• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌي وسندين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو؟

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
هونئن ته حيدرآباد پنهنجي هڪ ڊگهي تاريخ رکي ٿو پر هن حيدرآباد ۾ 1988ع ۾ جڏهن لساني جهيڙا ٿيا ته سنڌين جي وسندي قاسم آباد وجود ۾ آئي، شهر ۾ جتي اردو آبادي جي گهڻائي آهي ان علائقي جو نالو شاهه لطيف آباد آهي ۽ محمد بن قاسم جي نالي منسوب ٿيل قاسم آباد وري سنڌين جي اڪثريت جو علائقو آهي، جنهن جي شايد سزا به اها آهي ته اتي سنڌي اڪثريت ۾ رهن ٿا، جتي ايس ٽي پي سربراهه ڊاڪٽر قادر مگسي موجب ايترا پلازا ٿي ويا آهن جو هاڻي قاسم آباد ۾ قبر لاءِ به جاءِ نٿي ملي، جڏهن ته هن آبادي جا اجڙيل رستا، پيئڻ جي پاڻي ۽ نيڪال جو ناقص نظام، بدامني، ڀتي خوري ۽ انتظامي لاپرواهي سبب ڏتڙيل سنڌين جو هي علائقو به ڏتڙيل بڻيل آهي، توهان جيڪڏهن حيدرآباد شهر جي مختلف حصن جو دورو ڪرڻ بعد قاسم آباد ۾ داخل ٿيندا ته ائين لڳندو جهڙو کنڊرات ۽ آثار قديما جي ڪن نشانين واري علائقي ۾ هلي رهيا آهيو، هر طرف تباهي، گندگي، ڊگهين بلڊنگن پر ان جي نيڪال جو ڪوبه بندوبست نه هئڻ ڪري گندي پاڻي ۾ گهيريل ۽ ٻين انيڪ مسئلن قاسم آباد کي ننڌڻڪن جو شهر بڻائي ڇڏيو آهي ۽ ضلعي انتظاميا به هن اهم علائقي جتي سنڌ جي ڪريم رهي ٿي جي بهتري لاءِ ڪي به اپاءُ وٺڻ لاءِ تيار ناهي، حيدرآباد ۾ هينئر بجلي جي اڻ اعلانيل لوڊشيڊنگ ۽ ان ڪري پيئڻ جي پاڻي جي پيدا ٿيل کوٽ به شهرين کي ٻٽي عذاب ۾ وجهي ڇڏيو آهي، 8 کان 10 ڪلاڪ بجلي بند هئڻ ڪري شهر کي پاڻي فراهم ڪندڙ ادارو ”واسا“ به بجلي جو عذر ڄاڻائي پاڻي فراهمي ۾ سستي ڪري رهيو آهي، جنهن ڪري حيدرآباد جا شهري پيئڻ جي پاڻي لاءِ سخت پريشان آهن، حيدرآباد جي رستن تي هينئر لطيف آباد جي ديهه ملهه ۽ مهراڻ جا رهواسي به احتجاج ڪري رهيا آهن، جن جي قديم ڳوٺن ۽ ڳوٺن جي زمين سنڌ جي وڏي وزير 40 رپيا في ايڪڙ جي حساب سان 738 ايڪڙ زمين حبيب شگر ڪين کي 99 سالن جي مالڪاڻن حقن جي ليز ڪري ڏئي ڇڏي آهي، جنهن ڪري صدين کان آباد ڳوٺاڻن جن کي هارپي لاءِ زمينون ڏيڻ گهرجن ها پر هاڻي ته انهن کان اجهو به کسجڻ جو خدشو آهي، اهڙي انتظامي ناانصافين جنهن جو ڪوبه قانوني جواز نه ٿو ٺهي ماهرن موجب ڄاڻايل ديهن جي الاٽ ڪيل زمين ڪچي جي زمين آهي، جيڪا بند مينوئيل روينيو ڪوڊ توڙي روينيو ايڪٽ جي حساب سان غير قانوني عمل آهي، ڇاڪاڻ ته درياءَ جي ڪچي جي زمين 99 سالن جي ليز تي نٿي ڏئي سگهجي، ڪو وقت هو حيدرآباد پرامن شهرن مان هڪ هو پر هاڻي حيدرآباد ۾ ڏوهي وارداتن ۾ خاطر خواهه واڌ آئي آهي، روز گهرن ۾ ڦورو داخل ٿين ٿا، ڦرلٽ ڪن ٿا، چور چوريون ڪن ٿا ۽ هٿياربند راهه ويندڙن کان ڦرلٽ ڪري مزاحمت ڪندڙ کي گولين جو کاڄ بڻائين ٿا، ائين لڳي رهيو آهي ته حيدرآباد جي امن کي ڪنهن جي نظر لڳي وئي آهي، جتي هاڻي ڪوبه شهري محفوظ ناهي رهيو.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: سنڌي وسندين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو؟

ادا زبردست مضمون آهي ۔لک لائق
پر ادا اوهان سنڌين جو اڪثريت وارو علائقو لکيو آهي ، ٻيو وري محمد بن قاسم جي نالي سان منصوب لکيو آهي۔ پر ڪجه ڏينهن اڳ سائين امر جليل جي مضمون ۾ سائين هن کي رد پيو ڪري ۔ يار اسان پريشان ٿي ويا آهيون ۔


مون ڪنهن مضمون ۾ “علائقو لکيو ته دوست ناراض ٿي پيو هاڻ وري اوهان علائقو لکيو ته اوهان سان ڇا ٿيندو سو ڏسون ٿا۔ الله خير ڪندو ۔

ٻيو محمد بن قاسم واري تحقيق کي به ڏسون ٿا ته ڪئين ٿي ٽيڪا ٽپڻي ٿئي ٿي دوستن طرفان۔

منهجي نيڪ خواهشات آهن ۽ مضمون سان اتفاق پڻ آهي
 
جواب: سنڌي وسندين سان ماٽيلي ماءُ وارو سلوڪ ڇو؟

ادا زبردست مضمون آهي ۔لک لائق
پر ادا اوهان سنڌين جو اڪثريت وارو علائقو لکيو آهي ، ٻيو وري محمد بن قاسم جي نالي سان منصوب لکيو آهي۔ پر ڪجه ڏينهن اڳ سائين امر جليل جي مضمون ۾ سائين هن کي رد پيو ڪري ۔ يار اسان پريشان ٿي ويا آهيون ۔


مون ڪنهن مضمون ۾ “علائقو لکيو ته دوست ناراض ٿي پيو هاڻ وري اوهان علائقو لکيو ته اوهان سان ڇا ٿيندو سو ڏسون ٿا۔ الله خير ڪندو ۔

ٻيو محمد بن قاسم واري تحقيق کي به ڏسون ٿا ته ڪئين ٿي ٽيڪا ٽپڻي ٿئي ٿي دوستن طرفان۔

منهجي نيڪ خواهشات آهن ۽ مضمون سان اتفاق پڻ آهي



ادا توهان پريشان نه ٿيو جيڪو ٿيو اهو ڏٺو ويندو باقي توهان جي نيڪ خواهشات ۽ اتفاق ڪرڻ تي مهرباني

نوٽ جتان مون مضمون کنيو آهي ان جي لنڪ به ڏنل آهي ٿورو غور سان ڏسندا

سدائين گڏ
 
Back
Top