• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

منهنجي شاعري

Abdul Wahid Soomro

سينيئر رڪن
مٺا آباد هن دل جو شهر سنسان ٿي ويندو،
وڃڻ کانپوء اوهانجي هي مثل شمشان ٿي ويندو۔

ڪيم ساري حياتي مون وقف هن جي خوشيء لا پر،
نه ٿي ڄاتم ته هڪ ڏينهن هو وبال جان ٿي ويندو۔

نه زلفن کي هٽائي تون رخ هن ذوفشان تان نه ته،
ڏسي جلوو پسي پرده مٺا ايهان ٿي ويندو۔ (ايهان معني چوڏيهن جو چنڊ)۔

يقينن آ ڪٺن منزل محبت جي مڃان ٿو پر،
قدم کڻبو ته منزل جو ملڻ آسان ٿي ويندو۔

گهرائي پنهنجي محفل ۾ ويو منهن موڙي اڄ هو خود،
خبر ڪهڙي سر محفل سڄڻ انجان ٿي ويندو۔

اڙي نادان نه ايڏو بي وفا کي ياد ڪر تون اڄ،
اجايو درد تنهنجي ديد جو مهمان ٿي ويندو۔

اگر "مجروح" اسرار محبت کي پروڙيندي،
ته ڏسجان تنهنجو جيون پڻ مثل زندان ٿي ويندو۔
 
جواب: منهنجي شاعري

اڙي نادان نه ايڏو بي وفا کي ياد ڪر تون اڄ،
اجايو درد تنهنجي ديد جو مهمان ٿي ويندو۔


واه سائين واه تمام بهترين شاعري آهي توهان جي

لفظن کي بهترين انداز ۾ استعام ڪرڻ ڄاڻو پيا

بهترين شيئرنگ آهي ادا

اهڙيون ڪوششون جاري رکجو

سدائين گڏ
 
جواب: منهنجي شاعري

دا تمام بهترين شآعري اوهان جي شاعري تمام بهترين هوندي آهي ۽ سهڻن لفظن تي مشتمل هوندي آهي لک آفرين اوهان کي اهڙي سهڻي شآعري ڪرڻ تي
 
جواب: منهنجي شاعري

واڌايون اوهان کي ۽ سنڌ سلامت کي به اوهان کي سهڻي تخيل تي

اسان وٽ سهڻن ۽ من مهڻن شاعرن ۾ اضافو پيو ٿئي۔ اها ڳاله حوصلا افزا آهي
 
Back
Top