وقت آھي تھ نسلي,مذھبي,قومي, شخصي انا پرستي ڇڏي پنھنجن خولن مان ٻاھر نڪري اچون ۽ توبھن ڪريون پوءِ متان مصر انقلاب وانگر دير ٿي وڃي قيامت شروع ٿي چُڪي آھي,انتھا وقت جي خبرناھي ڏنل پراچڻ کان پھرين نشانين جو اظھارحديثن ۾ چٽيءَ طرح ٻُڌايل آھي, پھريون مرحلونسلن ۽ انھن جي پوشاڪن جي تبديليءَ جو ٻيو طوفانن,زلزلن ۽ باھين لڳڻ ۽ آگاھيءَجو,ٽيو ويڙھ ويڙاھي,نا شناخيتِ نافرمانين۽ انسانيت جي تباھيءَ جي شروعات جو۽ آخري طويل مصبتن جي ڪڙڪڻ يعني, مذھبي, نسلي , قومي ۽ اقتصادي فسادن جو ۽مصيبتون بھ اھڙيون جيڪي بظاھرسُٺو ڏيک ڏيندويون پر اندر ۾ نانگ ۽ ڇُرن سان مصلح ھونديون. اھي سڀ لازمي اچڻيون تھ آھن پر انتھا وقت جي خبر ناھي تھوڙي عرصي لاءِ ٽري ضرور وينديون جي ھن عمر ۾ ڏسڻيون ناھن. ۽ اجتمائي اصلاح ٿئي تھ. اسلام پنھنجا بُنيادي اُصول ٻُڌائي چڪو آھي ۽ قرآن ۽ حديثن ۾ چٽو آھي تھ ڪنھن کي ڪنھن تي فوقيت ناھي, نھ عرب کي عجم تي, نھ گوري کي ڪاري تي۽ نيڪ صرف اُھو آھي جيڪو پرھيزگار آھي ۽ مُسلمانن لاءِ لازمي آھي تھ ھو زمين تي فساد برپا نھ ڪن, ۽ مسلمان جو خون مسلمان تي حرام آھي.حديثن ۾ آھي تھ المُسلِم مَن سَلم المُسلمُونَ مِن لِسانھٰ و يدھٰ يعني مسلمان اُھو آھي جنھن جي ھٿ ۽ زبان کان ٻيا مُسلمان سلامت ھُجن. ستندحديثن ۾ اھو بھ اچي ٿوتھ نبي سائين(صلي اللھ عليھ وسلم) جن تي اصحابن جي سامھون وحي آئي ۽ کين ٻُڌايو ويو تھ سندن اُمت ۾ ٻاھتر فرقا پئدا ٿيندا جنھن ما فقط ھڪ فرقو اللھ جل شانھُ ۽ نبي سائين(صلي اللھ عليھ وسلم) جن جي ٻُڌايل طريقي تي ھوندو ۽ ٻيا اسلام جي نالي تي ڏڦير ڦھلائيندا ۽ اسلام مان خارج ھوندا, ملڪن ۾ ڏڦير ڦھلائيندا۽ جھنم رسيد ٿيندا ۽ جڏنھن نبي سائين(صلي اللھ عليھ وسلم) جن کي معراج وقت دوزخ جو منظر ڏيکاريو ويو تھ کين جنھن پھرئين دوزخ جو نظارو ڪرايو ويو ان ۾ فرشتن کين ٻُڌايو تھ ھي سڙندڙ اُنھن ئي ايڪتھر فرقن جا عالم ۽ پيروڪار آھن ۽ ٻئي دوزخ جي منظر ۾ نافرمان ۽ فھاش عورتن کي سڙندي ڏيکريو ويو. . صحابن سوال ڪيو تھ يا رسولُ اللھ صلي اللھ عليھ وسلم اسان جا ماء پي توھان تي قربان ڪيئن خبر پئي تھ اھو ڪھڙو فرقو ھوندو, جواب ڏنائون اھو جيڪو اللھ ۽ مُھنجي ٻُڌايل رستي تي ھوندو, سوال ٿيو تھ اھو تھ ھر فرقو چوندو پاڻ فرمايائون ھا پر اُن جي ھيءَ نشاني ھوندي تھ ھو ھوندا تھ پاڻ ۾ وڙھيل, ھڪ ٻئي کي گھٽ وڌ ڪندڙ پر پوءِ مُھنجي ۽ اللھ جي ٻُڌايل رستي تي ھلندڙن جي مُخالفت ۾ پاڻ ۾ ھڪ ٿي ويندا ۽ صحيح رستي وارو فرقو ھُنن سان ڪڏنھن بھ ۽ ڪنھن صورت ۾ اجتھاد نھ ڪندو ڇو جو ھُو شرڪ ۽ بدعت کان ڪوھ پري ھوندا ۽ پوءِ باقي ايڪھتر فرقا ملي ھُن جي مُخالفت ڪندا معني اللھ جي مُخالفت ڪندا ۽ جھنم رسيد ٿيندا.در حقيقت ھو زمين تي فساد برپا ڪرڻ وارا آھن ۽ ھڪ ٻئي کي قتل ڪندا ۽ فساد ڪرڻ ۽ قتل ڪندڙ مسلمان ئي ناھن. ھڪ ڀيري ڪي ڏُُُور جا صحابي نبي سائين جن وٽ آيا, عرض ڪيا ئون تھ يا رسولُ اللھ صلي اللھ عليھ وسلم فلاڻي علائقي جو مقررڪيل امير حڪومتي معاملن ۾ ڏاڍي سختي ڪري ٿو کين تنبيھ ڪريو تھ حڪومتي معاملن ۾ نرمي اختيار ڪري اھا ڳالھ ٻُڌندي سندن چھرو مُبارڪ ڳاڙھو ٿي ويو ۽ اصحابن تي ناراض ٿي پيا ۽ چيائون خاموش دُنيا جو ڪو بھ حاڪم پنھنجوپاڻ مُقرر نٿو ٿئي پر اُنھن کي اللھ جل شانھُ مُقرر ٿو ڪري ۽ اللھ اھڙا حاڪم مُقرر ٿو ڪري جھڙي قوم ھوندي آھي, ۽ بيشڪ اللھ زيادتي نٿو ڪري, جي حاڪم ظالم جابر ۽ اڳرائي ڪرڻ وارو آھي تھ ضرور اُھا قوم بھ ظالم , جابر ۽ اڳرائي ڪرڻ واري ھُوندي جي توھان چاھيو ٿا تھ اللھ ان جابر حاڪم کي اوھانجي مٿا ھٽائي ۽ نيڪ حاڪم مقرر ڪري تھ تھ قوم ۾ تبليغ ڪريو تھ نيڪ ٿي وڃن, ظلم, ھڪ ٻئي سان ناانصافي,زيادتي, ٻين جي حقن تي قبضا ڪرڻ ڇڏي ڏين ۽ پوءِ اللھ بھ اھڙي قوم لاءِ نيڪ حاڪم مقرر ڪندو. وڃو اُن حاڪم جي اطاعت ڪريو سوا ٻن ڪمن جي, جي شرڪ ۽ بدعت جو داعي آھي تھ بغاوت ڪريو نھ تھ اطاعت جيسين توھان نيڪو ڪار بڻو. تھ دوست ڳالھ جو ڳالھوڙو, توھانجي جي ارد گرد ماحول۽ انقلاب (مذھبي توڙي نسلي) جا نعرا ضرور توھانکي ھن انتھائي, منھنگائي, مفلسي, لاچاري ۽ بُنيادي ضرورتن جي کوٽ ۾ پريشان ڪندا ھوندا ۽ پشيمان بھ ٿيا آھيون جو اللھ جي ڏسيل حقيقي راھ کان ھٽي کيس وساري ويٺا آھيون ۽ اڄ ايڏي سائنسي, سماجي, اقتصادي عمراني, نفساني, مذھبي, نسلي, قومي , مٿاملن ۾ ڦسي پيا آھيون ۽اللھ جي ڏمر ھيٺ اچي ويا آھيون, اڄ اھا بھ خبر نھ آھي تھ ڪير بشر اھي, ڪھڙو مذھبي عقيدو يا نسلي رنگ سھي آھي, ڪھري سياسي سماجي, تنظيم راھ تي آھي ڇو جو سڀ آزمايون سون, اسلام جي نالي کي استعمال ڪري ڪئين تحريڪون ھلايون سون ڪئي جوڌا جوان ۽ جوانڻيون شھيد ڪرايوسون پر نھ مذھب جي رسائي ملي نھ جھموريت نھ نسلي منزل, نھ قومي منزل ملي تھ بُک ۽ تڪليفون. اڃا ڪٿي امريڪا سرڪار جيڪا ھڪدم پنھنجون اکيون ٻوٽي ڇڏيندي آھي ۽ ھر نئين ايندڙ انقلاب ۾ ڀائواري ڪندي آھي, مصر ۾ روپ بدلائي پاڪستان جو رُخ ڪندي, ۽ گھوڙا ميدان ۾ لاٿا ويا آھن, انقلاب جا نعرا دھشت گرد, ڀتا خور ھڻي رھيا آھن ٻئي طرف مُلڪ کي مذھبي رنگ ڏئي ميدان جنگ پاڪستان ۾ دو بدو مُقابلو ڪرايو ويندو, غريب قوم, نسل, مذھب جي نالي تي ڪُسبو ۽ وري بھ بوکيو رکيو ويندو. ھي وقت سمجھڻ ۽ اتحاد جو اھي خُدارا ھوش ۾ اچو ڪنھن مچ جو فيول يا ٻارڻ نھ بڻو فلحال اللھ اللھ ڪريو ۽ ملڪ بچائڻ ۾ يڪجھتي پئدا ڪريو, اتحاد ڪري سرمائيدارن جو پيچھو ڪريو, پنھنجي ارد گرد نظر رکي بليڪ مارڪيٽنگ ڪرڻ وارن تي نظر رکو, ھي ڪاروبارا طبقا ھڪ ٿي ويا آھن جو گورنمنٽ بھ لاچا ۽ بيوس ٿي وئي آھي. ہھر آھي تھ جھيڙا ۽ اختلاف بھ ھلندا, خوني انقلاب آيو تھ غريب ئي ڪُسبو ھوش ۾ اچو, فلھال پنھنجي فلاسافي, دانائي سنڀالي رکو ۽ ٻڌيءَ جو اظھار ڪريو. متان پوءِ چئو تھ بيخبريءَ ۾ مارجي وياسون
جواب: ڇا انقلاب مصر کان پو پاڪستان ۾ به انقلاب ايندو؟ ڪهڙو؟ مزهبي يا نسلي؟ يا خون خر دوست اهو ته هر سياسي پارٽي ۽ سياسيتدان يا وري سامائي قوتن جي سازش رهي آهي جو هو پهنجي مفادن کي حاصل ڪرڻ جي لاء يا پهنجي ڪرسي کا بچائڻ يا ڪنهن جي ڪرسي کي ڪيرائڻ لاء (جيئن مصر۾هلي رهيو آهي ) اهڙا فڏا فساد ڪرائيندا رهيا آهين ان ۾ استعمال عوام جو ڪيو ويندو آهي ڪوئي رنگين دنيا ڏيکاري ڪري انهن جي ذريعي ئي پهنجي مفادن کي حاصل ڪندا آهين ۽ العوام کا الانعام ۔ ۔ ۔ عوام ته عوام هوندي آهي۔ ۔ ۔ خير انسان کي پهنجي حقن لاء لڙڻ گهرجي انهن جي لاء جدوجهد ڪرڻ گهرجي ليڪن گڏوگڏ ان ڳاله جو به خيال رکڻ لازمي آهي ته پهنجي حق کي حآصل ڪرڻ جي ڪوشس ۾ اسان ٻين جي حق تي قبضو ٻي جو حق غصب يا ڪنهن ٻي سان ناجائزي نه ڪيون ۔۔۔۔ باقي ادا پهنجي ملڪ جو ته الله ئي واهي آهي باقي ان ۾ امن امان رهيو ئي ڪڏنهن آهي جو اسان هڪ ي ڪري ان امن امان کي باقي رکون ها دعا ڪري سگهجي ٿي ته الله پاڪ اسان جي ملڪ جي حفاظت فرمائي باقي۔ ۔ ۔ ۔ باقي اسان جي ملڪ ۾ ڪو انقلاب ايندو ان جا اثر اڃا ته مون کي نظر ڪونه ٿا اچن ڇو ته انقلاب ان وقت ايندو آهي جڏنهن قومون بيدار هجن اسان جي قوم اڃا ستل آهي پهنجي مفادن ۾ گم آهي ۔ ۔ ۔ پهنجي ملڪ جي مفاد تي پهنجي ذاتي مفادن کي ترجيح ڏيڻ واري آهي ۔ ۔
جواب: ڇا انقلاب مصر کان پو پاڪستان ۾ به انقلاب ايندو؟ ڪهڙو؟ مزهبي يا نسلي؟ يا خون خر منهنجا سهڻا ڀاءُ عبدالرزاق، لک ٿورا اوهان هڪ سهڻو ليک ونڊ ڪيو آهي ۔۔۔ اوهانجي هن ليک ۾ ٻه حصا آهن هڪ حصو جيڪو دين اسلام جي سمجهاڻي ۽ ان ۾ فرقن جو پئدا ٿيڻ ۽ هڪڙي فرقي جو حق تي هجڻ ۽ قيامت جي نشانين جي ظهور جو اطلاع آهي، ٻيو ۽ آخري حصو آهي؛ مطلب ته سڀ ڪجهه ٿيڻ وارو آهي ۽ اوهانجي صلاح آهي ته اسين الله الله ڪريون، عبادتون ڪريون ۽ چپ ڪري گهرن ۾ ويهون يا وري حق ۽ سچ جو ساٿ ڏيون ۽ ناحق ڪندڙن ۽ ظلم جو ساٿ ڏيڻ وارن جي مخالفت ڪريون ۔۔۔ مطلب اوهانجي صلاح آخري لفظن ۾ اها آهي ته هاڻ جيڪو پاڪستان ۾ ممڻ مچڻ وارو آهي ان ۾ اسين خاموش ٿي ويهون ۔۔۔ ڇاڪاڻ جو اوهان سمجهو ٿا ته اهو سازش جي تحت ڪرايو ويندو ۽ شيطان طرفان هوندو جنهن ۾ بي جا ۽ بي مقصد جانيون قربان ٿينديون ۔۔۔؟؟؟ اوهانجي صلاح ته سڄڻائپ جي آهي پر اڃان ان کي واضح ڪيو وڃي ته آخر ماجرا ڇا آهي ۔۔۔؟ اوهان جي هن ليک ڳڻتيءَ ۾ وجهي ڇڏيو آهي ۔۔۔ رب اوهانجو ڀلو ڪري ۔۔۔ ۽ سنڌي قوم جو حامي ۽ ناصر هجي ۔۔۔ آمين
جواب: ڇا انقلاب مصر کان پو پاڪستان ۾ به انقلاب ايندو؟ ڪهڙو؟ مزهبي يا نسلي؟ يا خون خر سائين نثار صاحب, سوچي سمجھي ھلڻوآھي ۽ جزباتي يا ماحول کان مُتاثر ٿي ڪنھن جو ٻانھ ٻيلي ٿيڻ کان ھٽي ڪري سچ کي ڳولڻو اھي ۽ اللھ سائين اھا ئي تھ صلاحيت حضرت انسان (بشر) کي ڏني آھي تڏنھن تھ اسان اشرف مخلوقات ۾ ڳڻجون ٿا ٻي صورت ۾ سماجي جانور کيل تھ ڏسو پيا تھ ڪيترا حدن کان ٻاھر ٿي ويا آھيون جو جانور ۽ درندھ بھ شرمائين پيا پر اسان کي جس آھي تھ ڪن تي جون بھ نٿي رينگجي, تڏھن تھ چيل آھي تھي اي انسان تون ايڏو ڪٺور دل آھين جو توتي قرآن لاٿو اٿئون تھ بھ توتي اثر نٿو ٿئي, جي جبلن تي لاھيون ھا تھ ڀور ڀور ٿي وڃي ھا. اھا انساني ۽ بشري صلاحيت ئي آھي تھ ھڪ ڪافر سمجھڻ چاھي تھ ماحول نھ ھوندي بھ مُسلمان ٿئي ٿو ۽ جي نھ سمجھڻ چاھي تھ علامن جي گھر ۾ ڇو نھ پليل ھُجي ٽڪيل ھوندو ۽ اٽلڪلون ڪري مذھب جا ڪئين رنگ ٺاھيندو ۽ ھڪ ٻئي کا قتل ڪرائيندو. اللھ اللھ ان ڪري جو قيامت کي ٽاري تھ ھرگز نٿو سگھجي اھريءَ طرح جو سوڪرات ۾ علاج تھ ضرور ھلندو اھي پر موت بل آخر برحق اھي ۽ اھو ڪٿيل اھي ۽ اسان کي لمحن جي خبر ناھي.