سنڌ اسيمبليء جي ميمبر رام سنگھ سوڍي جي ڀارت منتقلي

خبرون آهن ته سنڌ اسيمبليء ۾ مسلم (ق) جي ٿرپارڪار مان چونڊيل ايم پي اي رام سنگھ سوڍي پنهنجي خاندان سميت هندستان ۾ رهڻ جو فيصلو ڪري ڇڏيو آهي & سنڌ اسيمبليء جي ميمبرشپ تان به استعيفا ڏئي ڇڏي آهي. رام سنگھ سوڍو اسيمبليء جي بجيٽ اجلاس کانپوء علاج جي بهاني هندستان ويو هو ۽ ٻيهر واپس ڪونه آيو آهي ۽ اتان ئي ڇهن مهينن کانپوء استعيفا لکي موڪلي آهي. رام سنگھ سوڍي جي خاندان ٿرپارڪار ضلعي مان پنهنجي سموري جائداد وڪڻي ڇڏي آهي ۽ سمورو خاندان هندستان منتقل ٿي ويو آهي.
هڪ اندازي مطابق پاڪستان مان ڪيئي هندو خاندان هندستان منتقل ٿي چڪا آهن جن مان اڪثريت جو تعلق جيڪب آباد ضلعي سان آهي . سنڌ ۾ ڪيئي هندو خاندان پاڻ کي غير محفوظ سمجهي رهيا آهن ، اغوا ۽ ڦر لٽ ۽ ڏاڙن جي واقعن سبب هو هاڻي پنهنجو ڪاروبار ڪرڻ ۾ به ڏکيائون محسوس ڪري رهيا آهن.
سنڌ کي هندو خاندانن جي لڇپلاڻ سان ڪهڙو ۽ ڪيترو نقصان پهچندو اهو ته وقت ئي ٻڌائي سگهي ٿو جو ورهاڱي کانپوء سندن وڃڻ سان جن ماڻهن جاء والاري انهن ڌرتيء جي وارثن سان ڪهڙو حشر ڪيو اها سڀني کي خبر آهي.