افتخار علي چوهاڻ
سينيئر رڪن
مستشرقين
استشراق جي لغوي معنى آهي مشرقي ٿيڻ ۽ نئي اصطلاح ۾ استشراق مان مراد مغربي قومن جو مشرقي قومن ۽ هنن جون زبانن . هنن جا آداب ۽ علمي خصوصيون ۽ عادتون ۽ هن جي عقيدن ۽ نظرين جو مطالعو ڪرڻ آهي .
نائين ۽ ڏنهين صدي کان اڳ جٿي بغداد ، قاهره ، مدينه ، ڪوفه ، بصره علم ۽ دانش ،حڪمت ۽ معرفت جون لاٽون ڦٽن پيون ، ٺيڪ هن وقت مغرب جهالت ۽ ناداني جي تاريڪين ۾ ٻڏيل هيو . تهذيب ۽ ثقافت ، لياقت ۽ قابليت ، شرافت ۽ انسانيت ، اخلاق ۽ اقدار جنهن سان مشرقي معاشرو شرسار هيو . هن جو ٿورڙو حصو يا ته گرجن ۾ موجود مسڪين پادرين کي مليل هيو جيڪي پنهجي دعوى مطابق علم ۽ عرفان جا دعويدار هيا يا
هنن اميرن ۽ رئيسن جنهنن انساني اقدار جي ڪچليل لاشن تي بلند ماڙيون تعمير ڪيون هيون . اهي ئي ماڻهو پنهجي رعايا لاءِ علم ۽ ڪتابن کي زهر قاتل سمجهندا هئا .
احساس ڪمتري ۽ ظلم اسبداد جي چڪين ۾ پسيل مغربي قومون جڏنهن مشرقي علمن ۽ فنن جي روشني جي ڀرمارکي ڏٺو ته هنن جا عقل ۽ ذهن ۾ پيل جهالت جا پردا کڄڻ لڳا ۽ هنن جو اکيون اسان جي قيمتي متاع جي نفع جي ڳولا ۽ جستجو ۾ پئجي ويا. حقيقت ۾ هنن هن قيمتي گوهر کي عربن وٽ پاتو . چنانچه مغربي قومون ترقي جو راز عربي زبان ۾ جاتو ۽ اڻٿڪ محنت سان ڪمال حاصل ڪيو . اهڙن ماڻهن کي مستشرقين جي
نالي سان ياد ڪيو ويندو آهي . عربي ٻولي جي ارتقاء ۾ هنن ماڻهن جا ناقابل فراموش ڪارنامه پڻ آهن .
1130 عيسوي ۾ پشب ريمانڊ جي زير سرپرستي ”طليطله“ ۾ هڪ تعليم گاھ جي بنياد پئي .جنهن ۾ عربي ڪتابن کي لاطيني زبان ۾ منتقل
ڪيو ويندو هيو . ٿورڙي عرصي ۾ لڳ ڀڳ چار سوڪتابن جو ترجمو ڪيو ويو .. جن ۾ گهڻو ڪري ، امام رازي ، ابو قاسم زهرائي ، ابن رشد ۽ ابن سينا جي ڪتاب شامل آهن ، جيڪي 5 يا 6 صدين تائين يورپ جي يونيورسٽين ۾ نصاب اندر داخل هيو .
وقت جي تبديلي سان اشتراقيت جا معنى ۽ مفهوم به بدلجڻ لڳا ۽ هن جو دائري ڪار عربي ۽ مشرقي تهذيب ۽ ثقافت سان استفادي تائين محدود نه رهيو بلڪه هنن جو مقصد تجارتي ، استعماري ۽ دين جي تخريبڪاري جي تحقيق ۽ تلاش بڻجي وئي . چنانچه مشرقي علم جي نئي شروعات (ترقي جي) کوج ۾ هن جي آدابن کي منصه شهود ڏيڻ لاءِ هنن جي فنن کي سامهون آڻڻ لاءِ پنهنجو نصب العين بنايائون . هن غرض سان هنن مخطوطه (اڻ ڇپيل )
مواد جمع ڪيا ، نهايت نفيس ۽ معياري ڪاغذ جا ڪتاب ڇاپيا ويا . متون جي باريڪ علمي تشريحون لکيون ويون . نالن ، موضوعن جي اعتبار سان هنن جا لکيل ”وچور“ تيار ڪيا ويا .
تفسير ، حديث ، سير ، فقه ،لغت ، ادب ، منطق ،فلسفي تي نهايت قابل قدر ڪم ڪيائون .جئين ته مستشرقين بنيادي طور تي دهريه ، يهودي ۽ عيسائي عقيدن جا حامل هيا تنهن ڪري بغض ۽ دشمني ۾ اچي ڪري ڪاٿي ڪاٿي علمي خباثتن جو جاڻي ۽ اڻ ڄاڻائي ۾ اوڻاڱيون ٿي ويون آهن .
هيٺ چند مستشرقين جو مختصر تعارف ڪيو ٿو وڃي.
فرانس جا مشهور مستشرقين؛
11) ويٽر (vetter) سن 1667 ء ۾ وفات ڪيائين. ڪجه اسلامي ڪتاب فرينچ زبان ۾ منتقل ڪيائين . جن ۾ ابنسينا جي (امراض عقليه) طغراني جو (لاميه) شامل آهن
(2) sedillot سن 1832 ء ۾ وفات ڪيائين .عربن وٽ هي شخص علم فلڪيات جو ماهر کوٽجي ٿو . هن ابن القيم جي ڪتاب ”نبذة في الهند “ جو ترجمو ڇاپيو.
(3) ديپاريڀال . سن 1835 عيسوي ۾ وفات ڪيائين . هن صقيله جي مسلان بادشاھ جي تاريخ لکي ” سبع معلقات “ ۽ ” مقامات حريري“ جو فرامسيسي ۾ ترجمو ڪيو.
جرمني جا مستشريقين
فريڊڪ 1841 عيسوي ۾ وفات ڪيائين .بون ڪاليج ۾ استاد هيو . ڪجه ڪتابن جو ترجمو جرمني ۾ ڪيائين جن ۾ دياون حماسه ، ابن نديم جي ”زبدة الطلب في التاريخ الطب “ ۽ ابن عربشاھ جي ”فاڪهة الخلفاء “ شامل آهن ۽ عربي لاطيني ۾ 4 جلدن ۾ ضخيم لغت مرتب ڪيائين .
نوٽ؛ هن مضمون کي اڃان به وڌائڻ جو پروگرام هيو پر انشاءالله وري ٻئي ڪنهن موقعي تي هن مضمون کي نئي اسلوب ۽ انداز سان لکبو . اميد آهي دوستن کي ضرور پسند ايندو ۽ علم ۾ واڌاري جو سبب بڻجندو.
سنڌيڪار افتخار علي چوهاڻ
مڪالمة بين المذاهب
تاريخ الادب العربي / احمد حسن زيات
العلمانية سفر به عبدالرحمان الحوالي
اردو انسائڪلوپيڊيا ، معجم اسماء المستشرقين
المنجد في اللغة والاعلام
الصراع بين الفڪرة الاسلامية والفڪرة الغربية/النووي