شاهه سائين جي سُر پورب جو مطالعو

'مقالا' فورم ۾ رضوان گل۔ طرفان آندل موضوعَ ‏30 جنوري 2011۔

  1. رضوان گل۔

    رضوان گل۔
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    67
    ورتل پسنديدگيون:
    33
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Sindhi
    ماڳ:
    Sindhi

    ڊاڪٽر بشير احمد شاد

    شاهه سائين جي سُر پورب جو مطالعو​


    [JUSTIFY]شاھ سائين هن سُر جو نالو پورب پار جي آديسين کان متاثر ٿي لکيو آهي. هن سُر جي باري ۾ مختلف روايتون ملن ٿيون. غلام محمد شهواڻي لکي ٿو:
    ” هي سُر نڪي ڊاڪٽر گربخشاڻي واري نسخي ۾ آهي ۽ نه ڪي ڊاڪٽر ٽرمپ واري نسخي ۾.“
    شهواڻي واري رسالي ۾ هن سُر ۾ ٻه داستان آهن. پهرين داستان ۾ شاھ ڪانگل کي پرين جي پار قاصد ڪري موڪلي ٿو ۽ پاڻ ان کي سنيها سونپي ٿو. ٻئي داستان ۾ پوربين يا سامين ۽ جوڳين جو ذڪر ڪيل آهي. شهواڻي جو رايو آهي ته ”هي داستان حقيقت ۾ سُر رامڪلي جو حصو ٿيڻ گھرجي.“
    غلام محمد شهواڻي واري اها راءِ ڪافي وزنائتي لڳي ٿي ته داستان ٻيو سُر رامڪلي جو حصو ٿيڻ گھرجي. ڏٺو وڃي ته ٻنهي سُرن جو مرڪزي ڪردار ساڳيو ئي پوربي، سنياسي، سامي، ڪاپڙي، آديسي ۽ جوڳي ئي آهي، جيڪو منزلِ مقصود تي پهچڻ لاءِ جدوجهد ڪندو رهي ٿو.
    ڊاڪٽر نبي بخش خان بلوچ پنهنجي ترتيب ڏنل ”شاھ جو رسالو“ ۾ ڇنڊ ڇاڻ کان پوءِ سُر پورب جي پهرين داستان ۾ 16 بيت ۽ ٽي وايون ۽ ٻئي داستان ۾ ڪُل 18 بيت ۽ ٻه وايون ڏنيون آهن. ٻنهي داستانن ۾ فقط پوربين، جوڳين ۽ سامين جو ذڪر آهي، جڏهن ته سڄي سُر ۾ هڪڙو به بيت ڪانگل جي حوالي سان ڪونه آندو اٿس، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته ڊاڪٽر صاحب ڪانگل وارن بيتن کي هن سُر جو حصو تسليم ڪونه ڪيو آهي.
    ٻئي طرف شهواڻي واري مرتب ڪيل رسالي ۾ داستان پهرين ۾ ڪُل 29 بيت ۽ هڪ وائي ۽ ٻئي داستان ۾ 10 بيت ۽ هڪ وائي ڏنل آهي.
    ڊاڪٽر بلوچ صاحب سُر پورب جي معنى ۽ مطلب هن ريت بيان ڪيو آهي.
    ”هي سُر سلوڪ جو سُر آهي. يعني سالڪن ۽ سندن منزلِ مقصود تي پهچڻ واري پنڌ جو سُر آهي. سالڪن کي اڳين موحد هندو فقيرن جي تمثيل سان پوربي، ڪاپڙي، سامي، سناسي، جوڳي ۽ آديسي جي نالن سان ياد ڪيو ويو آهي. جن جي منزلِ مقصود ’ناٿ‘ آهي. جنهن کي ملڻ لاءِ هو پورب وڃن ٿا. يا ناني ۽ هنگلاج آهي. جتي پهچڻ لاءِ پنڌ ڪن ٿا. تمثيل ۾ پورب ڄڻ آخري منزل ۽ دارالبقا آهي جنهن ۾ ابدي زندگي ماڻڻ لاءِ سالڪ فقير هن جهان مان ڪشالا ڪري راهي ٿين ٿا.“
    مون پنهنجي مقالي ۾ ڊاڪٽر بلوچ ۽ شهواڻي جي رسالن مان بيتن جي چونڊ ڪئي آهي. اول سُر جي نالي جي نسبت سان پورب پار جي آديسن جو ذڪر ڪجي ٿو.
    هيٺين بيت ۾ جوڳين ۽ سامين جي سفر جي منظر ڪشي ڪئي وئي آهي. سامي جڏهن هنگلاج جي سفر جو قصد ڪندا آهن ته پنڌ کي مڙسيءَ سان پٽڻ ۽ منزل تي پهچڻ لاءِ پنهنجي چيلھ ۾ سندرا، پٽا يا پوتيون ٻڌندا آهن، جنهن کي ڪمربسته به سڏبو آهي. اهي اورين منزل تي رسيل سامين کي اڳين منزل جا ڏس پتا ڏيئي اڳتي وڌي ويندا آهن. سندن هٿن ۾ جانورن جي سڱن مان جوڙيل هڪ ڦوڪ وارو ساز هوندو آهي جنهن کي ’سڱڙيون‘ سڏيندا آهن. سڱ کي ٻنهي پاسن کان ڪٽي پَورو (خالي) ڪندا آهن ۽ پوءِ وات تي رکي ڦوڪ ذريعي وڄائيندا آهن. هي سڀ منزل تي رسڻ جا جتن آهن. شاھ سائين فرمايو:

    ڪمربستا ڪاپري، سامي سڀيئي
    هڪڙا ٻئن کي، هلئا ڏس ڏيئي
    سڱڙيون سي ئي، وڄائي واٽ ٿئا​
    سچي سائين جي سڪ ۾ رتل سالڪ هي ماڳ مٽائي اصلي ماڳ ڏانهن راهي ٿيا. الله پاڪ ته هر وقت سمورن بندن کي سلامتي واري گھر ڏانهن ٿو سڏي، پر افسوس جوطمع ۽ حرص ۾ ورتل ڪي بدنصيب انسان ان سڏ کي نه ٿا سمجھن. دراصل لالچ اهڙي بڇڙي بلا آهي جيڪا سڀني کي حيران ۽ پريشان ڪيو ڇڏي. لطيف سرڪار انهي خيال کي بيت جي خوبصورت سٽن ۾ هن ريت اظهاريو آهي:

    جوڳي جڳ ڇڏي، پُرئا پورب پار ڏي
    لاهوتي لطيف چئي، هليا لعل لڏي
    والله يدعو الا دارالسلام، صاحب سڀن سڏي
    هئي هئي هِن هڏي، همه کي حيران ڪئو
    آديسن جو آرام حرام هوندو آهي، اهي هڪ هنڌ جاءِ جوڙي ڪونه ويهندا آهن بلڪه سيلانين جيان چند ڏينهن لاءِ ڪٿي آسڻ اڏي وري نئين منزل جا راهي ٿي ويندا آهن. انهن چند ڏينهن ۾ جيڪڏهن اهڙن پارسن سان ڪو لوھ لڳي ويندو آهي ته ان کي سونُ بڻائي ڇڏيندا آهن. شاھ صاحب جي طالب جو به ڪن اهڙن ئي آديسين سان ڇهاءُ ٿيل ٿو ڀانئجي جو انهن جي وئي پڄاڻان هو کين تمام گھڻو ساري سنڀالي ٿو ۽ کيس انهن آسڻن مان خستوري جي خوشبو اچي ٿي جتي آديسين پنهنجا پکڙا اڏيا هئا.

    پوربيا پوري وئا، آسڻ اڄ صبوح
    خستوري خشبوءِ، آهي آديسين ۾​
    اهڙن الله لوڪ انسانن جي تلاش ۾ هن طالب پورب پاسي گھڻو ئي واجھايو پر انهن سچن سالڪن جي متعلق کيس ڪابه خبر پئجي نه سگھي. نه ئي انهن طرفان کيس ڪو سلام ۽ پيغام پهتو. ڇالاءِ ته اهي آديسي ڏورانهين ڏيھ جا واسي هئا تنهن ڪري سندس دل ۾ درد جي دونهين دکائي پنهنجي نئين منزل ڏانهن راهي ٿيا.

    پورب ويا پيهي، مون تان گھڻيون نهاريان
    سُڌ نه مُڪي سڄڻين، جيهي نه تيهي
    هئا پرڏيهي، وڄائي واٽ ٿئا
    طالب کي پورب پار جي آديسين جي ڦوڙائي ۽ فراق هڻي ماري رکيو آهي. کيس ٻيو ڪوبه در نظر نه ٿو اچي جتي وڃي دانهين ٿئي. حقيقي عشق جي چڻنگ چولي ۾ پوڻ کان اڳ هوءَ ڏيهن کي متيون ڏيندي هئي پر اهڙي درد جو شڪار پاڻ ٿي وئي ۽ سندس متيون ئي منجھي ويون، کيس پنهنجي ڪمزوريءَ جو چڱي طرح احساس آهي. هن بيت ۾ لطيف سائين عورت کي طالب طور پيش ڪيو آهي.

    پورب مارياس، ڪھ در ڏيان دانهڙي
    متيون ڏيندي لوڪ کي، چري پاڻ ٿياس
    جنين نه جيهاس، مان لونءَ لڳي تن سين
    ڀٽائي گھوٽ جي آڏو اهو سچو سالڪ نه آهي جيڪو سُک جو طلبگار آهي ۽ پنهنجي داتا جو در ڇڏي ماڻهن جي در تي اٽي ۽ اَنَ لاءِ ڀٽڪندو ٿو رهي. اهڙي ساميءَ ته تن کي تسيو ڏيڻ سکيو ئي نه آهي. هو فقط ظاهري ڏيک ويک لاءِ ڪاپڙي ڪوٺائي ٿو ۽ ڪن چيرائي ٿو. جيئن کيس عام لوڪ ۾ عزت ملي. پر سچن سالڪن آڏو سندس اهو ڍونگ پڌرو ٿي پوي ٿو.

    سامي چايين سُکُ طلبين، تسيا ڏئين نه تَنَ
    ماڙهن ڏي منه ڪئو، پني اٽا ۽ اَنَ
    ڪاپڙي تو ڪنَ، ڪه چيرايا چشن لئه
    سامين تي سکُ حرام هوندو آهي. سُک جي طلب ڪرڻ وارا سامي سڏائي ئي نه ٿا سگھن. لطيف سائين جي نظر ۾ اهڙو سُک جو طالب سامي اڃا اوراهين پنڌ ۾ آهي. گويا هو منزل رسڻ کان اڳ ئي همٿ هاري ٿڪجي پيو آهي ۽ تعجب ته اهو جو وري اهڙو ڳهيلو طالب پنهنجي رب کي راضي ڪرڻ کان سواءِ ئي پاڻ کي انعام جو حقدار سمجھي ويٺو آهي، جڏهن ته کيس اٺئي پهر پرينءَ جي پچار ۾ گذارڻ گھرجن. جنهن کان پوءِ وڃي هوڪنهن انعام جو حقدار ٿيندو.

    سامي چايين سُکُ طلبين، سِکين نه سامي
    اڃا اورين پنڌ ۾، ويين وسامي
    گُرَ کي تون نه گڏيين، چايين اِنامي
    دائم مدامي، پورو رهج پرينءَ سين​
    مرشد طرفان مليل سوغات جي اهميت ڪو ان جي مريد کان پڇي جنهن کي اها نعمت نصيب ٿي هجي. اهڙي سعادتمند مريد کي جيڪا گُر کان گودڙي ملي سان مٿس ڏاڍي سهڻي ٿي سونهين، جيڪي ان سوغات جو احترام ڪندي اها ادب سان اوڍيندا انهن کي ئي اصلي منزل ملي ويندي.

    گُرَ جا ڏني گودڙي، سا مون گھڻو سُهاءِ
    نيئي رساڻي ماءِ، اوڍين جي ادب سين
    ڪائنات جي تخليق ان خالق جو عظيم ڪارنامو آهي. لطيف سرڪار ان سالڪ سان مخاطب آهي جيڪو دنيا ۾ ڀانت ڀانت جا نظارا، رنگ برنگي گل گلبن، سمنڊ، پهاڙ، آبشار، درياءَ، سج، چنڊ تارا ۽ ڪهڪشان ڏسي ڪردگار جي اهڙي ڪاريگريءَ تي حيرت ۾ اچي وڃي ٿو. شاھ سائين کيس فرمائي ٿو ته حيرت نه کاءُ اهو سڄو مانڊاڻ منڊيندڙ اها هڪڙي ئي ذات آهي ۽ اهي سڀ سندس هستيءَ جا مظهر آهن.

    گُلَ گُلَ پسي گودڙيا، گھڻا مَ ڀانئيج
    سوئي سڃاڻيج، هيءُ هُو آهي هيڪڙو​
    سچ آهي ته ڏُک انسان جي اندر کي ڌوئي اجرو ڪندو آهي. ڏکُ ۽ سُکُ سڪي جا ٻه پاسا آهن. لطيف سرڪار چيو آهي ”ڏک سکن جي سونهن، گھوريا سُکَ ڏکن ري“
    ويهين صدي جي ڏاهي خليل جبران پنهنجي شهره آفاق تصنيف The Prophet ۾ ڏک جو ذڪر ڪندي لکي ٿو:
    ”ڏکُ جيترو اونهو اوهان جي وجود ۾ ويندو، اوتري وڌيڪ اوهان وٽ خوشيءَ جي ماپڻ لاءِ جاءِ پيدا ڪندو.“
    سچا سالڪ سک جا طالبو ڪونه هوندا آهن. اهي پنهنجي دل کي دنيا جي دکن سهڻ جو عادي بڻائي ڇڏيندا آهن، جنهن سان سندن دل ڌوپي صاف ٿي ويندي آهي. حضرت خواجه محمد زمان اهڙن سچن صوفين لاءِ فرمايو:

    صوفين صاف ڪيو، ڌوئي ورق وجود جو
    تڏهن تن ٿئو، جيئري پسڻ پرينءَ جو​
    لطيف سرڪار پڻ هيٺين بيت ۾ اهڙن ئي انمول انسانن جو ذڪرٿو ڪري جن ڏکن جا صدما سهي پنهنجي دل کي اجرو ڪري ڇڏيو آهي. تَنَ جي صفائيءَ کان وڌ مَنَ جي صفائي درڪار آهي، تنهن ڪري هاڻي انهن کي ڌاڳن ڌوئڻ جي ضرورت هرگز نه آهي. اهي خالق جي خوف ۾ روح سان روئندا آهن. سور کان سواءِ ته ڪو سچو سامي ٿي ئي نه ٿو سگھي.

    دل ڌوتائين دک سين، ڌاڳا هڏِ مَ ڌوءِ
    لاهوتي لطيف چئي، روحان اندر روءِ
    ڪونه ڏٺو سين ڪوءِ، سناسي ۽ سور ري!
    هاڻي پورب جي ٻئي موضوع ۽ سُر جي پهرين داستان، جنهن ۾ قاصد جو ذڪر ملي ٿو تي هڪ سرسري نظر وجھون ٿا.
    تاريخ ٻڌائي ٿي ته ماضي ۾ ڪبوتر کان قاصد جو ڪم پئي ورتو ويو آهي پر لطيف سائين سنڌ جي روايت کي خيال ۾ رکي ڪانگ کي قاصد بڻايو آهي. جنهن مان سندس قومي روايتن سان پيار جو پتو پوي ٿو. ڪانگ کي قاصد بڻائي پرينءَ ڏانهن پيغام موڪلڻ وقت هو کيس تاڪيد ٿو ڪري ته اي ڪانگ! وڌيڪ دير نه ڪر، الله جي واسطي منهنجي محبوب جي ماڳن تي تڪڙو اڏامي پهچ. مان جيڪي نينهن جا نياپا توکي ڏيان انهن کي ساھ ۾ سانڍي رکج. مون ۽ پرينءَ جي وچ وارن مخفي رازن رمزن جي پروڙ پرينءَ کانسواءِ ڪنهن ٻي کي هر گز نه پوڻ گھرجي.

    اُڏر لڳ الله، ويلو ڪر مَ وچ ۾
    آءٌ جو ڏيان سنيهو، سانڍ برابر ساھَ
    سندي ڳھجاندر ڳاھ، ڪهج مَ قريبن ري​
    لطيف سرڪار پنهنجي محبوب جي خير خبر وٺڻ ۽ پرينءَ تائين پيغام پهچائڻ عيوض ڪانگل جي پَرن کي سونَ سان سينگارڻ لاءِ تيار آهي. ڏسو ته بيت ۾ ڪهڙي نه نازڪ خيالي سمايل آهي:

    پرين جي پرديس ۾، تنهن جي ڪانگا ڪج خبر
    ته سڀ مڙهايان سونَ سين، پکي تنهنجا پر
    گھمي مٿان گھر، ڏِج پارانڀا پرينءَ کي​
    سچي سڪ جي راھ ۾ طالب کي پنهنجي جان جي پرواھ ڪرڻي نه آهي. ڇا لاءِ ته محبت هميشه قرباني گھرندي آهي. لطيف سائين سچو طالب هو تنهن ڪري ئي هو ڪانگل سان هن ريت مخاطب ٿئي ٿو. اي ڪانگل! مان پنهنجي هٿن سان توکي پنهنجي دل چيري ڪڍي ڏيان جيڪا منهنجي محبوب جي اڳيان وڃي کاءُ. ممڪن آهي ته منهنجو پرين توکان پڇي وٺي ته هيءَ جان جي قرباني ڪنهن ڪئي.

    ڪڍي ڪانگل تو ڏيان، هِنيون ساڻ هٿن
    وڃي کاءُ ولات ۾، اڳيان عجيبن
    پرين مانَ پڇن، ته هيءَ قرباني ڪنهن ڪئي​

    اڄ ڪانگ وڻ تي لات لنوي رهيو آهي، عاشق کي سندس جسم مان مُشڪَ ۽ کٿوري جي خوشبو پئي اچي ڇالاءِ ته ڪانگل پرينءَ جي پار کان واپس وريو آهي. عجيبن جي اڱڻ اورانگھڻ ۽ دوستن جي ديدار ڪرڻ سبب ئي سندس اهميت وڌي وئي آهي. هاڻي اهڙي قاصد کي فقط اکين پسڻ سان ئي عاشق جي اندر جا اولا لهي ويا آهن ۽ سندس من جي آنڌ مانڌ ختم ٿي وئي آهي.

    ڪانگل قريبن جا، اچي وائي وڻ
    تو ۾ بوءِ بهار جي، مُشڪَ کٿوري مڻ
    اچي عجيبن جو، اورانگھج اڱڻ
    توکي پسي تڻ، سورنئان صاف ٿئي
    پرينءَ جي پار جي هر ڪا وٿ انمول هوندي آهي عاشق انهيءَ تان تن من ۽ ڌن هر شي قربان ڪرڻ لاءِ تيار ٿي ويندو آهي. شاھ سائين کان پوءِ ٻين به ڪيترن شاعرن اهڙي قسم جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. حمل فقير فرمايو ته پرينءَ جي پار جي ڪاري ڪُتي اڱڻ تي جيڪر اچي وڃي ته هوند سڀ لغاري ان ڪُتيءَ تان قربان ڪري ڇڏيان.

    پريان سندي پار جِي، جي اچي ڪُتي ڪاري
    ته اسين سڀ لغاري، تنهن ڪُتيءَ تان قربان ٿيون​

    ويهين صدي جي عوامي شاعر مولانا ثناءُ الله ثنائي پڻ اهڙي قسم جو اظهار پنهنجي شاعريءَ ۾ ڪيو آهي. فرمائي ٿو:

    مديني جي ڪُتيءَ هڪ تئون، اسان جهڙا لکين گھوريا
    ثنائي پير چم تنهن جا، پرينءَ جي پار جي آهي​
    لطيف سائين پرينءَ جي پار جي فقط ڪُتي تي اڪتفا ڪانه ڪئي آهي پر ان سان گڏ ڪانگ کي به شريڪ ڪيو آهي. فرمائي ٿو ته محبوبن جي ماڳ جو ڪو ڪُتو توڙي ڪانءُ جيڪڏهن مون در اچي نڪري ته جيڪر مان انهيءَ جي مٿان ڪوڙين ڀيرا قربان ٿي وڃان.

    ڪُتو جي ڪانءُ، پريان سندي پار جو
    انهن مٿان آءٌ، ڪوڙين قرباني ٿيان​
    [/JUSTIFY]
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    جواب: شاهه سائين جي سُر پورب جو مطالعو

    سائين رضوان گل صاحب مهرباني

    اوهان جا ٿورا جو اوهان منهنجي عرض کي مانائتي موٽ ڏني ۽ سنڌ سلامت تي سائين بشير احمد شاد جو شاه صاحب جي سر پورب تي لکيل تفصيلي مضمون ونڊ ڪيو۔

    ڪڍِي، ڪانگا! تو ڏِيان، هِنئون ساڻُ هَٿَنِ؛
    وَڃي کاءُ وِلاتَ ۾، اڳيان عَجِيبَنِ؛
    پِرين مانَ چَوَنِ، ته هِئَن قُرِبانُ ڪيرُ ٿِئي!

    هن سر ۾ شاه صاحب ڪانگل کي به خوب ڳايو آهي ۽ سندس قاصديء جي ڪم کي بار بار ساراهيو آهي۔

    اميد ته اوهان سنڌ سلامت تي ڀيرو ڀڃندا رهندا
     
  3. رياض حسين گلال

    رياض حسين گلال
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏19 نومبر 2009
    تحريرون:
    4,559
    ورتل پسنديدگيون:
    342
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    راڌڻ اسٽيشن ضلعو دادو
    جواب: شاهه سائين جي سُر پورب جو مطالعو

    سائين تمام بهترين ونڊ آهي .
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو