فيسبوڪ جي بانيءَ جو اڪائونٽ هيڪ۔۔۔

'آئي ٽي بابت تازيون خبرون' فورم ۾ مست طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    [JUSTIFY]
    انٽرنيٽ هجي ۽ هيڪنگ هجي اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي۔۔ ڪڏهن ايميل جي هيڪنگ، ڪڏهن بينڪ اڪائونٽ جي هيڪنگ، بس مطلب ته ننڍي وڏي هيڪنگ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو پسنديده مشغلو آهي۔ پر اڄ ڪلهه هيڪنگ ڏوهاري دنيا جي لاءِ ڪمائي توڙي ڪنهن کي تنگ ڪرڻ جو بهترين ذريعو بڻيل آهي۔۔ فيسبوڪ جي باري ۾ عام طور تي تاثر اهو آهي ته ان جي سيڪيورٽي ايتري مضبوط نه آهي۔۔ ان بابت ماڻهن جو شڪ يقين ۾ تڏهن بدلجي ويو جڏهن ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جا اڪائونٽ هيڪ ٿيا۔۔ 26 جنوريءَ جي ڏينهن فيس بوڪ جي باني مارڪ زربرگ جو فيس بوڪ جو اڪائونٽ پڻ هيڪ ٿي ويو۔۔ مطلب ايئن کڻي سمجهجي ته ”پوليس جي آءِ جيءَ“ جي گهر ئي ڌاڙو لڳي ويو۔۔۔۔۔ اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ بعد ان اڪائونٽ تان مختلف پيغام پوسٽ ڪيا‌ ويا، جيئن:
    Lets the Hacking begin
    اهڙن پيغامن کي فيس بوڪ جي انتظاميه تڙ تڪڙ ۾ هٽايو پر تيستائين انهن پيغامن تي 500 کان وڌيڪ يوزرس ڪمينٽس ڏئي چڪا هيا۔۔۔ ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي جو فيس بوڪ اڪائونٽ پڻ هيڪ ٿيو هو ۽ ان تان به سندس باري ۾ مختلف پيغام درج ڪيا ويا ايتري تائين جو سندس پاران استعيفى جو پيغام پڻ درج ڪيو ويو۔۔

    [​IMG]

    اهڙي قسم جي ڳالهين کان بعد فيسبوڪ جي سيڪيورٽي جي ڪمزوري تي تنقيد حد کان وڌي چڪي آهي، شايد اهو به هڪ سبب آهي جنهن جي ڪري فيسبوڪ جي وڏي محنت سان تيار ڪندڙ ان کي بند ڪرڻ جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو آهي۔۔​
    [/JUSTIFY]
     
  2. نثارناز

    نثارناز
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2009
    تحريرون:
    3,259
    ورتل پسنديدگيون:
    744
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ماڳ:
    بهراڻي محلو ٽنڊو محمد خان سنڌ پاڪستان
    جواب: فيسبوڪ جي بانيءَ جو اڪائونٽ هيڪ۔۔۔

    مست اهي هيڪر پاڻ ۾ ڄاڻن تون پنهنجي مستيءَ جي ڪا خبر چار ڏي، تنهنجي مستيءَ واري بيراميٽر واري سُئي هينئر پلس تي آهي يا سردي ۾ مائنس واريون حدون ڪراس ڪري چُڪي آهي۔ جيئن موسم جو احوال نشر ٿيندو آهي ائين اسان کي تنهنجي مستيءَ جي احوال جي شديد چنتا ٿيندي آهي۔
     
  3. مست

    مست
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏1 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    7,920
    ورتل پسنديدگيون:
    2,557
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    ڪمپوزر
    ماڳ:
    ڄامشورو
    جواب: فيسبوڪ جي بانيءَ جو اڪائونٽ هيڪ۔۔۔

    بس سائين دعا ڪريو ته الله پنهنجن ساڻ سدائين آباد رکي باقي مستي انشاءَ‌الله سدائين سلامت رهندي۔۔۔ مستي وارو ميٽر ته پنهنجي ساڳئي پراڻي ماپي تي ڪانٽو رکي هلي پيو۔۔۔۔
     
  4. عاشق سولنگي

    عاشق سولنگي
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏20 مئي 2010
    تحريرون:
    5,689
    ورتل پسنديدگيون:
    1,190
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    ًپاڪ نيوي
    ماڳ:
    شڪارپور/ مدئجي
    جواب: فيسبوڪ جي بانيءَ جو اڪائونٽ هيڪ۔۔۔

    ونڃڀيهان مري ويا سين۔۔۔اهڙن ماڻهن جا اڪائونٽ بند تا ٿين ته اسان وري ڪهڙي باغ جي موري آهيون۔​
     
  5. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: فيسبوڪ جي بانيءَ جو اڪائونٽ هيڪ۔۔۔

    ڪجه ڏينهن اڳ منهنجي دوست جو فيس بوڪ اڪائونٽ به هيڪ ٿيو ۽ هن جي آڊيء تان مونکي عجيب پيغام مليا ، خير جڏهن دوست کي فون ڪيم ته يار تنهنجي ڪل ته ناهي ٿڙي يا شيلا ڪي جواني پيو ڏسين جو اصل پٽڙيء تان لٿو پيو وڃين۔۔۔۔۔ ته خبر پئي ته مون وارو دوست ته هڪ هفتي کان لاگ ان ئي ڪونه ٿيو آهي ۔۔۔۔۔۔۔۔۔۔

    سو يار هي هيڪرس وڏا استاد آهن پر ايئن چئجي ته استادن جا به استاد آهن ته غلط نه ٿيندو
     
  6. ذيشان رشيد

    ذيشان رشيد Founder انتظامي رڪن منتظمِ اعلى

    شموليت:
    ‏19 مارچ 2009
    تحريرون:
    5,649
    ورتل پسنديدگيون:
    5,673
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    جواب: فيسبوڪ جي بانيءَ جو اڪائونٽ هيڪ۔۔۔

    موڪلن جي دوران اڪثر دوستن جي ڪمپيوٽر تي ويهڻ جو اتفاق ٿيندو هو۔۔۔ پر حيرت تمام گهڻي وڌندي هئي جڏهن انهن تان فيس بوڪ کولڻ سان اڳ کليل رڪن جو پروفائيل اوپن ملندو هو۔۔۔ رڳو ايترو ئي نه پر جڏهن عامر ضياء چارڻ جي ڪيفي دادو ۾ سندس ماسٽر ڪمپيوٽر تي ويهڻ ٿيو ته هڪ سافٽويئر انسٽال ٿيل ڏٺم جنهن کي کولڻ سان سمورن ڪلائينٽس ڪمپيوٽر تي کوليندڙ فيس بوڪ جي آئي ڊي ۽ پاسورڊ ظاهر ٿيل هو۔۔۔
    هاڻي جيڪڏهن ڪير هيڪنگ ئي نه ٿو ڄاڻي ۽ ڪنهن جا پاسورڊ معلوم ڪري سگهي ٿو ته هيڪر ته استاد ماڻهو آهن۔۔ ۔ فيس بوڪ جي اها به ڪمزوري آهي ته توهان جو اڪائونٽ هٿ ڪندڙ پاسورڊ سان گڏ اي ميل به تبديل ڪري سگهي ٿو جنهن ڪري اڪثر اهڙا کاتا ٻيهر ملڻ ئي مشڪل ٿي وڃن ٿا۔۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو