• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ اسيمبليء جي ميمبر رام سنگھ سوڍي جي هندستان منتقلي

سليمان وساڻ

مينيجنگ ايڊيٽر
انتظامي رڪن
لائيبريرين
سنڌ اسيمبليء جي ميمبر رام سنگھ سوڍي جي ڀارت منتقلي

2dki8v8.jpg


خبرون آهن ته سنڌ اسيمبليء ۾ مسلم (ق) جي ٿرپارڪار مان چونڊيل ايم پي اي رام سنگھ سوڍي پنهنجي خاندان سميت هندستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي & سنڌ اسيمبليء جي ميمبرشپ تان به استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. رام سنگھ سوڍو اسيمبليء جي بجيٽ اجلاس کانپوء علاج جي بهاني هندستان ويو هو ۽ ٻيهر واپس ڪونه آيو آهي ۽ اتان ئي ڇهن مهينن کانپوء استعيفا لکي موڪلي آهي. رام سنگھ سوڍي جي خاندان ٿرپارڪار ضلعي مان پنهنجي سموري جائداد وڪڻي ڇڏي آهي ۽ سمورو خاندان هندستان منتقل ٿي ويو آهي.

هڪ اندازي مطابق پاڪستان مان ڪيئي هندو خاندان هندستان منتقل ٿي چڪا آهن جن مان اڪثريت جو تعلق جيڪب آباد ضلعي سان آهي . سنڌ ۾ ڪيئي هندو خاندان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن ، اغوا ۽ ڦر لٽ ۽ ڏاڙن جي واقعن سبب هو هاڻي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ ۾ به ڏکيائون محسوس ڪري رهيا آهن.

سنڌ کي هندو خاندانن جي لڇپلاڻ سان ڪهڙو ۽ ڪيترو نقصان پهچندو اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو جو ورهاڱي کانپوء سندن وڃڻ سان جن ماڻهن جاء والاري انهن ڌرتيء جي وارثن سان ڪهڙو حشر ڪيو اها سڀني کي خبر آهي.
 
جواب: سنڌ اسيمبليء جي ميمبر رام سنگھ سوڍي جي هندستان منتقلي

سنڌ اسيمبليء جي ميمبر رام سنگھ سوڍي جي ڀارت منتقلي

2dki8v8.jpg


خبرون آهن ته سنڌ اسيمبليء ۾ مسلم (ق) جي ٿرپارڪار مان چونڊيل ايم پي اي رام سنگھ سوڍي پنهنجي خاندان سميت هندستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي ۽ سنڌ اسيمبليء جي ميمبرشپ تان به استعيفاٰ ڏئي ڇڏي آهي. رام سنگھ سوڍو اسيمبليء جي بجيٽ اجلاس کانپوء علاج جي بهاني هندستان ويو هو ۽ ٻيهر واپس ڪونه آيو آهي ۽ اتان ئي ڇهن مهينن کانپوء استعيفا لکي موڪلي آهي. رام سنگھ سوڍي جي خاندان ٿرپارڪار ضلعي مان پنهنجي سموري جائداد وڪڻي ڇڏي آهي ۽ سمورو خاندان هندستان منتقل ٿي ويو آهي.

هڪ اندازي مطابق پاڪستان مان ڪيئي هندو خاندان هندستان منتقل ٿي چڪا آهن جن مان اڪثريت جو تعلق جيڪب آباد ضلعي سان آهي . سنڌ ۾ ڪيئي هندو خاندان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن ، اغوا ۽ ڦر لٽ ۽ ڏاڙن جي واقعن سبب هو هاڻي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ ۾ به ڏکيائون محسوس ڪري رهيا آهن.
سنڌ کي هندو خاندانن جي لڇپلاڻ سان ڪهڙو ۽ ڪيترو نقصان پهچندو اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو جو ورهاڱي کانپوء سندن وڃڻ سان جن ماڻهن جاء والاري انهن ڌرتيء جي وارثن سان ڪهڙو حشر ڪيو اها سڀني کي خبر آهي.

مون ڪلهه بي بي سي اردو نيوز ويب سائيٽ تي ان باري ۾ خبر پڙهي هئي۔۔ ڏاڍو افسوس ٿيو ۔۔ سنڌ ۾‌ هينئر سنڌي واڻين سان جيڪا جٺ ڪئي پئي وڃي اها ڪنهن کان به ڳجهي نه آهي۔۔۔ پري ڇو ٿا وڃو۔۔۔ پنهنجي فورم جو هڪ محنتي دوست پڻ سنڌ مان لڏي هندوستان هليو ويو ۔۔۔ اهو سبب ان کان پڇندو ته اهو به اها ڳالهه ٻڌائيندو، ساڻس ڪهڙي وارتا ٿي گذري آهي اها ان کولي ته نه ٻڌائي پر سندس ڳالهين مان مست کي اندازو ٿي ويو ته ان سان اهي ئي جٺون ٿين پيون جيڪي روز اخبارن ۾ پڙهون پيا۔۔
اهڙي طرح اخبارن ۾ روز ڏسندو ته خبر پوندي ته ڪڏهن وڏن توڙي ننڍڙن ٻارن جي اغوا براءِ تاوان، ڦر لُٽ، انهن جي مندرن جي ڀڃ ڊاهه۔۔۔۔ فقط ڪجهه ماڻهن جي شرپسنديءَ جي ڪري سنڌ ڌرتيءَ جا اهي وارث هاڻي ملڪ ڇڏڻ شروع ٿي ويا آهن۔۔۔۔ ڏوهي ته اسان به آهيون جو ان سلسلي ۾ ڪجهه ڪڇيون ڪونه ٿا۔۔ بس خبرون پڙهي چپ ٿا ٿي وڃون۔۔۔​
 
جواب: سنڌ اسيمبليء جي ميمبر رام سنگھ سوڍي جي هندستان منتقلي

اهڙا زورآور ماڻهون به لڏي پيا وڃن، ته ويچارا غريب واڻيان ڪٿي رهندا ۔۔۔ سنڌ ۾ الائجي ڇو اها حالت آهي ۔۔؟ پر پنجاب ۾ ته سکن جا مذهبي ٺڪاڻا نه فقط محفوظ بلڪ حڪومتي پناهه ۾ آهن ۽ انهن تان ڪروڙي روپيا سالانه ڪمائڻ جي چڪر ۾ دنيا ڀر جي سکن کي پنجاب ۾ رهائڻ ۽ انهن جي پرگهور لهڻ لا وڏا جتن ٿين ٿا ۔۔۔

پر ساڳيا سنڌي واڻيان دنيا مان سنڌ ۾ اچن ٿا ته سنڌين کي واڻيون ۽ گهٽيا لفظن سان پڪاريو وڃي ٿو ۔۔۔ الائجي ڇو ائين آهي ۔۔۔؟؟؟

سنڌ جا ماڻهون ايترا ڪٺور ته نه هيا پر پو هي ڇا ٿي ويو آهي ۔۔۔؟؟؟
 
Back
Top