پيارا دوستو،
ڪجھعرصو اڳ اسان جي پياري استاد محترم عبدالماجد ڀرڳڙي صاحب اوبنٽو جو سنڌي ترجمو ڪرڻ لا هڪ ٽيم جوڙي۔ ان ٽيم ۾ سائين مون کي به شامل ڪيو۔
هن وقت آئون صرف انهي ٽيم جي ڪارڪردگي ۽ موجوده پيش رفت بابت ٻڌائڻ چاهيان ٿو۔
اوبنٽو هڪ کليل پروگرام آهي جنهن کي ڪوبه پنهنجي مرضي آهر تبديل ڪري سگهي ٿو۔ ساڳي طرح ڪوبه فرد يا افراد انهي کي پنهنجي ٻولي ۾ ترجمو پڻ ڪري سگهن ٿا۔
هن وقت اسان جي ڪوششن سان سنڌي لوڪيل فائل (جنهن ۾ سنڌي جي انگن، تاريخ جي لکڻي، اکرن جي ترتيب وغِيره شامل هوندي آهي) اوبنٽو ۾شامل ٿي چڪي آهي۔ سنڌي ڪيبورڊ پڻ اوبنٽو ۾ جمع ڪرايو ويو آهي جيڪو پڻ ڪنهن آئندي اشاعت ۾ شامل ڪيو ويندو۔ جڏهن ته ترجمي جو ڪم پڻ جاري آهي۔
ڪنهن به دوست کي پنهنجي ڪمپيوٽر ۾ سنڌي ۾ اوبنٽو ڀرڻو هجي ته ضرور ٻڌائيندا۔ آئون خوشي سان سهڪار ڪندس۔