مست
سينيئر رڪن
انٽرنيٽ هجي ۽ هيڪنگ هجي اهو ٿي ئي نه ٿو سگهي۔۔ ڪڏهن ايميل جي هيڪنگ، ڪڏهن بينڪ اڪائونٽ جي هيڪنگ، بس مطلب ته ننڍي وڏي هيڪنگ انٽرنيٽ استعمال ڪندڙ ماڻهن جو پسنديده مشغلو آهي۔ پر اڄ ڪلهه هيڪنگ ڏوهاري دنيا جي لاءِ ڪمائي توڙي ڪنهن کي تنگ ڪرڻ جو بهترين ذريعو بڻيل آهي۔۔ فيسبوڪ جي باري ۾ عام طور تي تاثر اهو آهي ته ان جي سيڪيورٽي ايتري مضبوط نه آهي۔۔ ان بابت ماڻهن جو شڪ يقين ۾ تڏهن بدلجي ويو جڏهن ڪيترين ئي مشهور شخصيتن جا اڪائونٽ هيڪ ٿيا۔۔ 26 جنوريءَ جي ڏينهن فيس بوڪ جي باني مارڪ زربرگ جو فيس بوڪ جو اڪائونٽ پڻ هيڪ ٿي ويو۔۔ مطلب ايئن کڻي سمجهجي ته ”پوليس جي آءِ جيءَ“ جي گهر ئي ڌاڙو لڳي ويو۔۔۔۔۔ اڪائونٽ هيڪ ٿيڻ بعد ان اڪائونٽ تان مختلف پيغام پوسٽ ڪيا ويا، جيئن:
Lets the Hacking begin
اهڙن پيغامن کي فيس بوڪ جي انتظاميه تڙ تڪڙ ۾ هٽايو پر تيستائين انهن پيغامن تي 500 کان وڌيڪ يوزرس ڪمينٽس ڏئي چڪا هيا۔۔۔ ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ۾ فرانس جي صدر نڪولس سرڪوزي جو فيس بوڪ اڪائونٽ پڻ هيڪ ٿيو هو ۽ ان تان به سندس باري ۾ مختلف پيغام درج ڪيا ويا ايتري تائين جو سندس پاران استعيفى جو پيغام پڻ درج ڪيو ويو۔۔
اهڙي قسم جي ڳالهين کان بعد فيسبوڪ جي سيڪيورٽي جي ڪمزوري تي تنقيد حد کان وڌي چڪي آهي، شايد اهو به هڪ سبب آهي جنهن جي ڪري فيسبوڪ جي وڏي محنت سان تيار ڪندڙ ان کي بند ڪرڻ جو راڳ ڳائڻ شروع ڪيو آهي۔۔