’اڻ پورو انسان‘، ’همھ اوست‘ يا ’اونداهي ڌرتي روشن هٿ‘ جي Behalf تي پڙهندڙ مون سان جيڪو پيار ٿا ڪن... اِهو منهنجي لاءِ وڏي موٽ وانگر آهي. ان جي لاءِ آئون سندن ٿورو مڃان، گهٽ آهي.
    اسحاق سميجو: توهان ڀانئيو ٿا ته توهان جي جيڪا ٽهي آهي، ڇا اها پنهنجي سماج کي ڪجهه Deliver ڪري سگهي آهي؟
    آغا سليم: گهڻو تمام گهڻو (آغا صاحب اتساهه سان ٻڌائي ٿو) سماج ان کي Receive نه ڪيو هجي، ته اِها ٻي ڳالهه آهي پر اهو هر حالت ۾ مڃبو ته سنڌي سماج، اسان واري ٽهيءَ جي روشن خيال ادب جي، رستي تي تمام گهڻو اڳتي وڌيو آهي.
    اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ تاريخ ۽ تاريخيت جي ڇا معنيٰ آهي؟
    آغا سليم: مان هميشه هڪڙو مثال ڏيندو آهيان ته اسين پڙهون نٿا. اسين سمجهون ٿا ته اسان هيمنگوي کي پڙهيو ته ڄڻ ساري ڪائنات کي پڙهي ورتوسين. چيخوف کي پڙهيوسين ته، ڄڻ سڀ ڪجهه پڙهي ورتوسين. سوشالاجيڪل پروگرام اسان جا ڪهڙا آهن؟ انهن جي اسان کي ڪا به خبر ڪانهي، مثال طور...! ٽوئن بي چيو آهي ته هڪڙا ماڻهو گرم علائقي جا هئا. اهي اتان شڪار جي تلاش ۾ نڪتا ۽ پهاڙي علائقي ۾ آيا. کين خبر ئي نه هئي ته هتي سِيءَ تباهي وارا ايندا آهن، انهن اتي سيءَ ڏٺا ته چريا ٿي پيا، ته هي الائي ڇا آهي؟ جِنُ يا ڀوُت‘! صورتحال اِها ٿي ته ڪي اُتي مري ويا، ڪي واپس ڀڄي ويا، ۽ جيڪي اُتي رهي پيا، انهن ڇا ڪيو جو ڍڳا ڪُهي انهن جي کل ويڙهيائون، کڏون کوٽي انهن ۾ وڃي لڪي ويٺا ۽ They Created Civilization پوءِ انهن مان ڪن ماڻهن سيڪ لاءِ پهريون ڀيرو باهه ايجاد ڪئي. فلاسافي جي تاريخ اهڙي عمل جي لاءِ لکيو آهي:Challenges reproduces معنيٰ ڪنهن قوم کي جڏهن Challenges سامهون ايندا آهن ته اُهي انهن کي ائين Respond ڪندا آهن، جو حالتن جو مقابلو ڪندا آهن يعني سيءُ ٿو پوي ته هاڻي مان ڇا ڪريان؟ اِهو Challenge آهي، ان جو رسپانس اِهو هوندو ته ڪمبل ويڙهيان، باهه ٻاريان، يعني Challenges ۽ Responses هڪڙي وڏي ٿيوري (Theory) آهي. اسان اڃا ان سلسلي ۾ پٺتي آهيون. ان قصي مان پتو پيو ته هڪڙا ته موٽي ويا، ٻيا مري ويا ۽ جن Adjust ڪيو ۽ حالتن ۾ رهي جيئڻ جو سامان پيدا ڪيو، اهي ئي ڪامياب ٿيا. هاڻي ان ڳالهه ٻڌائڻ جو مقصد اِهو هو ته اسين جيڪي سنڌي قوم جا ماڻهو آهيون نه... موٽي ويلن وانگر آهيون، يعني موجوده حالتن ۾ Challenges کي Response گهٽ پيا ڏيون. مثال طور 712ع ۾ سڀ کان وڏو جيڪو Challenge هئو، اُهو عربن جي آمد هو، هو آيا ۽ رهي پيا. هتي سوال ٿو اڀري ته انهن کي اسان ڪيئن Response ڪيو. اهو اسان هنن سان وحدت الوجود جي فلاسافيءَ ] يا اسماعيليت سان[ ڪيو ۽ اهو نظريو عربن جو تصور ئي ڪونهي، يا اسلام جو ايجاد ڪيل ئي ڪونهي، اهو وحدت الوجود جو نظريو- اسان وٽ هتي دُوئي جو تصور هو يعني خدا جدا آهي ۽ ڪائنات جدا آهي، خالق جدا آهي ۽ مخلوق جدا آهي. آرين فلسفو وري هي هو ته خالق ۽ مخلوق هڪ آهي ۽ اِهو هتان جي ماڻهن جو لوڪل Belief هئو، فلاسافي هئي، جنهن کي Cemetic Civiliazation، يا سيمسٽڪ ٿاٽ به چئبو آهي. ان کي Response ائين ڪيوسين ته ان کي رد ڪيوسين. اسان چيوسين ’نه‘ وحدت الوجود يعني صوفي تصوف اهو ئي آهي ۽ اهو عجمي آهي، عربي ناهي، ۽ هاڻي عجمي معنيٰ ڇا!؟ ته عجمي معنيٰ Non Arbic سو ائين چوڻ جو هتي مقصد ته اسان جي جيڪا درواڙن جي تاريخ آهي، اُها صحيح صحيح لکجڻ گهرجي. تاريخ اِها ناهي ته، ڊونگرکان پوءِ ڏونگر ويٺو ۽ ڏُونگر کان پوءِ چوُنگر ويٺو. اِها ناهي تاريخ ۽ تاريخيت!! منهنجو خيال آهي ته هتي سومرا دؤر، سنڌ ۾ هڪ نهايت اهم دؤر آهي. اسان کي ان دؤر جي به صحيح ۽ تفصيل سان تاريخ لکڻ گهرجي.
    نصير مرزا: سنڌ جي جيڪا موجوده ٽهي لکي پيئي حاضر دؤر ۾، اُن جي اظهار ۾ ڪائي طاقت نظر اچي ٿي اوهان کي، ڪوئي روشن ڪرڻو آهي ان ۾؟
    آغا سليم: (فيصله ڪن انداز ۾ چوندي) I am sorry مون کي نظر ڪو نه ٿو اچي.
    اسحاق سميجو: اڇا- نه نثر- ۽ نه ئي نظم ۾ ] حيرت مان پڇي ٿو[
    آغا سليم: جي ها، ٻنهي ۾ نه! مثال طور موجوده دؤر جي وڏي سمجهندڙ شاعرن ۾ هي امداد... نهايت ئي ميڊياڪر شاعر آهي ۽ ان جو سبب به آهي، جيستائين In Put نه هوندو توهان ۾، Out Put ڪجهه به ڪو نه هوندو. ان ڪري چوان ٿو ته پڙهو ۽ صرف ائين نٿو چوان ته بودليئر کي ويهي پڙهو ۽ سوچيو ته انهيءَ کي ڪاپي ڪرڻوآهي- ’نه‘! مطالعو ڪريو ۽ پاڻ ۾ گهرائي پيدا ڪريو.
    غا سليم: ڊگهي وقت تائين مسلسل ڳالهائڻ کان پوءِ آخر چوي ٿو ادا-هاڻي ٺيڪ ‎ٺاڪ نموني سان ٿڪجي پيا آهيون، گهڻو ڪري ته سوال ختم به ٿي ويا آهن، هاڻي ائين ٿا ويهي ڪچهري ڪريون.]
    اسحاق سميجو: نه نه، مون وٽ اڃا به هڪڙو سوال آهي اهو ٻڌايو ته، سنڌي ادب ۾ تنقيد ڇو ڪونهي؟
    آغا سليم: ] بي ساخته انداز ۾[ اِهو ان ڪري جو سنڌي اديب وٽ علم ڪونهي، جهالت آهي، (جذباتي ٿيندي) منَ! هڪڙي افساني لکڻ سان جڏهن توهان کي شهرت ملي ٿي وڃي ته توهان وڌيڪ ڇو پڙهندؤ ؟هي توهان رڳو ڪراچيءَ مان نطرندڙ هڪڙو رسالو پڙهو... ان مان هي الائي ڪهڙيون ڪهڙيون جزائون نڪري ظاهر ٿي پيون آهن ۽ جيڪي جنهن لاءِ جيئن وڻي ٿو لکنديون رهن ٿيون.
    طارق عالم: صحيح ٿا چئو، مان ته ان ۾ لکڻ ئي پسند ناهيان ڪندو.
    آغا سليم: ]علي دوست ڏانهن اشارو ڪندي[ ادا! تون به ته ڀائو ڪو سوال ڪر نه؟
    علي دوست عاجز: چڱو ڀلا...ٻڌايو ته توهان فطرت جي ڪهڙي رنگ کي وڌيڪ پسند ڪندا آهيو؟
    آغا سليم: مون کي مَن! وڻ وڻندو آهي، گهاٽو وڻ، سرينهن جو وڻ.
    اسحاق سميجو: توهان ڪٿي لکيو آهي ته جي ڌرتيءَ تي ڪنهن شيءَ کي سجدي جي اجازت هجي ها ته اوهان راڪا پوشيءَ پهاڙ کي سجدو ڪريو ها... ته ان جي ڪهڙي ادا کان متاثر ٿي اوهان اِهو لکيو هو.
    آغا سليم: حُسن.. ادا.. حُسن. (آغا صاحب پوري جلال سان جواب ڏيڻ ٿو لڳي) ان پهاڙ جي حسن ۾ ايڏو ته سحر آهي، جو دل ان کي ڏسندي ڍاپندي ئي ناهي-
    اسحاق سميجو: توهان اترين علائقن ۾ رهيا آهيو، اُتي فطرت جو ايترو ته حُسن آهي جو ماڻهو اتان شاعر ٿي موٽندا آهن ۽ اوهان وري اُتان سفرنامو لکي موٽيا! اِهو ڇا؟
    آغا سليم: شاعر هجي يا اديب، اُن جو مرڪز ته ماڻهو آهي نه بابا! ته مون فطرت جي حسن ۾ رنڱيل ماڻهن بابت لکيو آهي، اهو سفرنامو، اوهان چاهيو ته ان کي شاعري سمجهي به پڙهي سگهو ٿا.
    اسحاق سميجو: اڄڪلهه شاعري توهان کان رسي وئي آهي، يا توهان شاعريءَ کي ڇڏي ڏنو آهي.
    آغا سليم: (کلندي) مون کي من سڀ ڇڏي ٿا وڃن ۽ هونئن به سواءِ بيمارين جي، سڀ ئي ته ڇڏي ويندا آهن- آخر ۾!
    نصير مرزا: محمد خان مجيدي کان استاد بخاريءَ تائين، شاعرن جي هڪ ڊگهي فهرست آهي، جيڪي قومي رنگ جا وڏا شاعر ليکبا آهن، اوهان انهن بابت ڇا چوندؤ؟
    آغا سليم: ادا... مون کي ڪا خبر ڪانهي، مون کي رڳو هڪڙي خبر آهي. ته شيخ اياز وڏو شاعر آهي، شاهه لطيف وڏو شاعر آهي. باقي مون کي ٻي ڪا به خبر ڪانهي ته بخاري وارا ڪاٿي بيٺا آهن، يا ڪيترا وڏا شاعرآهن.
    اسحاق سميجو: ادب ڇا آهي؟ ان جي مختصر لفظن ۾ تشريح ڪيئن ڪندؤ؟
    آغا سليم: منَ! ادب اهو آهي جيڪو اوهان جي اسٽيٽڪو کي ختم ڪري، شخصيت کي ٻيو بنائي ڇڏي That is Literature هاڻي توهان جي آڏو هڪڙو شعر ٿو پڙهان، يا ڪو نثر وغيره جي اوهان پاڻ ۾ ڪا تبديلي ٿا محسوس ڪريو ته اِهو آهي ادب!
    اسحاق سميجو: ڪهاڻي کان ناول، ناول کان شاعري، شاعري کان جيڪڏهن ترجمو، ترجمي مٿان وري تحقيق. اِهو سفر ائين ڇو رستا ٺاهيندو ويو؟
    آغا سليم: ادا... ان تخليقي بي چينيءَ لاءِ شاهه سائين جو شعر جواب طور ٻڌو:
    رڃن راهه پڇن،مٿي ڪلهن ڪينرو،
    يا
    سڻي تنهنجا سڏ، ڪلهي پاتم ڪينرو.
    علي دوست عاجز: ڪهڙي قومي سانحي تي اوهان شديد ڏک محسوس ڪيو هو؟
    آغا سليم: مون کي مَن! بينظير ڀٽو صاحبه جي شهادت تي به ڏک ٿيو هو، پر جنهن ڏک مون کي جهنجهوڙي وڌو هو، اُهو شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي شهادت جو ڏک هو. ان ڏک جو سبب اِهو به هو، ته هي ڪهڙي شينهن مڙس کي ماري ڇڏيائون، پوءِ مون سوچيو ته ان جي ڀيٽ ۾ هي اسين ماڻهو ته ڪجهه به ناهيون. ۽ ائين مون، هُن جي شهادت تي، دل سان ڪيڏارو لکيو هو. هتي ان جو اِهو مطلب نه وٺجو ته مان ڪو هُن کي آئيڊيل ليڊر ٿو سمجهان، پر جنهن انداز سان، هُن کي ڦاهيءَ تي چاڙهيو ويو... ان سانحي مون کي لوڏي وڌو.
    اسحاق سميجو: توهان جي نظر ۾ سنڌ جي تاريخ جا سڀ کان وڏا ماڻهو ڪير آهن؟
    آغا سليم: هڪڙو ته منهنجو سائين شاهه لطيف ۽ ٻيو شاهه عنايت شهيد جهوڪ وارو.
    اسحاق سميجو: توهان ادب ۾ پيغام کي اهم ٿا سمجهو يا آرٽ کي؟
    آغا سليم: آرٽ کي]هو فورن وراڻي ٿو[ جنهن کي توهان Presentation ٿا چئو. That is art ۽ ان لاءِ ڪرافٽ به منهنجي آڏو وڏي اهميت رکي ٿو.
    اسحاق سميجو: ويجهڙائيءَ ۾ ڪا تحرير توهان جي نظر مان گذري آهي، جيڪا توهان کي گهڻو وڻي هُجي؟
    آغا سليم: ها! غلام نبي مغل جيڪو تازو ناول ’وطن واويلا‘ لکيو آهي، اُهو مون کي گهڻو وڻيو. That is Wonderfull.
    اسحاق سميجو: پنهنجي لکيل فِڪشن ۾ اوهان خود ڪهڙي انفراديت محسوس ڪندا آهيو؟
    آغا سليم: من، مون ائين ڪيو آهي ته مون پنهنجي تاريخ کي، فڪشن ٺاهيو ۽ ان کي آرٽسٽڪ انداز ۾ ٽريٽ ڪيو آهي ۽ ائين سنڌيت کي فنائتي نموني سان پيش ڪيو اٿم. شاعريءَ جهڙي حُسن سان ان کي بيان ڪيو آهي ۽ ان کي ئي، مان پنهنجي فن جي انفراديت به سڏيان ۽ سمجهان ٿو. منهنجو ايمان آهي ته سماجي تبديلي تقريربازيءَ سان ڪو نه ايندي آهي، اُها ايندي آهي حالتن کي Change ڪرڻ سان، ۽ منهنجو اعتقاد آهي ته زرعي سماج جڏهن ٽرانسفارم ٿي ويندو، صنعتي سماج ۾، ته ڪئين دقيانوسي روايتون بي معنيٰ ٿي وينديون، ۽ فيوڊل سسٽم ختم ويندو. اِهڙو انقلاب، هاڻي سنڌ ۾ ڪير ٿو آڻي يا ڪڏهن ٿو آڻي، ان لاءِ مان ڪجهه نٿو چئي سگهان. بهرحال انقلاب نعري بازيءَ سان ڪو نه ايندو.
    نصير مرزا: گربخشاڻي صاحب کان پوءِ شاهه تي تنوير عباسيءَ جي تحقيق ڏاڍي فائن ۽ فرسٽ ڪلاس سمجهي وڃي ٿي. اوهان جو ڇا خيال آهي؟آغا سليم: هوندي مَن! (بي پرواهيءَ سان وراڻيندي) منهنجو ته هي آهي ته، تحقيقي ڪم هجي يا تخليقي ... ان ڏس ۾ مان هڪڙو Perfectionist attitude رکندو آهيان ۽ اِنهيءَ ڏس ۾ مان پاڻ کي به ڪو نه ٿو مڃان، ته پوءِ ٻئي ڪنهن کي ڪاٿي ڪجهه مڃيندس من!.
    انعام شيخ: ڀلا پرڏيهي عالمن ڀٽائي صاحب تي ڪهڙي معيار جو ڪم آهي؟
    آغا سليم: ڊاڪٽر سورلي ڀٽائيءَ جي باري ۾ پنهنجي تحقيق ۾ جيئنEntro ڏنو آهي، اهڙو ته اڄ تائين ڪير به لکي نه سگهيو آهي ۽ هن تحفة الڪرام وغيره کي Reject ڪري ڇڏيو هو، هن پهريون دفعو ٻڌايو ته Preface هيئن لکبو آهي. سو، سورلي جي ڀٽائي بابت Preface کان سواءِ، ٻيو ڪجهه به چڱو ڪونهي. شاعريءَ جي ترجمي جي جيستائين ڳالهه آهي ته، جيستائين اُهو شعر Feel نه ڪبو، ته ان جو ترجمو به نه ٿيندو. ترجمو به تخليق وانگر Creativity جو ڪم آهي ۽ ائين ئي ٿيڻ گهرجي.
    انعام شيخ: ڇا ڀٽائي صاحب جي باري ۾ هي، جيڪي علمي ۽ ثقافتي ادارا آهن، ڪجهه ڪري سگهن ٿا؟
    آغا سليم: ڪير ڪندو اهو ڪم مٺا سائين؟ ڪيئن ٿا ڪري سگهن هي ادارا، به انهن ۾ ويٺا ئي آهن، اَڌ اکريا... جو ڀٽائي صاحب تي ڪم ڪرڻ واري وٽ وڏو Vision۽ وڏي صلاحيت گهرجي، ۽ ادارن ۾ اهڙن ئي ماڻهن جي کوٽ آهي، مٿان ان جي مرتبن ۽ مؤلفن به ڪو چڱو ڪم نه ڪيو آهي. مثال طور مون جيئن چيو ته سائين جي هر سُر جي بيتن جي ترتيب ۾ Thought Evulation هجڻ گهرجي ها، پر ان ڏانهن ڪنهن مؤلف جو ڌيان ويو ئي ڪونهي.
    انعام شيخ: اهڙيءَ ترتيب جو شعور رکندڙ هن وقت اوهان کي ڪو نظر اچي ٿو!
    آغا سليم: نه من! نه هن وقت ڪو ئي اهڙو عالم مون کي سُجهي ٿو ۽ نه ئي ويجهي مستقبل ۾ ڪو اهڙو پيدا ئي ٿيندو نظر اچي ٿو.
    انعام شيخ: آغا صاحب توهان تي سنڌ جي آجپي جي ڪا واٽ نظر به اچي اچي ٿي يا ويجهي مستقبل ۾ ڪو ڪو ڇوٽڪارو نظر اچي ٿو؟
    آغا سليم: نه- Sorry! مون کي ته ڪو ڇوٽڪارو نظر نٿو اچي.
    انعام شيخ: ڇا ان ڏس ۾ قدرتي طور تي ڪا شيءَ ٿي سگهي ٿي ڇا؟
    آغا سليم: الائجي من!! اڳي زماني ۾ معجزا رونما ٿيندا هئا، هاڻي ته اُهو زمانو ئي ختم ٿي ويو آهي.
    انعام شيخ: ڇا 21 هين صديءَ جي آخر ۾ به، ڀانئيو ٿا ته اسان جي هيءَ سنڌ، ائين ئي هوندي ثابت ...سالم جيئن هن وقت آهي؟
    آغا سليم: جاگرافيڪلي ته هوندي... ۽ ان کي ڪير به چينج ڪري نٿو سگهي.
    انعام شيخ: اوهان جي اولاد مان ڪنهن جو ادبي ذوق آهي؟
    آغا سليم: مون انهن ۾ اهڙو ذوق پيدا ٿيڻ ئي نه ڏنو. وڏي پٽ کي هڪ دفعي ڏٺم، ته هڪ ٽاري ٻي کڻي آيو، چيائين ڏسو هن هڪ ائبسٽريڪٽ آرٽ جو نمونو پيو نظر اچي. هڪ دفعي اياز جو شعر پڙهيائين ته هوشو شيديءَ تي نظم لکي آيو، مون ان تي چيو مانس ته، ڏس پٽ، تنوير عباسي نه ٿجانءِ. نه سٺو شاعر ڊاڪٽر...۽ ڳالهه ٻڌ... يا سٺوشاعر ٿي ڏيکار يا سٺو ڊاڪٽر... ۽ هڪڙي ڳالهه جي چونڊ ڪر، ته هو ائين شاعري ڇڏي ويو.
    نصير مرزا: آغا صاحب... ڪنهن به ماڻهوءَ کي ڪيتري ڄمار تائين جيئڻ گهرجي، سؤ سال، ٻه سؤ سال...؟
    آغا سليم: ] بي پناهه خوش دليءَ سان ٽهڪ ڏيندي[ هاڻي من.. ڪيئن اوهان کي ٻڌايان ته... بس سمجهو ته جيسيتائين مرد جي مردانگي ختم نه ٿئي، تيسيتائين ان کي جيئڻ گهرجي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو