• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ميهڙ جي قديم ٽڪنڊي بلڊنگ کي ڊاهي شاپنگ سينٽر ٺاهڻ جون تياريون

ڦلپوٽو فقير

سينيئر رڪن
31-Mehar1.jpg


ميهڙ ۾ 150 سال قديم ۽ تاريخي ٽڪنڊي بلڊنگ کي ڊاهي شاپنگ سينٽر ٺاهڻ جون تياريون شروع ڪيون ويون آهن، تاريخي عمارت جي اولهه واري حصي کي ڊاهڻ جو ڪم به شروع ڪيو ويو آهي، ميهڙ جي سڃاڻپ بڻيل تاريخي بلڊنگ کي بچائڻ لاءِ آرڪيالاجي کاتي سميت ڪنهن به تحرڪ ناهي ورتو، واضح رهي ته اها بلڊنگ 150 سال اڳ زميندار ۽ واپاري پريتم داس ٺهرائي هئي، 3 ماڙ تاريخي بلڊنگ ۾ پريتم داس جون 2 پيڙهيون رهيون، ورهاڱي بعد لڏ پلاڻ دوران اها بلڊنگ سندن مائٽن حوالي ٿي، جن 1967ع ۾ وڪيل فيض محمد ٻرڙو کي وڪرو ڪري ڏني، فيض محمد ٻرڙو آڪٽوبر 2010ع ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس وفات بعد سندس 3 ڌيئرن جي حصي ۾ هيءَ بلڊنگ آئي، ٻئي طرف ميهڙ جي سڄاڻ ڌرين اديبن، شاعرن، آرڪيالاجي کاتي ۽ ضلعي انتظاميا کي قديم تاريخي بلڊنگ کي بچائڻ جي گهر ڪئي آهي.


روزانه ڪاوش جي ٿورن سان
 
جواب: ميهڙ جي قديم ٽڪنڊي بلڊنگ کي ڊاهي شاپنگ سينٽر ٺاهڻ جون تياريون

اسان جي گورنمينٽ جو ته ڪو حال ڪونهي انهن جي آسري تي نه لڳجو۔

باقي ڪنهن جي ذاتي ملڪيت هجي ته ان جي مرضي آهي کيس قانوني طور روڪي نه ٿو سگهجي ۔ باقي ميهڙ جو عوام ۽ سڄاڻ ڌريون گڏجي چندو به ڪن ته ڪم ٿي سگهي ٿو پر اهڙا ڪم اسان جي روايت ۾ ئي ناهن رهيا۔
 
Back
Top