هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

'مقالا' فورم ۾ ڏاڏل شينو طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

    جيڪڏنهن غور ڪجي ته دنيا جي هر شي الله جي خلقيل آهي ۽ سندس هر شي انسان جي لاءِ نعمت آهي . اهو ڪک هجي يا پن اها خلقت عالِم حيوانات جي هجي يا احشرات العرض هجن عالمِ جمادات سان وابستا هجي يا عالمِ نباتات سان لاڳاپيل هجي يعني اهي عالمَ جيڪي اسان جي ادراڪ ۾ آهن يا اهي عالم جيڪي اسان جي احاطهءِ علم ۾ ناهن جنهن جي هڪ خلقت بذاتِ خود هڪ عالم اڪبر آهي جيئن حضرت علي عه جو فرمانِ اطهر آهي اي انسان تون پاڻ کي هڪڙو جيوڙو تصور ٿو ڪرين تنهنجي اندر ته عالمِ اڪبر سمايل آهي انهن تمام عالمن جو زرو پرزو انسان لاءِ نعمت آهي۔ حڪيم جي نگاھ سان ڏسون ته زهر به نعمت آهي۔ ٽوھ جنهن کي اسان ڪوڙو سمجهي ٿڏي ڇڏيندا آهيون جڏهن انجو استعمال حڪيم ڪندو آهي ته ان ۾ ڪيترن ئي مرضن جي شفا مضمر هوندي آهي . ڪيتريون اهڙيون ٻيون شيون آهن جن جي غلط استعمال ٿيئڻ سان اهي شفا ڀريون شيون زهر ۾ تبديل ٿيو وڃن.
    جڏهن انسان انهن شين جو استعمال لاشعوري ڪيفيت ۾ ڪندو آهي ته اهي انساني حاڃن جا نوان باب کولينديون آهن ، انسان انهن شين جو غلط استعمال ڪندو ڇو آهي؟ اهو سوال غور طلب آهي جڏهن ته هر ماڻهون پنهنجي پنهجي نگاھ ۾ ڏسي به ٿو ۽ پنهجي عقل جي مطابق سمجهي به ٿو ته هو پنهجو نفعو ٿو ڪري۔ ڪو انسان دانستا پاڻ کي نقصان ناهي پهچائيندو ۔ هن معاشري ۾ ته هر اڪثريت انهن ماڻهن جي آهي جيڪي پنهنجي نگاھ ۾ پنهجنجي روپئي جي فائدي لاءِ ڪنهنجو هزارن جو نقصان ڪندا آهن۔ مونکي هڪڙي سالڪ جي ڳالھ ياد پئي اچي ته انسان پنهنجي بي سڪوني و بي آرامي جو علاج جن شين کي سمجهيو آهي انهن هن جي بي آرامي و بي سڪوني ۾ مسلسل اضافو ڪيو آهي۔ اهو انلاءِ جو انسان لاشعوري ۾ اهو خيال ڪيو آهي ته هي شي هن لاءِ فائدي مند ٿيندي پر اڳتي هلي ان هن کي نقصان پهچايو آهي۔
    هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي پوءِ انهن شين ۾ اولاد جي محبت ، مال و ملڪيت جي محبت ڪار ڪوٺي بنگلي جي محبت جي جائز هجي ته عين بندگي آهي پر جي ناجائز آهي ته پوءِ اها محبت اولاد جي هجي يا مال و ملڪيت جي هجي انسان جي پنهنجي توڙي معاشري لاءِ هاڃن جي صورت ۾ ظاهر ٿيندي آهي . جائز و ناجائز جي تعريف ضروري آهي اسان وٽ اصطلاح ۾ جيڪا انهن جي ٻنهي لفظن جي معنى ورتي ويندي آهي اها آهي جيڪا شي ڪنهنجي پنهنجي آهي انکي ۽ ان کي پنهنجو سمجهيو وڃي ته اهو جائز آهي پر جيڪا شي پنهنجي ناهي ۽ ان کي جي پنهنجو سمجهيو وڃي ته اها ناجائزي آهي ۔ قائنات ۾ هر شي الله جي آهي هاڻي جي قائنات ۾ ڪنهن شي کي پنهنجو سمجهي ۽ انسان محبت ڪئي وڃي ته ان بنياد تي ڦڏا ، فساد برپا ٿيندا پر جي هر شي کي الله جي ملڪيت سمجهي استعمال ڪيو وڃي ته انسان جون ڪئي پريشانيون آهن جن کان انسان بچي ويندو۔
    جڏهن عالمِ خواهشات ۾ سفر جو جائزو وٺندا سين ته اسان کي انسان وانسانيت جي تذليل جو موجب ٽن شين جي ناجائز محبت نظر ايندي ۽ اهي شيون آهن ،زر، زمين ۽ زن.
    دنيا تي جڏهن محقق جي نگاھ وجهندا سين ته اسان جي نگاھ جي آخري حد انهن ٽن شين جي چاهت ۾ وڃي کُپندي. هاڻي سوچڻ جي ڳالھ اها آهي ته انسان انهن ٽنهي شين ۾ ٻڏل ڇو ٿو رهي سمجھ ۾ ايندو ته انهي ٽنهي سين جو تعلق خواهشاتِ نفس سان آهي ۽ انسان ان لذتن جي معاملي ۾ نقد جو واپار ڪندو آهي ايتري تائين جو انهن خواهشن جي بدلي ۾ اوڌر تي جنت کي به وڃائي ويهندو آهي ،جنهن شي مان انساني نفس کي لذت ملندي آهي ان شي کي پوڄڻ جي حد تائين هو چاهيندو آهي جنهن کي عارفن توڙي سالڪن اصل ۾ بندگي چيو آهي ۽ قرآن جي ذبان ۾ انهن ماڻهن جي حالت خدا هن ريت بيان ڪئي آهي ( اي نبي تو انهن جو ڪارااز ڇو ٿيندين جن خوڳاهشاتِ نفس کي پنهنجو معبود بڻائي رکيو آهي انهن سان تنهنجو ڪو سروڪار ناهي) دراصل ان لذت کي لا ڪرڻ سان فقط ڪلمي جي پهرين لا تي عمل ٿيندو ۽ سالڪن جو اهو پڻ چوڻ آهي ته ان کان پوءِ ڪلمو آسان ٿيندو ويندو بحرحال هي ته اهو احوال آهي جن معلوم ڪيو سي ئي ڄاڻن اسان نه اهو پنڌ ڪيو آهي نه خبر ئي رکون ٿا اسان ته فقط ڪلمو پڙهيو آهي ڪلمو پنهنجي پاڻ تي صادر ناهي ڪيو۔ الله اسان کي پاڻ تي ڪلمي صادر ڪرڻ جي توفيق عطاڪري.پوءِ جي ڪو شخص انهن خواهشن جي وچ تي رنڊڪ بڻجي پوي ته اسان جو انسان وير ۽ انکان وڏو ڪو ويري به ڪونهي .
    انسان ٻئي جي غلامي ڇو ڪندو آهي هي جيڪو اسان اميرن جو راڄ ڏسون ٿا جي انجي حقيقت تي غور ڪيون ۽ جي اها حقيقت انهن تي آشڪار ٿي وڃي ته هي راڄ سندن پٺيان ڇو آهي ته هي ڪڏهن به ڪنهن کي چاپلوسي نه ڪرڻ ڏين۔ هتي حِرت علي عه جو قول ياد پيو اچي ته جي انسانن کي هڪٻئي جي نيت جي خبر پئيجي وڃي ته هي هڪٻئي جو جنازو پڙهڻ ڇڏي ڏين ها۔انسان جي نفس جي بيماري جا ڪيترا ئي پهلوآهن هنجيون عليحده عليحده جُهتون ۽ سمتون آهن ايتري تائين جو سالڪن جو چوڻ آهي تهنفسِ انسان جا ستر هزار شيطاني ۽ ستر هزار رحماني جال آهن۔ جڏهن هي شيطاني روپ ۾ انسان کي ڌوڪو ناهي ڏئي سگهندو ته هي وري رحماني لباس ۾ ايندو آهي۔حج جي دؤران شيطان کي پٿريون هڻڻ ۾ شايد انجو راز آهي ۔شيطان هڪ آهي هتي ٽي ڇو پوءِ ننڍو وڏو ڇا مطلب۔ ان جي لاءِ اوهان ڪنهن اهڙي ماڻهون جو شڪوه ٻڌو جنهن وٽ جڏهن دولت هوندي هئي ته ماڻهون ان جو مال کائيندا به ها ان جي واه واه به ڪندا ها پر جڏهن اها دولت ان جي هٿان هلي ويندي آهي ته اهي ماڻهون ان کي بيقوف نادان ،پاڳل جهڙن ڪئي خطابن سان نوازيندا آهن جي انهن کي چانھ پيارڻي پئجي وڃي ته اڪثريت انهن ماڻهن جي هوندي آهي جيڪي رستو ئي بدلي ويندا آهن. يعني اها عزت جيڪا ماڻهون سمجنهدو آهي ته انجي عزت آهي انجو راز کلي پوندو آهي ته هي سندس پٺيان ايندڙ هن جا طالب نه پر دنيا جا طالب ها.
    سالڪن اهڙي دولت و زر جي نفي ڪئي آهي ڪوڙ جي عمر ٿورڙي ٿيندي آهي دنيا جنهن جي عمر ٿورڙي آهي پر انسان هن دنيا تي ايترو حريث آهي ڄڻ هميشه رهڻ وارو آهي جيڪو سڀ کان وڏو ڪوڙ آهي .انلاءِ سالڪن هن دنيا کي ٿڏيو آهي حضرت علي ڪرمَ الله وجه جو فرمانِ اطهر آهي مونکي ان دنيا سان ڪهڙو مطلب جنهن جي حلال ۾ حساب ۽ حرام تي عذاب آهي اي دنيا وڃ ۽ وڃي ڪنهن ٻئي کي ڌوڪو ڏي تون مون تي ائين حرام آهين جيئين ٽن طلاقن واري عورت مرد تي حرام هوندي آهي.منهنجو موضوع آهي هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي . هي دنيا جنهن جي اسان نفي جو ايترو ذڪر ڪيو آهي ڇا اها دنيا ايتري بري بلا آهي۔ هڪ واقعو اوهان جي آڏو پيش ڪريان ٿو شايد ڪنهن حد تائين پنهجي مقصد جي قريب ٿي ويندس. هڪ شّص جيڪو بظاهر حضرت علي عه جو مڃڻ وارو هو ان حضرت علي عه کي ايندو ڏسي دنيا تي لعن طعن شروع ڪيو ته جيئين حضرت علي عه کي خوش ڪري سگهي ، حضرت علي عه ان شخص جي ويجهو اچي چوڻ لڳا اي شخص تون هن دنيا کي ڪهڙي بنياد تي برو چئي رهيو آهي هي دنيا انبياء ،اولياء اوسياء و الله جي مڪرب ومقدس بندن جي آمجگاه آهي هي انسان جي پوکڻ جي جاءِ آهي
    دنياوي علم يعني سائنس وٽيڪنالوجي جو علم جي انساني فلاح و بهبود سان جڙيل هجي ته عين عبادت آهي پر جي ڪو قرآن جو عالم ، حافظ و قاري هجي پر جي درِ پرده ان علم جو غلط استعمال ڪندو هجي يا ان علم جو غلط مفهوم وٺي انسانيت جي قتل و غارتگيري جو سامان ڪندو هجي ته اهو قرآنب جي آڙ ۾ غلط آهي ڇو جو قرآن انسان جي زندگي کي جيترو مقدم ٻڌايو آهي اوترو ڪنهن ٻئي مذهب ۾ ناهي جنهن هڪ انسان جي قتل کي پوري انسانيت جو قتل چيو آهي۔ تاريخ گواه آهي ته قرآن جا قاري ئي هيا جن فتوى ڏنو هو ته حسين عه باغي آهي ۽ ان کي قتل ڪيو وڃي۔ دراصل ڪو به علم غلط ناهي هوندو علم ته سڀ ضحيح هوندو آهي پر ان علم جي پٺيان غلط يا صحيح سوچ يا نيت هوندي آهي
    جڏهن آئن اسٽائن کي ٻي مهاڀاري لڙائي کان پوءِ آمريڪا جو سڀ کان وڏو ايوارڊ ڏنو ٿي ويو ته هن جي اکين ۾ ڳوڙها ها صحافي هن کان سوال ڪيو ته هي ڳوڙها ڇا جا آهن خوشي جا يا پڇتاء جا هن چيو ته اصل ۾ منهنجي من ۾ ائٽم تي ريسرچ ڪرڻ جو مقصد هو انسانيت جي لاءِ فائدو پر اها ريسرچ غلط ماڻهن جي هٿ ۾ اچي غلط استعمال ٿيوئي ۽ ٿيندي رهندي. ۽ واقعي اوهان ڏسو هن وقت ڪيتريون بيماريون آهن جن جو علاج ائٽمي ريزز سان ٿئي ٿو.
    حضرت محمد صلعم جي حديث مبارڪ آهي دولت جي مثال ائين آهي جيئن جسم ۾ رت . هاڻي جي جسم مان رت نڪري وڃي ته _موت ۽ جي جسم ۾ رت منجمند ٿي وڃي تڏهن به موت هي۔ هن حديث کي جنهن به طرف ڏانهن ڏٺو وڃي ته بهترين انساني ترقي جو فارمولو آهي ۽ هن مان انساني ترقي جا ڪرشماتي پهلو نڪرندا جي سائنسي نظر سان ڏسندا سين ته جسسم جي افزائش رت سان جڙيل آهي جي جسم ۾ رت گهٽجي وڃي ته ڪئي بيماريون انسان جي جسم ۾ گهر ڪري ينديون آهن ،اهي انساني معاشرا جن ۾ دولت ڪنهن هڪ ماڻهون وٽ ناهي هوندي تيزي سان ترقي ڪندا آهن اسان جي ملڪ جو حال ڏسو جيتري دولت آهي اها دشمن ملڪن جي بينڪن ۾ پئي آهي اهو ئي سبب آهي جو اسانجو معاشرو ترقي بجاءِ تنزلي جو شڪار آهي جن ملڪن ۾ واپار جون منڊيون جيترو مظبوط هونديون آهن انهن ملڪن جي عوام ايتري خوشحال هوندي آهي. جسم جي جنهن حصي ۾ رت ناهي پهڇندو اهو حصو اهڙي بيماري ۾ مبتلا ٿي ويندو آهي جو جان کي بچائڻ جو واحد حل ان حصي کي ڪٽڻ هوندو آهي ۽ ان حصي جي حالت ائين هوندي آهي جيئن پاڻي بنان مڇي جي هوندي آهي ملڪ جي جنهن حصي ۾ ڪاروبار ختم ٿي ويندو آهي ان حصي ۾ تباهي انهن ماڻهن جو مقدر بڻجي ويندي آهي دنيا جا امير ملڪ جنهن ملڪ کي تباھ ڪرڻ چاهيندا آهن ان ملڪ تي پابنديون هڻڻ شروع ڪندا آهن ، اهو ملڪ انهن پابندين کي هڪڙي صورت ۾ برداشت ڪري سگهندو آهي جي ان ملڪ جا سرواڻ پنهنجي ضرورتن کي پنهنجي پيداوار ۾ تبديل ڪندا آهن جيئن هن وقت ايران ڪري رهيو آهي بحرحال اهو موضوع ناهي هڪ ته هي طريقو آهي ته جنهن ملڪ يا شهر کي تباھ ڪرڻو هوندو آهي اتان جي واپاري منڊين کي تباھ ڪيو ويندوآهي يا ان ملڪ جا بادشاھ لالچي هوندا آهن جيڪي ان ملڪ مان پيسو ڪڍي ويندا آهن ته اهو ملڪ پاڻهئي تباھ ٿي ويندا آهن۔ هن وقت دنيا تي شايد اچڻ واريون جنگيون به اڪانومي جي بنياد تي وڙهيون وڃن. جنهن وجود جو دل يعني پمپنگ اسٽيشن يا رت جي منڊي جيتري مظبوط هوندي آهي اهو جسم به ايترو مظبوط هوندو آهي ۽ جنهن ملڪ جي ايڪسپورٽ جيتري گهڻ ي هوندي آهي اهو ملڪ ايترو خوشحال هوندو آهي۔
    پروردگار انسان جو ظاهري توڙي باطني نظام به عجيب بڻايو آهي انسان جي دل کي ئي ڏسو کاٻو پاسو ۽ ساڄو پاسو، کاٻي هٿ وارا جهنمي ۽ ساڄي هٿ وارا جنتي آهن يعني جنهن ملڪ ۾ پيسو صحيح استعمال ٿيندو اهو ملڪ خوشحال هوندو ۽ جتي پئسو غلط استعمال ٿيندو اتان جو عوام ويل ۾ هوندو۔
    جڏهن اهو رت کاٻي پاسي کان ڦڦڙن ۾ صاف ٿي ساڄي پاسي ۾ منتقل ٿي جسم جي توانائي لاء نڪري ويندو آهي ته جسم تازو توانو ٿي ويندو آهي ته ايسيتائين ڪو ملڪ ترقي ناهي ڪري سگهندو جيسيتائين ان ملڪ جا حڪمران صحيح ناهن هوندا۔
    سالڪن و عارفن جو چوڻ آهي ته ساڄي هٿ مان مراد سڌي رستي يا سڌي ڪمن وارا ۽ کاٻي هٿ وارن مان مراد آهي ته ابتي ڪمن وارا، دولت جو جي صحيح استعمال ٿئي ته اها منزلت جيڪا ڪنهن زاهد کي سو سالن جي عبادت کان پوءِ ملي اها منزل هڪ آه ۾ دولتمند دولت زريعي حاصل ڪري سگي ٿو۔ اها منزلت انسان جي خدمت ڪري حاصل ڪري سگهجي ٿي۔ جي انسانيت جي خدمت سان دل ڀريل هجي ۽ خيصو به ڀريل هجي ته صدين جو صفر هڪ آه ۾ ٿي سگهي ٿو پر اسن جي معاشري جو حال هي آهي ته جن جا دل ٿريل آهن انهن جا کيسا کالي آهن ۽ جن جا کيسا کالي آهن انهن جا دل انساني همدردي سان ٿريل آهن۔
    وسلام
    جاري
     
  2. نثارابڙو

    نثارابڙو
    نائب منتظم

    شموليت:
    ‏21 اپريل 2009
    تحريرون:
    8,321
    ورتل پسنديدگيون:
    6,890
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ڌنڌو:
    انتظامي امور
    ماڳ:
    مڪو پاڪ
    جواب: هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

    سهڻا ڏاڏل، ليک ڏاهپ ڀريو ۽ سمجهڻ وارن لا هڪ رستو آهي ۔۔۔ خوشي جي ڳالهه ته اوهان پنهنجي مشين ۾ ايم بي سنڌي لڳرائي ڇڏي آهي جو ايڏو وڏو مضمون لکيو به اٿوَ ۽ غلطيون به درست ڪيون اٿوَ ۔۔۔

    بيشڪ هر شئي سان انصاف ڪرڻ ئي ايمان آهي ۔۔۔ اوهان سهي چيو آهي ته هر شئي جو سهي استعمال زندگي آهي ۽ ان جو غلط استعمال موت ۔۔۔ ۽ گناهه پڻ ۔۔ڪجهه ماڻهون مون هت مڪي ۾ ڏٺا آهن ته وضون ڪرڻ وقت پاڻي جي ٽونٽي پوري زور سان کولي چار يا پنج منٽ ويٺا وضون ڪندا آهن ۔۔۔ جڏهن ته مڪي جهڙي شهر ۾ پاڻي جي سهي استعمال جو حڪم ٿيل آهي، جيڪو ڪم هڪ لوٽي سان ٿي سگهندو آهي، ان جڳهه ته هو ٻه بالٽيون هاريندا آهن ۔۔۔ اهو ساڳيو رويو اسانجي دوستن يا گهرن ۾ پڻ هوندو آهي ۔۔۔ ۽ آخر ۾ ملڪي سطح تي پڻ اهڙي قسم جون بد ديانتون ٿينديون آهن ۔۔۔ ملڪ ڪنگال رهندو آهي ۔۔۔

    آخر ۾ اوهان هڪ جملو لکيو آهي؛
    مطلب ٻنهي پاسن جو ساڳيو ئي آهي ۔۔۔

    لک ٿورا سهڻو ليک ونڊ ڪيو اٿوَ ۔۔۔

    سنڌ سلامت ساٿ سلامت
     
  3. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

    سائين اوهان جي مهرباني اوهان کي حق آهي اوهان جتي گهرو اتي منهنجي لکڻ جي اصلاح ڪري سگهو ٿا مون واقعي لفظ ڀريل لکڻ ٿي چاهيو اصل ۾ مون هي آرٽيڪل مقدمو نيوز پيپر وارن لاءِ لکيو ٿي سوچيم ته پنهنجي اصلاح لاء اوهان آڏو پيش ڪريان ۔
    باقي مٿو هڻي هڻي مس وڃي سنڌي مشين ۾ انسٽال ڪئي اٿم۔
    در اصل منهنجو گهڻو واسطو اردو ادب سان رهيو آهي هي ممتاز وگهيو صاهب جن ، سائين سلطان ڀَٽِي صاحب جن جون مهربانيون آهن ۽ بلخصوص سائين الطاف اڄڻ صاحب جن جون جن مون کي بار بار سنڌي ادب ڏي اچڻ لاءِ اُڪسايو، پوءِ هن فورم تي اچي شاعري به ڪئي ۽ سنڌي ۾ ڪجھ لکڻ سکيو آهيان ، مٿان اوهان جهڙن وطن پرستن جي مسلسل شاباسي به گهڻو ڪم ڪيو آهي اميد ته اوهان اسان جهڙن ڪم علمن جي اصلاح جو سلسلو جاري رکندؤ ۔ ڌڻي تعالى اوهانجي ڇانَوَ اسان جهڙن نادارن ۽ نادانن جي سر تي دائم وقائم رکي آمين۔
    دعان جو طالب ڏاڏل شينو
    وسلام
     
  4. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

    سائين مهرباني

    اوهان جو سهڻو ۽ ڏاهپ وارو ليک آهي۔ اوهان جا ٿورا جو هيڏي تفصيل سان لکو ٿا۔

    مون هڪڙي ڳاله نوت ڪئي آهي ٿي سگهو ٿو منهنجي سوچ صحي نه به هجي ته اوهان جا لکيل آرٽيڪل يا مقالا اوهان جي شاعريء کان گهڻو پختا لڳندا آهن۔

    لک قرب اوهان جا
     
  5. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

    ادا بهترين ونڊ آهي .
     
  6. ڏاڏل شينو

    ڏاڏل شينو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏30 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    2,207
    ورتل پسنديدگيون:
    2,171
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ماڳ:
    ڪراچي
    جواب: هر شي جو جائز استعمال عبادت آهي

    سائين حقيقت اها آهي ته آءُ ڪو شائر ناهيان بس ائين ويٺي ويٺي الفاظ جڙڙي ايندا آهن ۽ لکي ڇڏيندو آهيان ۔
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو