سياري ۾ ميڪ اپ ڪهڙو ڪجي
ردا سومرو
عوامي آواز ميگزين تان ورتل
ردا سومرو
موسم جي حساب سان ميڪ اپ ڪرڻ توهان جي چمڙيءَ جي لاءِ ضروري آهي، ڪجهه خاص موسمن ۾ توهان جي چمڙي متاثر ٿي سگهي ٿي. سياري جي موسم به ڪجهه اهڙي آهي، جنهن ۾ ٿڌي هوا لڳي ٿي.
چپن جي حفاظت
سياري جي موسم ۾ سخت ٿڌ ۾ گهڻو ڪري چپ وڌيڪ متاثر ٿيندا آهن، چپن کي سياري جي مند ۾ نقصان کان بچڻ لاءِ موئسچرائيزر جو استعمال وڌيڪ ڪريو. ڏينهن جو توهان لپ گلوس به استعمال ڪري سگهو ٿا، جڏهن ته چپ اسٽڪ چپن کي ڦاٽڻ کان بچائي سگهي ٿي. واٽر بيسڊ لپ گلوس هن موسم ۾ سٺي چونڊ ثابت ٿئي ٿي.
چمڙيءَ جي سار سنڀال
سياري ۾ چمڙيءَ جي حفاظت کان ڪڏهن به غافل نه رهو، ڇو ته جيستائين توهان جي چمڙي تازي ۽ صحت مند ناهي ته ان تي ميڪ اپ به سٺو نه لڳندو. ان لاءِ ڪلينزنگ لازمي اهي ۽ موئسچرائيزر جو استعمال سڄو سال جاري رکو. ان سان توهان جي چمڙي خشڪيءَ کان محفوظ رهندي.
درست شيڊز
سياري جي مند ۾ ميڪ اپ جو درست شيڊ چونڊيو، ان لاءِ اهو بهتر آهي ته توهان نيوٽرل شيڊز استعمال ڪريو. مثال طور هلڪو برائون، گري، گلابي ۽ پرپل. آهي شيڊز استعمال ڪرڻ وقت اهو خيال رکو ته انهن جو آءِ شيڊ ۽ لپ اسٽڪ تي اثر ته نه ٿو پوي.
فائونڊيشن
سياري جي موسم ۾ هلڪو فائونڊيشن صحيح آهي، ان سان خشڪي به نه ٿيندي.